ڪو وقت هو جو ماڻهو ريڊيو سڻي دل
وندرائيندا هئا، پوءِ فونا آيا ماڻهو ڪيسٽ رکي چاٻي ڀريندا هئا ته چندر ۽ جيوڻي جا
ڪلام ۽ ڪافيون شروع ٿي وينديون هيون. ڌيري ڌيري دنيا جون حالتون بدلجنديون ويون ۽
اسان وٽ به ٽيليويزن اچي ڪڙڪو ڪيو. ريڊيو وغيره تي آواز ٻڌبا هئا پر ٽيليويزن تي هر
شيءِ اسان جي سامهون هئي.
چيو وڃي ٿو ته ٽيليويزن ٻارڙن ۽ شاگردن
جي پڙهائي لکائيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ نوجوانن جا ذهن بگاڙي ڇڏيا اٿس. ان ۾ ٽيليويزن
جو ڏوهه ڪوبه ڪونهي، بلڪ ٽي وي اسٽيشن رکڻ وارن جو ڏوهه آهي. اهي ڀلا انڊيا جي
فلمن واري اسٽيشن رکندا ته پوءِ بقول شاعر:
دل آهي
ديڳڙو، زبان آهي ڏوئي، جو وجهندي نڪرندو سوئي
سو اتي علمي پروگرام شروع ڪونه ٿيندا،
بلڪ اهي انڊيا جون فلمون ڏسڻ ۾ اينديون. حقيقت ۾ ٽيليويزن خراب ناهي بلڪ ڏسڻ وارا
خراب آهن، ڇو ته اهي هن مان ڪهڙو فائدو وٺڻ چاهين ٿا.
آمريڪا جي هڪ ڏاهي ڊاڪٽر مائيڪل جو چوڻ آهي
ته:
ٻارن لاءِ ٽيليويزن
هڪ ڇپيل ڪتاب کان به بهتر آهي.
حقيقت به اها آهي ته:
· ٽيليويزن تان
تعليمي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
اصلاحي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان ادبي
پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
اسلامي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
تبليغي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
سياسي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
سماجي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
تاريخي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
تحقيقي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان
تنقيدي پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان ادبي
پروگرام به اچن ٿا.
· ٽيليويزن تان علمي
پروگرام به اچن ٿا.
مطلب ٽيليويوزن ۾ هر سٺي شيءِ موجود آهي
پر مسئلو ۽ معاملو اهو آهي ته اهڙا پروگرام ڪير ڏسي!
Comments
Post a Comment