آگسٽ 1947ع کان اڳ پاڪستان ۽ هندستان هڪ
ئي ملڪ هندستان جو حصو هئا، پر مسلمانن جي گهر تي، هندستان جو ورهاڱو ڪري، مسلمانن
کي هڪ ڌار خودمختيار علائقو ڏنو ويو. بدقسمتيءَ سان ورهاڱي کان ٿورو ئي پوءِ ٻنهي
ملڪن جا ناتا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندا ويا، ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ٽي ڀيرا ويڙهه به ٿي چڪي
آهي. حقيقت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب ڪشمير ۽ نهري پاڻيءَ جو مسئلو رهيا
آهن. جيتوڻيڪ نهري پاڻيءَ جي تڪرار جو نبيرو عالمي بئنڪ (World Bank) جي ڪوشش سان ٿي چڪو آهي، پر ڪشمير جو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿيو آهي.
هندستان جي ورهاڱي وقت ڄمون ۽ ڪشمير
رياست ۾ 77 سيڪڙو مسلمان آباد هئا، پر سندن مرضيءَ خلاف ڄمون ۽ ڪشمير جي مهاراجا،
رياست جو الحاق هندستان سان ڪري ڇڏيو، ان ڪري ڪشمير جي ماڻهن انهن کي قبول نه ڪيو،
۽ ان فيصلي تي کليءَ طرح پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هنن ڊوگرا فوج جي ظلم ۽ ڏاڍاين
کان بيزار ٿي، آڪٽوبر 1947ع ۾ حڪومت خلاف هٿيار بند بغاوت ڪئي.
ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست اقتصادي، دفاعي ۽
جاگرافيائي، مطلب ته هر لحاظ کان پاڪستان جو حصو آهي، ان ڪري پاڪستان سرڪار،
ڪشميري ماڻهن جي جدوجهد ۾ سندن اخلاقي ۽ مادي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو، جنهن
جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي فوجن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿيار بند ويڙهه ٿي.
هندستان احتجاج طور پهرين جنوري 1948ع ۾
اقوام متحده ۾ ڪشمير جو مسئلو پيش ڪيو.
ڪشمير جو مسئلو اقوام متحده ۾:
اقوام متحده، هڪ ڪميشن مقرر ڪري، ڪشمير
جو مسئلو ان جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن 2 آگسٽ 1948ع ۽ 13 جنوري 1949ع ۾ مختلف ٺهراءَ
به منظور ڪيا، جن کي سلامتي ڪائونسل ۽ پاڪستان ۽ هندستان جي حڪومتن به مڃيو. ٺهرائن
۾ اهم نڪتا هيءُ هئا:
(1)
جنگبندي ۽ جنگبندي لائين ڇڪڻ
(2)
اقوام متحده جي نگرانيءَ هيٺ ڪشمير ۾ غير
جانبدار راءِ شماري ڪرائڻ.
(3)
ڄمون ۽ ڪشمير واري رياست مان پاڪستان ۽ هندستان
جي فوجن جي نيڪالي.
ڪميشن جي سفارشن تي ڪشمير ۾ پهرين جنوري
1949ع ۾ جنگبندي ٿي، ۽ جنگبندي لائين جي باري ۾ به ٻنهي ملڪن جي فوجي آفيسرن وچ ۾ هڪ
معاهدو ٿيو، البته فوجن جي نيڪاليءَ جي مسئلي تي هندستان جي هٺ ڌرميءَ جي ڪري ڪوبه
ٺاهه نه ٿي سگهيو. انهيءَ مقصد لاءِ سلامتي ڪائونسل جنرل ميڪنائن (Mcnaughton) کي مقرر ڪيو، پر هو به هندستان جي هٺ ۽ غير همدرديءَ واري رويي
سب ناڪام ويو. جنهن تي سلامتي ڪائونسل سر اوون ڊڪسن کي مقرر ڪيو، جيڪو پڻ هندستان
جي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ سبب ناڪام ٿي، واپس موٽي ويو.
1951ع
۾ ڪشمير جو مسئلو دولت مشترڪه جي سالياني اجلاس ۾ پيش ٿيو، پر هندستان، فوجن جي
نيڪاليءَ جو ڪو شرط مڃڻ تي راضي نه ٿيو.
سر اوون ڊڪسن (Sir Owen Dixon) جي ناڪاميءَ کان پوءِ، سلامتي ڪائونسل پنهنجي 30 مارچ 1951ع واري
ٺهراءَ مطابق، ڊاڪٽر گراهم (Dr.
Graham) کي
ڪشمير جي مسئلي جي حل ۽ ٻنهي ڌرين ۾ مصالحت لاءِ مقرر ڪيو. ڊاڪٽر گراهم مسئلي جي
سڀني رخن جو جائزو وٺي، جيتريون به سفارشون پيش ڪيون، سي سڀ پاڪستان قبول ڪيون، پر
هندستان مختلف بهانن سان مڙني کي ٿڏي ڇڏيو.
سلامتي ڪائونسل 23 ڊسمبر 1952ع ۾ هڪ ٻيو
ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن هيٺ اقوام متحده جي نمائندن جي نگرانيءَ هيٺ ٻنهي حڪومتن
جي پاڻ ۾ ڳالهين سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. هن ٺهراءَ ۾ ڊاڪٽر گراهم
کي اقوام متحده جو نمائندو مقرر ڪيو ويو، جنهن 1953ع ۾ پنهنجي نظراني ٿيل سفارش
پيش ڪئي. پر هندستان اهي سڀ تجويزون رد ڪري ڇڏيون.
آگسٽ 1953ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي
وزيراعظمن گڏيل ڳالهه ٻولهه سان هن مسئلي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪشمير جي الحاق
بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ آزاد راءِ شماريءَ جي تجويز کي قبول ڪيو، پر ٿوري عرصي کان پوءِ
هندستان مٿين ڳالهه ٻولهه جي سڀني ٺاهن کي هيئن چئي رد ڪري ڇڏيو، ته پاڪستان طرفان
آمريڪا کان فوجي مدد حاصل ڪرڻ سان مسئلي جي نوعيت اڳي کان بدلجي ويئي آهي. هندستان
سرڪار جي انهي روش جي ڪري، پاڪستان مجبور ٿي، ڪشمير جو مسئلو ٻيهر سلامتي ڪائونسل
۾ کڻي ويو.
سلامتي ڪائونسل 16 جنوري 1957ع کان 21 فيبروري
1957ع تائين ڪشمير جي مسئلي تي سوچ ويچار ڪيو، ۽ ٻه ٺهراءَ منظور ڪيا، جن ۾ ڪشمير
۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي پراڻي فيصلي کي ورجايو ويو، ۽ ڪشمير جي مسئلي جو پر امن حل
ڳولڻ لاءِ سوئيڊن جي جارنگ گنر (Jarring
Gunner) کي
مقرر ڪيو. هن 12 مارچ 1957ع کان 11 اپريل 1957ع تائين پاڪستان ۽ هندستان جو دورو
ڪيو، ۽ ٻنهي حڪومتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر هندستان وارا راءِ شماريءَ جي ڳالهه
تي نه بيٺا. اهڙيءَ طرح هندستان جي هٺ ڌرميءَ سبب ان کي به ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو
پيو.
پاڪستان، سلامتي ڪائونسل جي سامهون هيءَ
تجويز پيش ڪئي، ته ڪشمير مان ٻنهي ڌرين جون فوجون ڪڍي، گڏيل قومن جي هنگامي فوج
مقرر ڪئي وڃي، جنهن جي نگرانيءَ هيٺ ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائي وڃي، پر هندستان ان
مناسب تجويز کي به قبول نه ڪيو، ۽ ڪشمير جي مسئلي کي وڌيڪ منجهائڻ لاءِ مختلف بهانن
کان ڪم وٺندو رهيو.
سلامتي ڪائونسل 2 ڊسمبر 1957ع ۾ هڪ ٺهراءُ
پاس ڪيو. ڊاڪٽر گراهم کي 12 جنوريءَ کان 15 فيبروريءَ 1958ع تائين ٻنهي حڪومتن سان
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن 28 مارچ 1958ع ۾ سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي رپورٽ
پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڪشمير جي مسئلي جي نبيري لاءِ امن وارو
ماحول قائم ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي. سرحدن جي حدبندي، جنگ جو خاتمو، تڪراري علائقي
۾ گڏيل قومن جي فوج مقرر ڪرڻ، پر امن راءِ شماري ڪرائڻ ۽ مستقبل ۾ ٻنهي حڪومتن جي
فوج مقرر ڪرڻ، پرامن راءِ شماري ڪرائڻ ۽ مستقبل ۾ ٻنهي حڪومتن جي وزير اعظمن جي
ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي سفارش ڪئي، پر هندستان انهن سڀني تجويزن کي ٿڏي ڇڏيو، جڏهن
ته پاڪستان انهن کي اصولي طور تي قبول ڪيو.
1962ع
۾ چين ۽ هندستان ۾ سرحدي تڪرار ڳڻتيءَ جوڳي
شڪل اختيار ڪئي، جنهن جو نتيجو نيٺ ٻنهي ملڪن ۾ هٿيار بند فوجي ويڙهه جي شڪل ۾
نڪتو، جنهن ۾ هندستان کي شڪست آئي. اهڙي نازڪ وقت ۾ جيڪڏهن پاڪستان، ڪشمير تي ڪاهه
ڪري ها، ته هو ان کي آزاد ڪرائي وٺي ها، جيڪا ڳالهه ٻولهه ذريعي پر امن طريقي سان
حل ڪرڻ جو خواهشمند رهيو آهي.
هندستان سرڪار، ان وقت ڪشمير جي مسئلي
تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. ان آڇ جو مطلب چٽو هو، يعني هندستان، چين
سان پنهنجي تڪرار دوران ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڪستان طرفان ڪشمير تي فوجي ڪاهه جي
خطري کي ٽارڻ ٿي گهريو، ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سڌين
ڳالهين جي شروعات ٿي، پر پنجن ڇهن مهينن جي ڊگهي ڳالهه ٻولهه مان ڪجهه به حاصل نه
ٿيو، ۽ کين ڳالهين جي ناڪاميءَ جو اعلان ڪرڻو پيو. بعد ۾ هندستان، ڪشمير ۾ راءِ
شماري ڪرائڻ واري وعدي کان ڦري ويو.
آزاديءَ لاءِ جدوجهد:
ڪشميري عوام، هندستان جي قبضي کان ڇوٽڪارو
حاصل ڪرڻ لاءِ نئين سر آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪري ڏني جنهن آگسٽ 1965ع ۾ باقاعدي
جنگ جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ڪشميري مجاهدن، گوريلا ويڙهه ذريعي هندستان جي قبضي
کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪيا، ۽ پنهنجي انقلابي حڪومت قائم ڪري ورتي.
انهن ڪشميري گوريلن هندستان کي وڏو نقصان پهچايو. نيٺ، هڪ مهيني جي سخت جدوجهد کان
پوءِ جڏهن هندستاني حڪمران، انهن گوريلا مجاهدن جي سرگرمين جو مقابلو ڪري نه سگهيا،
ته هنن آزاد ڪشمير ۽ پوءِ پاڪستان جي علائقن تي به فوجي ڪاهه شروع ڪري ڏني.
نئين صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرين
سيپٽمبر 1965ع تي آزاد ڪشمير جي فوج، پاڪستاني فوج جي مدد سان ڄمونءَ جي ڇنڀ
علائقي تي قبضو ڪري ورتو، هڪ هفتي جي ٿورڙي عرصي ۾ ڇنڀ ۽ جوڙيان جو وسيع علائقو هندستاني
فوجن کان آزاد ڪرائي ورتو. هندستان والاريل علائقي ۾ پاڪستاني فوجن جي پيشقدميءَ
کان وائڙو ٿي ويو، ۽ هن 6 سيپٽمبر تي پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو، جيتوڻيڪ هندستان جو
هيءُ اوچتو حملو جنگ جي اعلان کان سواءِ هو، تنهن هوندي به پاڪستاني فوج، نه رڳو نهايت
دليريءَ سان ملڪ جو بچاءُ ڪيو، پر هيڏي ساري هندستان علائقي تي قبضو به ڪري ورتو.
فقط سترهن ڏينهن ۾ پاڪستاني فوج، هندستان جي ميداني، سامونڊي ۽ هوائي فوج کي بلڪل
اپاهج ڪري ڇڏيو.
سلامتي ڪائونسل 20 سيپٽمبر تي ٻنهي ملڪن
کي جنگبنديءَ جي اپيل ڪئي، جنهن کي هندستان هڪدم بنا ڪنهن شرط جي مڃيو. پاڪستان به
امن ۽ امان جي پيش نظر سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ کي منظور ڪيو، هن ٺهراءَ ۾ طئي
ٿيو ته:
1-
ٻئي ڌريون 23 سيپٽمبر کان جنگ بند ڪنديون.
2-
ٻئي ڌريون پنهنجون فوجون واپس هٽائي اتي بيهارينديون،
جتي 5 آگسٽ کان اڳ بيٺل هيون.
3-
پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ جي سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ
ڪشمير مسئلي جو حل ڳوليو ويندو.
سلامتي ڪائونسل جي انهيءَ ٺهراءَ مطابق،
23 سيپٽمبر 1965ع کان هندستان ۽ پاڪستان ۾ باقاعدي جنگبندي ٿي ويئي، ۽ ڌرين جون
فوجون پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ واپس هٽي ويئون.
تاشقند وارو اعلان:
جنگبنديءَ کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ۾
تڪراري مسئلن جي حل جي سلسلي ۾، روس مصالحتي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن
۾ 1966ع ۾ (تاشقند واري اعلان) جي نالي سان هڪ معاهدو ٿيو. هن ٺاهه هيٺ ٻنهي ملڪن هڪ
طئي ٿيل پروگرام هيٺ پنهنجون فوجون، پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ واپس گهرائي ورتيون، ۽
هڪٻئي خلاف پروپئگنڊا بند ڪري ڇڏي. ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جي سلسلي ۾ طئي ٿيو، ته
ٻئي ملڪ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان هن مسئلي کي حل ڪندا. ان سان گڏ ئي ٻنهي ملڪن ۾
سفارتي ناتا به بحال ٿي ويا.
هندستان جي هٺ ۽ هوڏ سبب تاشقند واري
اعلان مطابق، ٻنهي ملڪن ۾ ڪشمير ۽ ٻين تڪراري مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڻ ۾
ڳالهين جي نوبت ئي نه آئي، ڇو ته هندستاني اڳواڻ ڪشمير جي هندستان جو اڻ ٽٽ حصو هئڻ
جي لاڳيتو دعويٰ ڪري رهيا هئا.
هندستان نومبر 1970ع ۾ هڪ ڀيرو وري
پاڪستان جي اُڀرندي حصي تي حملو ڪري ڏنو، ۽ اوڀر پاڪستان تي قبضو ڪري ورتو. هن
ڊسمبر جي شروع ۾ پاڪستان جي الهندي حصي تي به حملو ڪيو. ٻن هفتن تائين ڇتي ويڙهه
ٿي. پاڪستان کي اُڀرندي حصي ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا، ۽ اهو حصو پاڪستان کان ڇڄي ڌار
ٿي ويو. هن جنگ جي نتيجي ۾ هڪ لک کان به وڌيڪ پاڪستاني شهري ۽ فوجي هندستان ۾ قيد
ٿيا. ان کان پوءِ گڏيل قومن ۽ وڏين طاقتن جي اثر سان ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ تڪرارن کي
پر امن نموني نبيرڻ لاءِ، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾
جون 1973ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جيڪو (شمله ٺاهه) جي نالي سان مشهور آهي.
ان معاهدي جا اهم نڪتا هيءَ آهن:
شمله ٺاهه:
1-
ٻئي ملڪ، جنگ کان پاسو ڪندا، ۽ اهڙا قدم کڻندا،
جن سان ٻنهي ملڪن ۾ امن ۽ خير سگاليءَ جو ماحول پيدا ٿئي.
2-
ٻئي ملڪ، پنهنجا اختلاف پر امن طريقي سان حل
ڪندا.
3-
ٻئي ملڪ، هڪ ٻئي جي سالميت ۽ خودمختياريءَ جي
احترام ڪندا.
4-
تڪرارن کي گڏيل قومن جي منشور ۾ بيان ڪيل اصولن
مطابق نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو ويندو.
5-
هڪ ٻئي خلاف پروپئگنڊا کان پاسو ڪيو ويندو.
6-
ٻنهي ملڪن ۾ مواصلات ۽ اچ وڃ جا رابطا بحال ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويندي.
7-
ٻنهي ملڪن جون فوجون بين الاقوامي سرحدن تي پنهنجي
پنهنجي علائقن ۾ واپس هليون وينديون. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻئي فوجون، ڪنٽرول لائين جو
احترام ڪنديون.
ڪشميرين جي جدوجهد جي نئين شروعات:
ڊسمبر 1989ع ۽ جنوري 1990ع جي شروع ۾
ڪشميري مجاهدن پنهنجون سرگرميون وري تيز ڪري ڇڏيون، جنهن کان پوءِ هندستاني حڪومت آزاديءَ
لاءِ وڙهندڙن جون گرفتاريون شروع ڪري ڏنيون، ۽ انهن کي سخت سزائيون ڏيڻ جو فيصلو
ڪيو ويو، نئين جدوجهد جو سڀ کان اهم واقعو 21 مئي 1990ع تي مير واعظ مولوي فاروق
جي شهادت آهي.
مئي 1990ع جي شروع ۾ ڪشمير مسئلي هڪ
نئون رخ اختيار ڪري ورتو، جڏهن مجاهدن 9 تاريخ تي ڪنٽرول لائين تي والاريل ڪشمير
جي ڪارگل علائقي جي ويجهو هندستاني فوج جي بنڪرن تي قبضو ڪري ورتو. حقيقت ۾ هنن اهو
قبضو ڊسمبر 1998ع ۾ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح هنن هندستان جي سياچن تي قابض فوج جي سپلاءِ
لائين ڪاٽي ڇڏي، ڇو ته اهو هندستاني فوج جي رسد لاءِ اڪيلو رستو هو. مجاهدن پنجويهه
ڪلوميٽر علائقي تي قبضو ڪري ورتو. هندستان، پاڪستاني فوج تي مداخلت جو الزام هنيو،
۽ پنهنجي آقائن کان مدد گهري، آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، وزير اعظم نواز شريف کي واشنگٽن
گهرايو ۽ مٿس (واشنگٽن اعلان) مڙهي ڇڏيو.
بهرحال، ڪشميري عوام، ايشيا جي سڀ کان
وڏي استبدادي قوت (هندستان) خلاف کليل جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ۽ هنن پنهنجي
جان، مال ۽ ڪاروبار سڀ ڪجهه داءَ تي لگائي ڇڏيو آهي. اڄ ڪشمير جي سرزمين آزاديءَ
لاءِ وڙهندڙن جي رت سان رٽيل آهي.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته والاريل
ڪشمير جي مسلمانن، سدائين پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو آهي، ۽ هندستاني
فوج جا تمام گهڻا ظلم ۽ تشدد انهن جي جذبي کي ختم نه ڪري سگهيو آهي. پاڪستان جي
قيام کان وٺي اڄ تائين ڪشميري عوام جي جدوجهد ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ لاڳيتو جاري آهي.
هندستاني حڪومت ڪشميري عوام جي آزاديءَ
جي جذبي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حربا استعمال ڪندي رهي ٿي. هن ڪشمير جي نوجوان
نسل کي اسلام کان پري رکڻ ۽ منجهن لاديني نظرين ۽ هندو تهذيب کي وڌائڻ جي مقصد سان
نيون نيون رٿائون رائج ڪيون. اسلامي علمن کي تعليمي نصاب مان ڪڍڻ، هندي ٻولي مڙهڻ،
هندو مسلم اتحاد جي بهاني اسلامي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪشميري مسلمانن کي
روزگار جي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪرڻ، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم گهڻائيءَ کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ
لاءِ ڊگهي مدي واريون رٿائون تيار ڪرڻ وغيره. مطلب ته، هندستاني حڪومت اهي سڀئي
حربا استعمال ڪيا آهن، جيڪي ڪشميرين جي آزاديءَ واري جذبي کي ختم ڪري سگهيا ٿي، پر
هوءَ ڪشميري مسلمانن جي دلين مان آزاديءَ واري جذبي کي ختم نه ڪري سگهي آهي.
قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي
پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو هو، ان ڪري ڪشمير جو مسئلو پاڪستاني قوم لاءِ موت ۽
زندگيءَ جو مسئلو آهي. ڪشمير کان سواءِ پاڪستان اڻپورو آهي. ڪشمير، پاڪستان لاءِ
ان ڪري به اڻ ٽر آهي، جو پاڪستان کي سيراب ڪندڙ سڀئي درياءَ ڪشمير مان نڪرن ٿا.
بچاءَ واري لحاظ کان به ڪشمير جي حيثيت پاڪستان جي بچاءَ واري قلعي جهڙي آهي، ان
ڪري اها حقيقت آهي، ته ڪشمير جي آزادي پاڪستان جي بقا ۽ سالميت جي آزادي آهي.
ڪشمير جي مسئلي جي حوالي سان پاڪستاني
قوم هڪ ئي نظريو رکي ٿي، ته ڪشمير، پاڪستان جو حصو آهي. هاڻوڪي صورتحال ۾ ڪشميري
عوام پنهنجي آزاديءَ لاءِ پاڻ جدوجهد شروع ڪئي آهي، ۽ هزارن کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجون
جانيون قربان ڪري چڪا آهن. هندستاني فوج مٿان هزارين اپاهج ٿي چڪا آهن. هڪ لک کان
وڌيڪ گهر ۽ دوڪان ساڙي تباهه ڪيا ويا آهن. سوين عورتن جي بي حرمتي ڪئي ويئي آهي.
مطلب ته هر هنڌ رت ۽ باهه جي راند کيڏي پئي وڃي.
بهرحال، اهو ڪشميرين جي قربانيءَ جو ئي
نتيجو آهي، جو هاڻي ڪشمير هڪ عالمي مسئلو بنجي چڪو آهي ۽ جنهن جي حل لاءِ عالمي
سطح تي زور ڏنو پيو وڃي.
Comments
Post a Comment