انٽرنيٽ (Internet)


ڪمپيوٽرن جي ذريعي معلومات جي ڏي وٺ جو هڪ بين الاقوامي نظام، انٽرنيٽ ڪميونيڪيشن جو سڀ کان آسان ۽ سستو ذريعو آهي، هن جي ذريعي توهان ٽپال يعني اِي ميل، چيٽنگ يعني ڳالهه ٻولهه، روزگار ڳولڻ، يونيورسٽيون ۽ انهن جا قاعدا ۽ قانون، دنيا جون ڪنهن به قسم جون خبرون، اشتهار ۽ معلومات جي ڏي وٺ وغيره ڪري سگهو ٿا.

پاڪستان ۾ لکن جي تعداد ۾ انٽرنيٽ لڳل آهن، جيڪي معلوماتي، واپاري، سائنسي ۽ سفارتي معاملن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن اهي انٽرنيٽ اُسريل ملڪن جي يونيورسٽين سان ڳنڍيا وڃن، ته پاڪستان ۾ تعليمي انقلاب اچي سگهي ٿو. ان سان شاگردن جي علمي قابليت ۾ تعليمي انقلاب اچي سگهي ٿو. ان سان شاگردن جي علمي قابليت ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو، ۽ اسان جي ملڪ جي شاگردن جو تحقيقي ڪم به ترقي ڪري سگهي ٿو. هر مضمون لاءِ بازار ۾ ٻاهران گهرايل ڪتاب موجود ناهن، پر اهي ڪيترائي سال اڳ جا لکيل هوندا آهن. نئين تجربن جي باري ۾ اسان کي گهڻي عرصي کان پوءِ بر پوي ٿي. 

ٻاهران گهرايل ڪتاب تمام گهڻو مهانگا هوندا آهن، جيڪي هر شاگرد جي خريد ڪرڻ جي وس کان ٻاهر هوندا آهن. بين الاقوامي رسالن ۾ مختصر ڄاڻ هوندي آهي، جيڪا شاگرد جي ضرورت کي پورو نٿي ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ انٽرنيٽ تي آڻڻ ضروري آهي، ته جيئن دنيا جي هر ملڪ ۾ اسان جي ملڪ جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪري سگهي. سائنسي، طبي، زرعي، انجنيئري، فني ۽ آرٽس ۾ انٽرنيٽ سان رابطو اسان جي تعليم ۾ وڏو اضافو ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح ملڪ جي شاگردن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي. يورپي ۽ امريڪي ملڪن ۾ اهي سهولتون ميسر آهن. تعليمي ميدان م انٽرنيٽ سان بين الاقوامي رابطي سان سڀئي يونيورسٽيون دفترن جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون. اسان جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو بچي پوندو. اهو انٽرنيٽ جيڪڏهن اسان جي سرڪاري اسپتالن ۾ هنيو وڃي، ته ڪيترن ئي مرضن جي علاج لاءِ مختلف شهرن ۾ موجود ماهرن سان رابطو ڪري وقت بچائي سگهجي ٿو، ۽ هنگامي حالت ۾ مريض جي جان بچائي سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن آپريشن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ موجود ماهر ڊاڪٽر سان انٽرنيت تي رابطو ڪري کانئس صلاح مشورو وٺي سگهجي ٿو. انٽرنيٽ ذريعي غريب شاگرد به اميرن جهڙي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو.

انٽرنيٽ جي جديد ٽيڪنالاجي جا جيترا فائدا آهن اوترا نقصان به آهن، انٽرنيٽ مواصلات (Communication) جو هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن تي ڪا نظرداري نه آهي، انٽرنيٽ جي ذريعي ڳجها دستاويز دنيا ۾ ڪنهن به جاءِ تي منتقل ڪري سگهجن ٿا. هاڻي ملڪي رازن جي چوري ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. ڪمپيوٽر جي ذريعي هتان جي ڄاڻ دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ پهچائي سگهجي ٿي، ڪنهن کي خبر به نٿي پئجي سگهي، صنعتڪار پنهنجي ٽيڪنالاجي يا ڪاروباري ڳجهين رپورٽن يا مستقبل جي پروگرامن کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ نٿا رکي سگهن، ڇو ته انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ويٺل ڪوبه ماڻهو اوهان جي ڪمپيوٽر کي خاص ٽيڪنڪ جي استعمال سان کولي، ان ۾ محفوظ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو.

پروفيسر رچرڊ مور چوي ٿو ته اڳتي ڏوهاري پيشه تنظيمون انٽرنيٽ ذريعي ڄاڻ حاصل ڪري، وڏن وڏن سرمائيدارن کان زوريءَ دولت حاصل ڪرڻ شروع ڪنديون. انٽرنيت جي مداخلت سان ڪيترن ئي ادارن جو ترقياتي ڪم رڪجي ويندو. انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر جي هارڊ ويئر کي به متاثر ڪندو. نشيدار شين جي اسمگلرن کي پنهنجي ڪم ۾ سولائي پيدا ٿي ويندي. بين الاقوامي ڏوهاري پيشه تنظيمون جديد طريقن سان ڌاڙن ۽ چورين جون وارداتون ڪرڻ لڳنديون.

امريڪا جي هڪ ڪرائمز رسالي ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گرهن (Satellites) جو استعمال اڳتي ڏوهارين لاءِ هڪ هٿيار ثابت ٿيندو، جنهن سان هو دنيا جي هر ملڪ ۾ مواصلاتي سرشتي کي متاثر ڪري سگهندا. سيٽلائيٽ سان حاصل ٿيندڙ مواصلاتي سروس ۽ نيٽ ورڪ، مارڪيٽن ۾ عام دستياب آهن. هلندڙ ايڪهين صديءَ ۾ اهڙا ڏوهاري پيشه ادارا پنهنجا گرهه پاڻ خريد ڪري سگهندا.

انٽرنيٽ کي ڀڃ ڊاهه وارن ڪمن ۾ وڏي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو پيو وڃي. ان جو استعمال عالمي بدنام جاسوسي تنظيمون ڪن ٿيون، جنهن سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردي، فرقيواريت ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ انٽرنيٽ جي استعمال جي خدشي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. حساس اوزارن کي انٽرنيٽ سان لڳائي انٽرنيٽ سيٽلائيٽ سسٽم کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن ذريعي ڪنهن اهم اداري ۾ ٿيندڙ ڳجهي گڏجاڻيءَ جي ڪارروائيءَ کي سڌو سنئون ڪنهن ملڪ ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو. انٽرنيٽ ذريعي تخريب ڪارن جي رهنمائي به ڪري سگهجي ٿي. امريڪا ۾ انٽرنيٽ کي هلائڻ لاءِ ڪوڊ نمبر هنيا ويا آهن، جيڪي اداري جي سربراهه کان سواءِ رڳو آپريٽر وٽ ئي هوندا آهن.


Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more