سائنس جا ڪارناما/ ڪرشما/ ايجادون


سائنسدانن نت نيون ايجادون ڪري جتي بني نوع انسان جو ڀلو ڪيو آهي، اتي ايٽم بم ۽ جديد ترين هٿيارن سان انساني زندگي کي هڪ مسلسل خطري سان دوچار ڪري ڇڏيو آهي. ٻي جنگ عظيم ۾ هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ڪيرايل ايٽم بمن جو مثال اسان جي اڳيان آهي.

ويهين صدي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ جي صدي هئي. هن صدي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جيتري ترقي ڪئي. گذريل صدين ۾ ايتري ترقي نه ٿي، موجوده دور ۾ يورپ ۽ خصوصن آمريڪا سائنس ۾ ايتري ترقي ڪئي جو سڄي دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. سائنس جي ايجان سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

هي سچ آهي ته سائنس انسان کي بهترين آسائشون مهيا ڪيون آهن، انسان صدين ۽ سالن تي محيط فاصلن کي ختم ڪري ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ تبديل ڪيو آهي.

انسانن جديد ٽيڪنالاجي ڪري گهڙي ۽ گهڙي جون خبرون پوري دنيا ۾ پهچايون آهن. سفر ايترو تيز ۽ آرماده ٿي ويو آهي. صبح جي نيرن گهر، مانجهاندو لنڊن ڪري شام واپس گهر اچي سمهي سگهجي ٿو.

سائنس جي ايجاد ٽي وي، ڊش، انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ جهيڙين جديد ٽيڪنالاجين جي مدد سان هزارين ميل پري ٿيڻ واري واقعن کي اسان پنهنجي اکين جي اڳيان ٿيندي ڏسون ٿا، ڄڻ ته اهي اسان جي اڳيان ئي رونما ٿيا هجن.

ڪمپيوٽر جهڙي عجب ۾ وجهندڙ ايجاد جو اسان جي حياتيءَ ۾ ايتري قدر عمل دخل ٿي چڪو آهي جو ڪنهن به زندگيءَ جي شعبي ۾ ڪمپيوٽر کي لازمي تصور ڪيو وڃي ٿو.

سائنس جي ترقي جي بدولت انسان چنڊ کي پنهنجي فولادي پيرن سان تسخير ڪيو آهي. جڏهن ته هاڻي ٻين گرهن جي تسخير لاءِ تياي ڪئي وڃي ٿي، سائنس جي ڪري انسان اسرارن کي بي نقاب ڪيو آهي، سائنس جي ڪري انسان ڪافي پوشيده راز بي نقاب ڪيا آهن، انسان کي به سائنس بي پناهه آسائشون، آسانيون ۽ سهولتون بخشيون آهن، اڄ ڪوبه ماڻهو اهڙو نه آهي جيڪو سائنس جي سهوليتن مان فائدو نه وٺندو آهي. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هر پهلو کي سائنس متاثر ڪيو آهي، انسان سائنس جي وسيلي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو آهي هزارين ميلن تان آواز ۽ تصوير حاصل ڪري سگهي ٿو، بجليءَ تي هلندڙ مشين، فرج، پکن، ايئر ڪنڊيشن انسان کي ڪيڏو سڪون بخشيو آهي. سائنس انساني خدمت ۽ فائدي لاءِ ايڏيون ايجادو ڪيون آهن جو انهن جي ڳڻپ به مشڪل آهي.

سائنس جي ڪري هڪ طرف انسان چنڊ تي پتهو، مريخ ۽ عطار تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻئي پاسي سمنڊ جي تري ۾ انساني آبادين لاءِ پيو ٿو سوچي.

ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڪا بيماري ڪنهن ملڪ، شهر يا رياست ۾ واهيرو ڪندي هئي ته ان وقت آبادين جون آباديون ان جي نظر ٿي وينديون هيون، مگر اڄ سائنس جي ڪري ڪا به بيماري لاعلاج نه رهي آهي، تمام بيمارين جون دوائون تيار ڪيون ويون آهن، اڄ سلهه ۽ ماتا جهڙين موذي مرضن جو علاج پيو ٿئي. اڄ مئل جيئرا پيا ٿين، دل، دماغ جهڙن نازڪ عضون جا آپريشن پيا ٿين، عضون جي پيوندڪاري ٿئي ٿي، انڌن کي اکيون ٿيون ملن، جيري جگر ۽ بڪيءَ جا آپريشن پيا ٿين.

سائنس ڪري زمين جو سينو چيري اهڙيون معدنيا ڪڍيون ويون آهن، ڌاتو لڌا ويا آهن، سون، چاندي، لوهه، يورينيم، پلاٽينيم لڌا ويا آهن.

سائنس ڪري انسان دريائن جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ سو سال اڳ ۾ انسان تصور به نه ڪيو هو، لوهه کي هوا ۾ اڏاريو ۽ هوائن جي آڌار سفر ڪيو، سمنڊن ۾ ريلون هلايون، وڏن وڏن دريائن تي بند ٻڌي انسانيت لاءِ اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو صدين تائين انسانيت ٿورائتين نظرن سان اهڙن عظيم انسانن کي ڏسندي رهندي.

سائنس ڪري زراعت ۽ صنعت کي ترقي ملي، اڄ هڪ فصل بجاءِ ٽي چار فصل سال ۾ حاصل ڪيا وڃن ٿا، سائنس ڪري زراعت جا جديد اوزار آيا، اڄ پوکائي کان وٺي لڻائي تائين، ڳاهه کان وٺي جنس کي مارڪيٽ پهچائڻ تائين انهن زرعي اوزارن رستي ٿئي ٿي.

سائنس انسان جي سوچ ۽ فڪر کي نئون موڙ ڏنو، شعور ۽ جاڳرتا پيدا ٿي، توهمات جو خاتمو آيو، جنهن مشين کي انسان پوڄيندو هو اهي مشينون سائنس جي وسيلي انسان جي گرفت ۾ آهن.

سائنس ڪري جديد ڪارخانا، ملون ۽ فيڪٽريون تعمير ٿيون، جنهن ڪري مزدورن جو ڀلو ٿيو، غربت گهٽي، بي روزگاريءَ ۾ گهٽتائي آهي، صنعت ۽ حرفت کي فروغ مليو ۽ ڪيترائي ترقيءَ جي معراج تي پهتا، سائنس موسمي تبديلين کي به جديد ٽيڪنالاجي ڪري پنهنجي طابع ڪري ڇڏيو آهي. اڄ اونهاري ۾ به سياري جو مزو وٺجي ٿو ۽ سياري ۾ اونهاري جو.

سائنس ڪري اونهاري وارا توڙي سياري وارا ميوا جڏهن به ۽ جنهن به مند ۾ گهرو حاصل ڪري سگهجن ٿا.

سائنس ڪري مهلڪ شيون به ايجاد ٿيون، اڳ انسان ڀالن ۽ تلوارن سان جنگ وڙهندو هو اڄ اها جنگ بمن ۽ ميزائلن سان وڙهي پئي وڃي. اهڙا خوفناڪ هٿيار راڪيٽ وغيره تيار ڪيا ويا آهن جو سڄي دنيا خوف ۾ ورتل آهي. خودڪار هٿيارن سان هڪ ڪمزور انسان سوين انسانن کي ماري ٿو ڇڏي.

مطلب ته سائنس جي ڪري انسان عيش ۽ آرام واري زندگي گذري رهيو آهي.

اها حقيقت آهي ته سائنس نه رڳو جسماني ۽ مادي سهولتون پر ذهني خوراڪ جو به اهتمام ڪيو آهي، سائنس علم کي سکيو ۽ سستو ڪيو آهي. انسان کي سدائين الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more