پڄاڻي - راجه عمران ابڙو


هو تمام گهڻو حيران ٿي ويو، هن جي حيرانگي لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي، اها ممڪن ناهي.

سندس جسم ۾ خوف جي لهر ڊوڙي ويئي، پنهنجي ماحول ۾ هو پاڻ کي اجنبي محسوس ڪرڻ لڳو، هن کي اهو سڀ بيڪار ۽ ڊيڄاريندڙ لڳي رهيو هو، هن جيتري به حياتي گذاري هئي، هن پهريون دفعو خوف محسوس ڪيو هو، هو ڊڄي ويو هو.

سندس سوچ سمجهه جي حس خوف، دهشت، حيرانگيءَ جي دلدل ۾ ڦاسي پئي هئي، ان جو اندازو سندس پيشانيءَ تان وهندڙ پگهر مان ٿي رهيو هو، سندس اکين مان اُلا نڪرڻ لڳا، هن چاهيو پئي ته هو ختم ٿي وڃي، فنا ٿي وڃي يا ڌرتي ڦاٽي پوي هو ان جي اندر هليو وڃي پر پنهنجي اکين سان اهو سڀ نه ڏسي.

هو هن سان اڳ ۾ به وڙهي چڪو هو، هن سان مقابلو ڪري چڪو هو، سندس شديد مزاحمت کي منهن ڏئي چڪو هو، کيس مات ڏيئي چڪو هو، هن تي حاوي رهي چڪو هو پر آخر ڇا ٿيو جو هو ايتري قدر ڊڄي ويو! ائين به نه هو ته هو کائنس گهڻو طاقتور هو، ڇو ته کيس انتها تائين، ننهن چوٽيءَ جي زور ڏيڻ تائين، پنهنجي پوري قوت سان مقابلو ڪرڻو پوندو هو، ڪيئي دفعا هو بيحد بي حال ٿي ويو هو پر مقابلي جي آخري لمحي ۾ کيس سوڀ ملي هئي ۽ هوءَ پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي هار مڃي پنهنجي جان هن جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي.

مجموعي طور هو کيس پنج دفعا قتل ڪري چڪو هو، هوءَ هن جي هٿان پنج دفعا شڪست کائي چڪي هئي، هوءَ پنج دفعا مري چڪي هئي، پنج دفعا هن جي جسم مان جان الوپ ٿي ويئي هئي، ان کان پوءِ هوءَ پنهنجي اڻ ڄاتل طاقت ذريعي زنده ٿيندي هئي، ٻيهر جاڳندي هئي، هن کي ان ڳالهه جو يقين هو ته هوءَ پنهنجي روح جي ذريعي هڪ نئون جنم وٺندي هئي، سندس روح جسم ڇڏڻ کان پوءِ سڪون حاصل نه ڪري سگهندو هو، کيس شانتي حاصل نه ٿيندي هئي، اهو بي چينيءَ ۾ ڀٽڪندو رهندو هو، رلندو هو، هن کي احساس هو ته اهو تيستائين شانت نه ٿيندو، ان کي تيستائين آرام نه پهچندو، جيستائين هوءَ کيس ماري نه ڇڏيندي.

هن جي روح ۽ جسم جي چين لاءِ هن جو انت لازمي هو، ائين هوءَ مرڻ  کان پوءِ پنهنجي طاقت جي ذريعي هڪ نئين روپ ۾ نئون جنم وٺي هن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اچي ويندي هئي، پر هڪ نئين روپ ۾ نئون جنم وٺڻ لاءِ وقت لڳندو هو، نئون جنم وٺڻ ۾ کيس هڪ سؤ سالن جو عرصو لڳندو هو، مرڻ کان پوءِ هوءَ نوانوي سال ٽي سو چوهٺ ڏينهن هڪ خاص عمل ڪندي هئي، جنهن جي ڪري هوءَ نئون روپ اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي هئي.

هو ان دوران دنيا جو سير و تفريح ڪندو هو، پنهنجي صحبت بهتر ڪندو هو، هن کان بي خبر رهندو هو.

هو ڪو جادوگر يا نجومي نه هو، هن وٽ صرف طاقت هئي ۽ تمام سٺو دماغ هو، هو جنگجو هو. هوءَ جڏهن سندس سامهون بلڪل ئي نئين روپ ۾ ايندي هئي ته هو سندس خوشفهمي مٽي ۾ ملائي سر تري تي رکي هن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، هوءَ سمجهندي هئي ته ”نئين روپ ۾ هو هن کي ٿورو به سڃاڻي نه سگهندو، کيس ماري سڀ حساب برابر ڪري ڇڏيندي.“ پر اهو سولو ڪم نه هو.

هوءَ خاص پلاننگ ڪري مٿس حمله آور ٿيندي هئي ته هو کيس سڃاڻي ۽ سندس ارادا سمجهي دفاع سان گڏ ڀرپور جوابي حمله ڪري سندس خوشي ڪافور نئون روپ بگاڙي ۽ نئين جواني برباد ڪري کيس اهڙو ڪري ڇڏيندو هو، جو هوءَ هٿ پير هڻڻ کان به هلاک ٿي ويندي.

هوءَ ئي هئي جيڪا هن سان مقابلو ڪري سگهي ٿي، هوءَ ئي کيس هارائي سگهي ٿي، سندس خاص اسٽائيل هو، جيڪو هن کان سواءِ ڪو نه ٿي سمجهي سگهيو، اها ڳالهه هوءَ پاڻ به محسوس ڪندي هئي ۽ هو به سمجهندو هو. هن سندس انداز، اسٽائيل طاقت ته ڄاڻي ورتي هئي ۽ کيس پوري طرح سمجهي به ورتو هو، پر اڃان تائين سندس ڪا ڪمزوري ڄاڻي نه سگهي هئي، ايتري ڄاڻ لاءِ کيس پنج جنم وٺڻا پيا پر هوءَ ست جنمن کان وڌيڪ وٺي ڪانه پئي سگهي، ان جي هڪ الڳ تاريخ هئي، سندس ڪمزوري ۽ مجبوري هئي، هن شدت سان محسوس ڪيو ته ايندڙ ٻن سو سالن جي ٻن جنمن ۾ به سندس ڪا ڪمزوري ڄاڻي نه سگهندي.

ان وقت شديد اونهاري جي موسم هئي، هر طرف باهه پئي وسي، هو هن سان ڇهون چڪر مقابلو ڪري رهيو هو، سندس شديد حملن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري رهيو هو، هن کي ساڻو ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي پوري قوت استعمال ڪئي، تڏهن هو پاڻ به ساڻو ٿي پيو، هن اول دفاع ڪيو، تنهن کان پوءِ هو پاڻ به جوابي حملو ڪرڻ لڳو.

هن جي پوري قوت هن جي هٿن ۾ اچي ويئي، جنهن جي مدد سان هن سندس ڳلو پڪڙيو ۽ زور ڏيڻ لڳو، هوءَ تڪليف مان چنگهڻ لڳي، اها ئي سندس ڪمزوري هئي، سندس سڄو جسم مضبوط هو، کيس ڪو ڌڪ، لت، مُڪ، شِيخ، گولي يا ڪو هٿيار اثر نه ڪندو هو پر هڪ دفعي هن سندس ڳلو پڪڙيندي گهٽو ڏيئي ماري وڌو هو، هو هر دفعي مقابلي دوران ان ڳالهه جي تاڙ ۾ رهندو هو ته ڪنهن به طرح سندس ڳچي پڪڙي زور ڏيئي مروڙي وجهي.

سندن مقابلن جي شروعات ڇهه سو سال اڳ هڪ عظيم رياست جا جيئا ۾ هن جي گهر جي ٻاهران ٿي هئي، هو رياست جي عام جيل ۾ قيد هو، جا جيئا ان دور جي هڪ عظيم رياست هئي، اتان جا ماڻهو محنتي، ايماندار ۽ روشن خيال هئا، بادشاهه بي حد رحمدل ۽ انصاف پسند هو، ان رعا يا کي تمام گهڻو سڪون ڏنو هو، هو پاڻ ترقي پسند هو، هن هر معاملي ۾ عوام کي رعايت ڏيڻ جو عزم ڪري رکيو هو، تنهن ڪري عوام بي حد خوش هو، پنهنجي بادشاهه تي فخر ڪندو هو، هن جي قيادت تي سرهائي محسوس ڪندو هو، هڪ هڪ فرد جي محنت ۽ مشقت سبب رياست تمام گهڻي ترقي ڪئي، اتي مشڪل سان پنج سيڪڙو غريب هوندا، ٻيا سڀ خوشحال هئا، ٻڌي ۽ ڀائيچاروهو، سڀني کي پنهنجي ملڪ سان پيار هو، هر طرف خوشيون ئي خوشيون هيون، هو ان وقت عام جيل ۾ هڪ قتل جي ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو هو، هن قتل ڪيو هو يا نه؟ پر هن ڪنهن به قتل جو اعتراف نه ڪيو. هو پاڻ کي بيگناهه چئي رهيو هو. پندرنهن ڏينهن هن جيل جي هڪ اونداهي ۽ ڀيانڪ ڪوٺڙي ۾ گذاريا، اهو وقت هن جي لاءِ عذاب کان گهٽ نه هو، هو تڙپندو رهيو، کيس شدت سان اهو احساس ڏنگڻ لڳو ته ”مان سرڪاري محافظ آهيان، ان هوندي به مون تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا. هتي انصاف جي نالي ڪابه شيءِ ناهي، منهنجو موقف نه ٻڌو ويو، مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان؟ ٿي سگهي ٿو ان فوتيءَ آپگهات ڪيو هجي، مان هن کي ماڻهن جي سامهون ماري به ڪيئن ٿي سگهيس؟ هن کي ڪا گولي نه لڳي هئي، پر هن ڪا گوري کاڌي هئي، پر هن جي قتل جي تحقيقات به ڪانه ڪرائي ويئي، اهو ته ٺيڪ آهي ان وقت هن مٿان ڊيوٽيءَ تي آئون موجود هئس پر سندس موت جو وقت اچي ويو ته ڀلا آئون ڇاٿي ڪري سگهيس؟ مان کيس مرڻ کان ڪيئن بچايان ها؟ ڏوهاري مان ٿيس.

هن جون سوچون وڌنديون ويون. ايستائين جو هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، هر شي کان لاپرواهه ۽ بي خوف ٿي ويو. هن ڪنڌ کڻي لوهي شيخن جي پويان ڏٺو، اتي هڪ محافظ موجود هو، اهو سندس دوست هو، ٻئي گڏ ڪم ڪري چڪا هئا.

هنن کان پڇو منهنجي باري ۾ ڇا سوچي رهيا آهن؟

تنهنجي خلاف قتل جو الزام ثابت ٿي چڪو آهي.“ هن کيس ٻڌايو ”توکي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ممڪن آهي تو کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وڃي.“

هن اهو ٻڌي کيس چيو ”جيڪڏهن تون چاهين ته مان بچي سگهان ٿو.“

اهو وري ڪيئن؟“ ان محافظ بيزاريءَ مان پڇيس.

ڏس يار تون منهنجو دوست آهين، اسان اٺ سال گڏ ڪم ڪيو آهي، ان دوران مون کان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو مون تو لاءِ ڪيو آهي، تنهنجي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي، تنهنجي هر غم، خوشيءَ ۾ مان شامل رهيو آهيان، توکي ڀاءُ جي حيثيت ۾ ڏٺو اٿم، آئنده به جيڪو ٿي سگهيو تو لاءِ ڪندس، توکي وڌيڪ مان ۽ مرتبو ڏيندس، تون اهو واحد شخص آهين، جيڪو منهنجي بي گناهي ثابت ڪري سگهي ٿو، ڇا تون به مون کي دوست نٿو سمجهين؟ ڇا تون پنهنجي دوست جي لاءِ ڪجهه به نه ڪندين؟

ٺيڪ آهي.“ ان محافظ چيو ”تون چئين ٿو ته مان سچ ڳالهائيندس، مون جيڪو ڪجهه ڏٺو، سو ئي عدالت آڏو بيان ڪندس، ڪوبه وڌاءُ نه ڪندس، ڪوبه ڪوڙ نه ڳالهائيندس، اهو توسان منهنجو واعدو آهي، تون ڪو فڪر نه ڪر.“

هن کيس مهرباني وارين نظرين سان ڏٺو، هن جي حقيقت پسندي کيس پسند آئي ۽ سندس دوستيءَ تي فخر ڪرڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سڀ تياريون مڪمل هيون، جج آيو سماعت شروع ٿي، هن جي خلاف سڀ ثبوت پيش ڪيا ويا ۽ ٻه ٽي گواهه به سامهون آيا، هن پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ان دوست کي گهرايو، ڪٽهڙي ۾ بيهندي اهو همراهه هن جي خلاف ٿي پيو، ان ٻين کان وڌيڪ جامع انداز ۾ هن تي قتل جو الزام هڻي ڇڏيو ۽ چيو ته ”اهو قتل هن منهنجي اکين اڳيان ڪيو.“

هو پنڊ پهڻ رهجي ويو، عدالت کي ٻئي ڪنهن ثبوت جي ضرورت محسوس نه ٿي، عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي پر هن اهو فيصلو نه مڃيو، پنهنجي صفائيءَ ۾ هن وٽ چوڻ لاءِ ڪو خاص دليل نه هو، تنهن ڪري سندس سزا برقرار رکي ويئي.

هو ان ڪوٺڙي جي کوليءَ ۾ کامندو رهيو، جڏهن هن جي ڦاسيءَ ۾ ٻه ڏينهن هئا ته هو هڪ رات ان تهه خاني واري ڪوٺڙي مان فرار ٿي ويو، ان مقصد جي ڪاميابيءَ لاءِ هن جيل جا ڪجهه محافظ قتل ڪري ڇڏيا. سڀ کان پهريان پنهنجي ان دوست کي ختم ڪري وڌائين ۽ پوءِ پنهنجو رستو صاف ڪندو ويو، هن جي آڏو جيڪو به آيو سو ختم ٿي ويو، هو اتان ائين الوپ ٿي ويو، جڏهن جادو ئي ٽوپي پائي رکي هجي، ڪنهن کي به نظر نه آيو، هو ڪيڏانهن ويو؟ ڪيئن ويو؟ ڪنهن کي به خبر نه پئي، چار مهينا هو ماڻهن جي نظرن کان پري رهيو، ڄڻ دنيا کان ئي ڪٽيل رهيو، چئن مهينن کان پوءِ اوچتو هو ظاهر ٿيو، ان وقت تائين هو بلڪل تبديل ٿي چڪو هو، هن ان دنيا ۾ واپس اچڻ نه ٿي چاهيو، هن کي ان بيڪار دنيا ۾ واپس اچڻ جو ڪو شوق نه هو. پر ڪائنات جي عظيم رشتي کيس واپس ان دنيا ۾ ڇڪي آندو هو.هن جي ماءُ بيماريءَ جي بستري تي تڙپي رهي هئي، هوءَ سخت بيمار هئي، هن جا آخري پساهه هلي رهيا هئا، هن جي آخري پساهن ئي کيس موٽ کائڻ تي مجبور ڪيو هو. هن پنهنجي مضبوط ٻانهن سان ماءُ کي سيني سان لڳايو. هن جي اکين ۾ آلاڻ هئي، ضعيف عورت هڪ اجنبي کي کيس ٻانهن ۾ ڀري روئيندي ڏٺو ته حيران رهجي ويئ، هُوءَ صفا جُهور پوڙهي هئي، ڇهه مهينا اڳ تائين هن جو هڪ خوشحال خاندان هو، صحتمند گهر وارو، جوان پٽ، سندس پٽ بيحد طاقتور هو، هو سرڪاري محافظ هو، هوءَ کيس ڏسي پئي جيئندي هئي. پيءُ جي اچانڪ وفات کان پوءِ هن همت نه هاري هئي، پوڙهي ماءُ جو مضبوط سهارو بڻجي پيو. هن کيس تمام گهڻو خوش رکيو هو. هن جا سڀ ڏک هن دور ڪري ڇڏيا هئا، کيس ڪنهن به قسم جي گهٽتائي محسوس ٿيڻ نه ڏني. ٽي چار مهينا اڳ هو ڪنهن قتل جي الزام ۾ اندر ٿي ويو هو، پوءِ اوچتو هن کي ٻڌايو ويو ته کيس ڦاسي جي سزا ملي آهي ۽ هو جيل ٽوڙي ڪيڏانهن فرار ٿي ويو آهي. هن اها خبر ٻڌي ته سندس اندر جُهري پيو، هوءَ بي سهارا ٿي پئي هئي ڇو ته هوءَ ڄاڻي پئي ته هو هاڻ هڪ ڀڳل ڏوهاري آهي. هاڻي ڪڏهن به هن ڏانهن واپس نه ايندو. واقعي ٿيو به ائين ئي. هن الائي ڪهڙي بر منهن ڪيو، الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو. پوڙهي ماءُ ڏانهن به نه ڏٺائين، هن ڏانهن واپس نه وريو، هوءَ هاڻي هڪ ڀڳل ڏوهاري جي ماءُ طور مشهور ٿي ويئي هئي، ڪنهن به ماڻهوءَ هن سان ڪو تعلق نه ٿي رکڻ چاهيو، سڀ هن کان پري پري رهڻ لڳا هئا. هن جا سڀني سان تعلقات ختم ٿي ويا، ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ختم ٿي ويو، هن کي تمام گهڻو ڏک رسيو، هوءَ سخت بيمار ٿي پئي، بيماري جي بستري تي پئي هئي جو چئن مهينن تائين هن ڪو انسان نه ڏٺو هو، اڄ ڪنهن اجنبي کي ٻانهن ۾ ڀري روئيندي ڏٺائين ته اچرج ۾ پئجي ويئي.

ڪير آهين؟“ هن بيحد جهيڻي آواز ۾ ڏاڍي مشڪل سان ڳالهايو، ڄڻ هن جي زبان ويهجي ويئي هئي، ڄڻ گهڻو عرصو ڳالهايو نه هجائين.

تون منهنجي ڪري بيمار ٿي آهين نه امان، مان موٽي آيو آهيان.“ هن ماءُ کي سيني کان الڳ ڪري سندس چهري تي هٿ رکندي چيو ”مان تنهنجو پٽ آهيان امان، مون کي سڃاڻ امان، مان توکي ڇڏي ويو هئس نه، هاڻ ڪيڏانهن به نه ويندس، توکان پري رهي مون وڏي غلطي ڪئي هئي امان، ان غلطي جي عيوض مون گهڻو ڀوڳيو آهي، تڙپيو ۽ لڇيو آهيان، ڪو چين سڪون ناهي مليو امان، رات هجي يا ڏينهن اکين کي ننڊ نصيب ناهي ٿي، مان سمهڻ ٿو چاهيان امان تنهنجي جهوليءَ ۾“.

هن کي سخت حيرانگي ٿي، سندس ماءُ جي حالت بي حد خراب هئي، هن جو ذهن به ڪم نه ڪري رهيو هو. هن کي سڃاڻن کان انڪار ڪري ڇڏيائين، اهو ڏسي کيس سخت تڪليف ٿي، هن جو اندر ٻه اڌ ٿي پيو، ٿوري دير کان پوءِ پوڙهيءَ سندس ٻانهن ۾ دم ڏيئي ڇڏيو، جهڙوڪ ايترو وقت صرف هن جو انتظار ڪري رهي هئي، صرف هن جي اچڻ لاءِ زنده هئي.

هوءَ ان وقت ڊيوٽيءَ تي هئي، هن جي واپس اچڻ جي خبر ڦهلجي ويئي هئي، هن جي گهر ٻاهران وڏي تعداد ۾ فورس هاءِ الرٽ هئي، هن جي گهر جو سخت گهيرو ڪيو ويو، فورس کي چيو ويو هو ته ”پهريان کيس حڪم ڪيو وڃي ته پاڻ کي قانون حوالي ڪري نه ته ٻي صورت ۾ کيس شُوٽ ڪيو وڃي.“

هو گهر جي پوئين گهٽيءَ ۾ لهي ويو، جتي اونداهه هئي، اتي هوءَ ۽ ٻه جوان بيٺا هئا، هو نظر بچائي لڪي لڪي اڳيان وڌيو ۽ ٻن محافظن کي قتل ڪري ڇڏيائين، باقي هوءَ کيس هٿ اچي نه سگهي، هن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ پوئتي هٽي ويئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس بلڪل سامهون اچي بيهي رهي ۽ سندس سامهون هٿيار تاڻي بيهي رهي.

هٿ مٿي ڪر.“ هن تيز لهجي ۾ کيس حڪم ڪيو.

اهو ٻڌي هو کيس ڏسڻ لڳو ۽ آهستي آهستي نهه ڪر ۾ ڪنڌ لوڏيائين.

تو نه ٻڌو.“ هن ساڳئي انداز ۾ کيس ڪاوڙ مان چيو ”پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪر ۽ ٻي ڪابه چرپر نه ڪجانءِ.“

هو سڌو بيٺو رهيو، هن جي حڪم تي ڪوبه رد عمل نه ڏيکاريائين.

مون ڇا چيو تو نه ٻڌو، هٿ مٿي ڪر.“

مان هن وقت ڪجهه به نه ٿو ٻڌي سگهان.“ هن ڪاوڙ ۾ کيس چيو ”مون آڏو جيڪو به آيو آهي ان کي حڪم ڪرڻ جي مهلت نه ملي آهي، تون عورت آهين، ان ناتي توکي چانس آهي ته هلي وڃ ۽ منهنجو رستو ڇڏي ڏي، ان کان اڳ جو هتي ڪو اچي وڃي، پوءِ توکي موقعو نه ملندو.“

خاموش رهه.“ هن زور سان رڙ ڪئي. ”گهڻي بڪواس نه ڪر، پنهنجو پاڻ کي اسان جي حوالي ڪري ڇڏ، نه ته ٻي صورت ۾ مارجي ويندين، ڏهن سيڪنڊن جي اندر اندر، ان کان وڌيڪ دير ڪيئي ته مان توکي شوٽ ڪري ڇڏيندس.“

اهو ٻڌي هن جو اهڙو انداز ٿي ويو ڄڻ زوردار ٽهڪ ڏيندو، پر هو ماٺ رهيو ۽ کيس تڪيندو رهيو.

هن هٿڪڙي ڏانهنس اڇلي حڪم ڪيو ”هن ۾ پنهنجا هٿ ٻڌ ۽ پاڻ کي اسان جي حوالي ڪري ڇڏ.“

هٿڪڙي پڪڙي هو ان کي ڏسندو رهيو.

ڇا سوچي رهيو آهين؟“ هن هٿيار تي پڪڙ مضبوط ڪندي هن کان پڇيو. هوءَ هن کان ڏهه فٽ پري بيٺي هئي، کيس هن جي هوشياري ۽ مڪاريءَ جي پوري ريت ڄاڻ هئي.

پوءِ شروعات اتان ٿي جڏهن هٿڪڙي سندس ڳلي ۾ ڦاسائي گهٽو ڏنو، هن پنهنجي لت مٿي کڻي زور سان سندس ٽنگ تي وهائي ڪڍي، هن کيس ڇڏي ڏنو، هن جي هٿيار جون ڇهه ئي گوليون هن جي سيني ۾ لهي ويون تڏهن به کائنس رت نه وهيو، هن هڪ لٺ کڻي زور سان سندس مٿي ۾ وهائي ڪڍي، هن ڌڪ پچائي خالي هٿيار کڻي هن جي ڪک ۾ وهائي ڪڍيو، هو تڪليف کان جهڪي پيو، ٻيو ڌڪ پٺيءَ ۾ لڳس منهن ڀر هيٺ ڪري پيو پر پاڻ سنڀالي اٿي پيو ۽ هڪ زوردار لت هن جي منهن تي هنيائين، هوءَ پرتي وڃي ڪِري، پوءِ اهي ٻئي لتن، مڪن سان وڙهندا رهيا، ڪافي دير تائين وڙهندا رهيا، هو هڪ موقعو ڏسي خالي روڊ ڏانهن ڀڄڻ لڳو، خوشقسمتيءَ سان اڃان هن جي مدد لاءِ ٻيا پوليس وارا ڪونه آيا هئا، اهو بهترين موقعو هو، کيس ويران روڊ ڏانهن ڀڄندو ڏسي هوءَ به سندس ڪڍ لڳي، هو ڀڄندي ڀڄندي پير مٿي ڪري اڏامڻ لڳو، دل ۾ ٽهڪ ڏنائين ”هاڻ هوءَ ڪيئن پڄي سگهندي؟ ايترو تيز ته ڪانه ٿي ڀڄي سگهي.“

هوءَ کيس پڄي سگهي، جو هوءَ به اڏامندي سندس پويان لڳي ۽ پنهنجا ٻانهن، پيرن ۽ سٿرن ۾ لڪايل هٿيار ڪڍي هن تي فائر ڪرڻ لڳي.

هن پوئتي ڏٺو ته حيران ٿي ويو، هن سوچيو ”هوءَ سندس طاقت به ڄاڻي ٿي ته هن جهڙي طاقت به رکي ٿي.“ هن اهو اندازو لڳائي ورتو ته هوءَ عام پوليس آفيسر ناهي پر هن جهڙي قوت رکندڙ آهي، پوليس جي مدد ڪرڻ لاءِ هوءَ ان حليي ۾ اچي ويئي آهي.

پوءِ کيس اها ڳالهه ياد آئي، جڏهن هو طاقت حاصل ڪري رهيو هو ته کيس چيو ويو ”شروع ۾ ئي تون انسان دوست ئي رهيو آهين پر حالتن توکي ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي، پنهنجو دفاع ڪندي به تون دنيا آڏو تمام وڏو ڏوهاري بڻجي پيو آهين، ماڻهو توکان نفرت ڪري رهيا آهن، تنهنجي مقابلي ۾ هڪ عورت ايندي، هوءَ تنهنجي برابر نه سهي پر بي حد ذهين، چالاڪ، چست ۽ طاقتور هوندي، ان سان تون مقابلي ڪندين، تون مارجي وئين ته ختم ۽ هوءَ مارجي وئي تڏهن به ست سؤ سالن تائين ختم نه ٿيندي. تنهن ڪري تنهنجي پهرين ڪوشش اها هجڻ گهرجي جو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ هوءَ تنهنجي اڳيان نه اچي.“

هو سوچڻ لڳو ”آهي ته اها ئي جنهن بابت مون کي سمجهايو ويو هو پر ايترو اڳ ڇو آئي آهي، اڃان مون پنهنجا مقصد ئي پورا نه ڪيا آهن.“

هو بمشڪل هن جي سخت فائرنگ کان بچندو رهيو، هن کان ذري ذري تان فائر گسيو پئي ويو، هن جا فائر هن تي ڪو خاص اثر ته نه ڪن ها، پر هن جي طاقت ۾ گهٽتائي ضرور اچي ها، انهن کان بچاءُ ضروري هو.

ان کان پوءِ هن بي فائده ڏسي فائرنگ بند ڪئي ۽ ٻئي ميدان تي لهي آيا، گهڻي ويڙهه کان پوءِ اهو لمحو آيو جڏهن هن کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس لاش زمين تي پيو هو، هو ان کي غور سان ڏسي رهيو هو، هن جو لاش آهستي آهستي ڳرندو پاري وانگر ٿي ويو، پوءِ هن پاري تي فائر ڪيا، جيئن هن جي ڪابه باقيات نه بچي، جو هن کي شڪ هو ته هوءَ ٻيهر موٽي ايندي، هن جي ڪابه نشاني نه بچي تڏهن هو مطمئن ٿي ويو.

ان کان پوءِ هو واپس ان رياست ۾ موٽي آيو، اهو خيال ڪري ته هو انهن عدالتي ماڻهن ۽ جيل وارن کي نه ڇڏيندو، پر اتي پهچندي هن کي ايڏي ته ڪاوڙ آئي جو پوري رياست ۾ تباهي مچائي ڇڏيائين، هن ڪنهن کي به نه ڇڏيو، ڄڻ سڀ هن جا ويري هجن، انهن ۾ سندس ڪجهه ڄاڻ سڃاڻ وارا، دوست ۽ محسن به هئا، کين به دشمن سمجهي اڏائي ڇڏيائين، جڏهن سڀ ڪجهه خاڪ ٿي ويو ته هو موٽيو ۽ هڪ اڻڄاتل منزل ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي ڪجهه به نه هو، فقط هُو هو.

مان اچي ويئي آهيان.“ ماحول ۾ هڪ آواز گونجيو.

مون کي خبر آهي.“

هوءَ حيران ٿي ويئي، کيس مطمئن ڏسي سوچيائين ”مون کي زنده ڏسي هن کي تعجب ڇونه ٿيو؟

هن جي ٻيهر زنده ٿيڻ تي هو حيران نه ٿيو هو، هن کي اهو اندازو هو، پر پڪ نه هئس، هن اهو سمورو وقت سڪون سان گذاريو هو. هن جي اچڻ تي فڪر ٿيو هيس ته هن کي ڪيئن منهن ڏيندو.

تون تيار آهين؟

ها مان تيار آهيان”“

منهن مان ٿڪل ٿو لڳين.“

تون منهنجي ويجهو ته اچي ڏيکار.“

مان توکي زنده نه ڇڏيندس.“

تون زنده نه رهندينءِ.“

هڪ سؤ سالن جي وقفي کان پوءِ وري ساڳئي طرح ئي ويڙهه شروع ٿي ويئي هئي، هوءَ ڪجهه نوان گُر سکي آئي هئي پر هن جي آڏو سڀ بيڪار ۽ وقت جو زيان ثابت ٿيا، مجبوريءَ ۾ کيس پراڻو طريقه ڪار استعمال ڪرڻو پيو، هوءَ کيس وڏي ويڙهه کان پوءِ زخمي ڪري نئون جنم وٺڻ لاءِ رواني ٿي ويئي هئي، هن دفعي سندس لاش خاڪ ٿي ويو هو، هو خاڪ ٿي ويل لاش تي مغروري وچان لتون وهائي، نئين دنيا ڳولهڻ هليو ويو، هن جي پويان خاڪ انساني شيپ وٺي ڏسندي رهجي ويئي.

پوءِ هڪ صديءَ کان ٻي صدي، اهو سلسلو عين ان وقت ۽ موسم تي شروع ٿيندو هو، هنڌ جايون تبديل ٿينديون رهنديون هيون، دنيا جي مختلف هنڌن تي جتي به هو ويندو هو، هوءَ نئين روپ ۾ سندس پويان پهچي ويندي هئي.

اهو ڏينهن انتهائي گرم هو، سج باهه وسائي رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو ته سج ڪجهه گزن جي مفاصلي تي بيٺو آهي، پورو ماحول ويران هو، زمين سنئين سڌي هئي پريان ڪجهه جبلن جون ٽڪريون نظر اچي رهيون هيون، هي دنيا جو الائي ڪهڙو حصو هو، جتي سڃ هئي رڃ هئي. هو اتي ڪجهه ڏينهن رهيو هو، سندس ساهه جو سرشتو ان علائقي جو عادي ٿي ويو هو. هن کي فرحت محسوس ٿي هئي، هو اتي پنهنجي دنيا آباد ڪرڻ جو سوچي رهيو هو پر ان کان اڳ هوءَ اچي ويئي هئي، اچڻ سان هوءَ هن تي حمله آور ٿي، هو به سندرو ٻڌي اٿي بيٺو ۽ پنهنجي مخصوص انداز سان هن سان ويڙهه شروع ڪيائين، شروعات ۾ هو پنهنجي روايتي طريقن کان ڪم وٺي رهيو هو، پر هوءَ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ پنجن مقابلن ۾ شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ بي چين ۽ انتهائي ڪاوڙيل هئي، هوءَ پنهنجي قوت کان به وڌيڪ طاقتور حملا ڪرڻ لڳي هئي، هو به پٿر هو يا پٿر جو جبل، کيس ڪابه ڪاميابي نه پئي ملي. هوءَ وڌيڪ مڇرجي پئي، سندس دل  چاهيو ته هاڻ ئي کيس اڦٽ ماري ڇڏيان، سندس وجود فنا ڪري ڇڏيان، سندس مٿان حاوي ٿي وڃان، ڪاميابي حاصل ڪري وٺان. هڪ ڪلاڪ کان ٻه، ٻن کان اڍائي ڪلاڪ ٿي ويا، هو وڙهندا رهيا، وڙهندي سخت زخمي ٿي پيا هئا پر ٿڪ جو ڪو خيال سندن دماغن ۾ نه ويو هو، زخمن جو کين ڪو احساس نه پئي ٿيو، کين ڪابه پرواهه نه هئي، دشمني جوان هئي، جذبو جوڀن جي حد تائين هو، ان صورتحال ۾ اهي ڪيئن ٿي رڪجي سگهيا، اهو تيستائين ممڪن نه هو، جيستائين ٻنهي مان ڪو هڪ پنهنجي جان تان هٿ کڻي، ٻئي هڪ جيتري پوزيشن ۾ هئا، ٻه ئي پڙا برابر هئا، ڪوبه نه ٿي جهڪيو.

هن کي اهو احساس ضرور ٿيو ته هوءَ ست ڀيرا جنم وٺي سگهي ٿي پر هن جو ٻيو ڪوبه جنم نه ٿيندو، ان ڳالهه جو کيس ڏک ٿيو، هن خار ۾ وڌيڪ اثرائتي ويڙهه ڪئي پوءِ هن کيس زخمي ڪري سندس ڳلو پڪڙي وڌائين، هوءَ ڦٿڪي ۽ رڙي، پنهنجا ٻئي هٿ هن جي هٿن ۾ وجهي پنهنجو ڳلو ڇڏائڻ لڳي پر هن وڌيڪ قوت لڳائي، پنهنجو ڳلو ڇڏائڻ هن لاءِ انتهائي مشڪل ٿي پيو.

اوچتو هو حيران ۽ پريشان ٿي پيو، پنهنجي ماحول ۾ هن کي سڀ ڪجهه انتهائي اجنبي، بيڪار ۽ انتهائي ڊيڄاريندڙ لڳي رهيو هو. هو پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.

ڇا ٿو ڏسين؟“ هن سندس تاثرات سمجهندي کائنس پڇيو. ”هي منهنجو ستون جنم آهي مان ستين جنم ۾ داخل ٿي ويئي آهيان.“

هو جنهن سان وڙهندي سخت زخمي ٿي پيو هو ۽ ان کي سخت زخمي ڪري چڪو هو، کي ڳلي کان پڪڙي وائڙين نظرن سان ڏسندو رهيو، هو ان وقت نٻل لڳي رهيو هو. هوءَ سندس سامهون نهايت پراعتماد انداز ۾ بيٺي هئي، هن جي چپن تي لازوال فاتحانه مرڪ هئي، سندس اکين ۾ جوت هئي.

هن کان سڀ ڪجهه وسري ويو، پنهنجي قوت، طاقت، جوش، جذبو. هن کي اهو به ياد نه رهيو ته هو هن وقت ڪٿي آهي ۽ هي سڀ ڪجهه ڇاٿي رهيو آهي، گهڻي وقت کان پوءِ هن پنهنجي حواسن تي ڪنٽرول ڪيو ۽ نئين سر سندس پيرن کان وٺي چهري تائين جائزو ورتو، هوءَ ان وقت کيس بيحد خوبصورت لڳي، سندس دل ۽ دماغ ۾ فرحت محسوس ٿي، هو کيس عجيب نظرن سان گهورڻ لڳو، پوءِ روئڻ واري انداز ۾ مرڪيو، مرڪڻ جي ڪوشش سان سندس جسم مان سرڙاٽ نڪري ويا.

هي ڇا آهي؟“ هن آهستي آواز ۾ ڳالهايو“ مون کي اندازو نه هو ته وقت جيڪو تنهنجي ڪنٽرول ۾ آهي، آزمائيندين ۽ تون مشڪل ۾ ان کي آزمايو، مون کي اهو گمان به نه هو ته تون هڪ صديءَ کان پوءِ مشڪل وقت ۾ هڪ مٿان ٻيو جنم وٺي ايندين!“ اها تنهنجي قوت چئبي، ڇا ته وڏي طاقت آهي، تو مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي، مان ڪيئن سمجهان ها ته تو وٽ اهڙي طاقت به آهي مان چاهيان به ها ته اهو معلوم نه ڪري سگهان ها.“

هوءَ خاموش بيٺي رهي، ٿوري دير کان پوءِ هن چپن تي وڌيڪ اثرائتي مرڪ وکيريندي چيو ”ها ائين سمجهه ته اها مون ۾ هڪ وڌيڪ صلاحيت هئي، جيڪا مون وقت تي استعمال ڪئي آهي. وقت کي به مون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آهي، تو کي ان جي ڄاڻ نه هئي، تون اهو ڄاڻي به نه سگهندين ته هي سڀ مون ڪيئن ڪيو آهي. پر توکي ايترو ضرور ٻڌائينديس ته اها منهنجي پيدائشي صلاحيت ناهي پر ڇهين جنم کان اڳ حاصل ڪئي هيم.“

واقعي تون بي حد چالاڪ آهين، پنج دفعا تون مون کان هار کائي چڪي آهين، پر مان سمجهان ٿو اسان ٻئي بلڪل ئي هڪ جيتري طاقت رکون ٿا، مون کي افسوس آهي مون ايترو وقت وڃائي ڇڏيو، پهرين دفعي ئي سان جيڪڏهن توکان معذارت ڪريان ها ۽ هٺ ڌرمي تان لهي وڃان ها ته پنهنجي ويڙهه  ايتري عرصي تائين نه ٿيندي رهي ها، اسان پنهنجي صلاحيتن کي ٻئي طريقي سان انسان دوستي طور ڪتب آڻيون ها ته هوند اڄ اسان ماڻهن ۾ امن جا رکوالا تصور ڪيا وڃون ها، سڀ انسان اسان سان محبت ڪن ها، ان جي تلافيءَ طور مان تو کان معافي ٿو وٺان، اميد ته تون دشمني ڇڏي دوستيءَ جو هٿ وڌائيندينءَ، اسان ۾ محبت به ٿي سگهي، پاڻ سڀ ويڇا وساري پيار واري زندگي گذارينداسين ۽ خوش رهنداسين.“ هن کيس پرکڻ لاءِ هار مڃڻ واري انداز ۾ چيو.

نه هاڻ ڪابه امن جي ڳالهه نه ٿيندي.“ هن ڪاوڙ ۾ چيو ”هاڻ اهڙي ڪابه ڳالهه ڀاڙيائپ ۽ هار مڃڻ جو نعم البدل آهي، مان ائين ڪڏهن به نه ڪنديس، ويڙهه جاري آهي ته ان کي پڄاڻيءَ تايئن پهچائڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ائين ممڪن هجي به ها تڏهن به مان نه ڪيان ها، منهنجا ٻه جنم گڏ وٺڻ جو ڪهڙو مقصد هو، توکي خبر هجڻ گهرجي ته هي دور پنهنجي ويڙهه جو آخري دور آهي.“

مون دوستيءَ جي ڳالهه ڪئي پر تو نه مڃي ۽ تون ...... تون شايد اهو نه ٿي ڄاڻين ته چاهي تون چار جنم گڏ وٺ ته به مون سان پڄي نه سگهندينءَ، تنهنجي اها هٺ ڌرمي هاڻ ئي ٿو ختم ڪريان.“ هن اهو چئي سندس اڳئين جنم کي جيڪو هن جي هٿن ۾ هو کي ڳلي ۾ ٻنهي هٿن سان پوري قوت سان زور ڏنو ان رڙ ڪئي.

هي ختم ٿي ويندو، ان کان پوءِ تنهنجو اهو ستون جنم“ چئي هن کي وڌيڪ زور ڏنائين، هو سخت زخمي هو، سندس حالت خراب ٿيندي ويئي.

مان تنهنجي لاءِ سٺو پئي سوچيم .........“

هن ڳالهه پوري نه ڪئي جو هن رڙ ٻڌي“ هن کي ڇڏائين ڪرڻ سان توکي ڪوبه فائدو نه ملندو.“

هن ڄڻ ٻڌو ئي نه، هن وري وڏي آواز ۾ چيس ”ڇڏ هن جو ڳلو.“ هن جو ڌيان سندس ڳلو ڌٻائڻ تي هيو.

هن کي ڇڏيندين ته اهو تنهنجي فائدي ۾ رهندو.“ هن سندس ڌيان هٽائڻ لاءِ چيو، جيئن هو هن طرف متوجهه ٿئي.

هن کي ڇڏي ڏي.“

مان تنهنجي چالاڪي ڄاڻان ٿو، مان تنهنجي ٻنهي جنمن کي خاڪ ۾ ملائي پوءِ سک جو ساهه کڻندس.“

تون ائين ڪڏهن به نه ڪري سگهندين، هيڏانهن مون ڏانهن ڏس، تنهنجي موت جو سرٽيفڪيٽ تنهنجو وجود هن دنيا مان هميشه لاءِ ختم ٿيڻ وارو آهي، ڪو تنهنجي ڌپ به محسوس نه ڪري سگهندو.“

هن، هن ڏانهن ڏٺو ته ڏسندو ئي رهجي ويو، سندس دل ۽ دماغ مائوف ٿي ويا، هن جي اکين ۾ موت جو راڪاس لامارا ڏيڻ لڳو، هن جي حالت وڌيڪ رحم جوڳي ۽ بدتر ٿي ويئي، هو ڪجهه سمجهي نه سگهيو ته هڪ ته سندس ٻه جنم گڏ ٿيا، جنهن سان ئي هن کيس ششدر، وائڙو ۽ پريشان ڪري رهيو هو. هن گهڻي دير کان پوءِ پاڻ تي قابو پاتو هو ۽ هن جي ٻنهي جنمن سان مقابلي لاءِ مئل جذبن کي ٻيهر زنده ڪيو هو، پر هينئر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ بي حد خوفناڪ ڳالهه هئي، هن جي هٿ ۾ هڪ اهڙو هٿيار چمڪي رهيو هو، اهو واحد هٿيار هو جنهن سان مري ٿي سگهيو، هن جي دشمن جي هٿ ۾ هن تي تاڻيل هو، ڪجهه چوڻ يا ڳالهائڻ تي پري جي ڳالهه رهي، پر هن کي ڪجهه سوچڻ جو موقعو به نه مليو، اڍائي سيڪنڊن کان پوءِ هوءَ خوشيءَ ۽ فخر سان وکون کڻندي تنها تنها پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهي هئي. هن جو من سرهو هو، هن جيئن چيو هو ته ”ڪو تنهنجي ڌپ به محسوس نه ڪري سگهندو، تون دنيا مان هليو ويندين.“ ائين ئي ٿيو هو، نيٺ هن جو وجود هن دنيا مان فنا ٿي ويو.

ڪجهه وکن کان پوءِ هن جي وک اڳتي وڌي نه سگهي، هوءَ وکون اڳتي کڻي نه سگهي، اهو ئي هٿيار جنهن سان هو مري ٿي سگهيو، هن جي ڀرسان ويساري آئي هئي، جنهن جي ڪري هوءَ اڳتي وڌي نه سگهي، هوءَ ڌڙام سان هيٺ ڪري پئي ۽ هن سان گڏ ئي سندس به پُڄاڻي ٿي ويئي.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more