1.
شاگردن کي هدايت ٿي ڪئي وڃي ته امتحان وقت ڪلاس ۾
ويهي مليل پرچي کي غور سان پڙهڻ گهرجي ته پرچي ۾ ڇا لکيل آهي ۽ ڪهڙي سوال جو جواب ڪهڙو
ڏيڻو آهي. پنهنجو پاڻ کي بلڪل پريشان ٿيڻ کان آجو رکن.
2.
امتحاني پيپر ۾ مضمونن جا عنوان ڏنل هوندا آهن، انهن
کي ڏسي جيڪو مضمون سولو لڳي، ان جو انتخاب ڪجي. مضمون جا ٽي حصا ٿيندا آهن پهريون شروعات
ٻيو وچون مواد ۽ ٽيون پڇاڙي، انهن جا ٽپس سوچي ذهن ۾ رکجن، هرهڪ حصي لاءِ وقت مقرر
ڪجي. آخر ۾ مضمون کي چڪاس ڪرڻ لاءِ به وقت مقرر ڪرڻ گهرجي.
3.
وقت جي ورهاست کان پوءِ بلڪل پوري ڌيان ۽ اطمينان
سان لکڻ شروع ڪجي. گهٻرائڻ يا پريشان ٿين بلڪل نه گهرجي.
4.
اڪثر شاگرد مضمون جا عنوان ڏسي وائڙا ٿي ويهي رهندا
آهن ته مضمون ڪيئن شروع ڪجي؟ انهي مهل عنوان مطابق ڪوبه جملو يا شعر ياد اچي ته انهي
تي لکڻ شروع ڪجي، پوءِ پاڻهي خيالن جو سلسلو شروع ٿي ويندو، سڄو ڌيان مضمون جي مواد
ڏانهن ڇڪجي ويندو.
5.
جيئن ته مضمون ممتحن جي پڙهڻ لاءِ لکيو وڃي ٿو. جنهن
ڪري اهڙا لفظ ۽ خيال استعمال ڪيا وڃن جن مان پورو مطلب واضح ٿئي ۽ دلچسپ به هجي جيئن
ممتحن تي سٺو اثر ويهي مارڪون سٺيون ملن.
6.
مضمون لکڻ وقت هر ٽڀ لکڻ کان پوءِ چڪاس ڪجي. جيڪڏهن
ڪا غلطي هجي ته بروقت درست ڪجي. ڇاڪاڻ ته پڇاڙي ۾ چيڪ ڪرڻ لاءِ وقت نه ملندو.
7.
اکر صاف سهڻا هجن. جيڪڏهن ڪو لفظ غلط لکي وڃي ته
صرف مٿان هڪڙي پاسري ليڪ لڳائي ڇڏجي زياد. ڊاٺ ڊوٺ نه ڪجي.
8.
جيڪڏهن ڪا غلطي درست ڪرڻي هجي وڌيڪ لفظ لکڻ جي ضرورت
پئجي وڃي ته سٽ ۾ ٿورو نشان جو اشارو ڪري مٿان يا حاشيه ۾ لکڻ گهرجي.
9.
جيڪڏهن مجبورن ڪو ڌاري ٻوليءَ جو لفظ استعمال ڪرڻو
پوي ته ڏنگين ۾ ان جي معنيٰ لکي ڇڏجي.
10. گهڻو ڪري شاگرد مضمون
نويسيءَ کان انهي ڪري نٽائيندا آهن، جو انهن کي مضمون لکڻ جي مشق ڪيل نه هوندي آهي.
مضمون جي مواد جي باري ۾ خيال ذهن ۾ موجود هوندا آهن، مگر انهن کي ظاهر ڪري لکڻ جي
سگهه نه هوندي آهي. انهي بي اعتمادي جو نتيجو هي نڪرندو آهي جو هو ٻين جي لکيل مضمونن
کي رٽيندا آهن. جنهن ڪري ذهن نٿو کلي. مضمون لکڻ تي عبور حاصل نه ٿو ٿئي. اهڙا شاگرد
مضمون لکڻ ۾ ڪمزور هوندا آهن. جنهن ڪري مضمون نويسي لاءِ نهايت ضروري آهي ته مطالعو
زياده هجي ۽ لکڻ جي مشق ڪجي.
Comments
Post a Comment