نقصان - راجه عمران ابڙو



اسنوڪر ڪلب جي مالڪ کي هٿ جي اشاري سان کيڪاري مان اڳتي وڌي ويس، شاهد، وسيم ۽ فهيم سان هٿ ملائي مان هيڏانهن هوڏانهن جو جائزو وٺڻ لڳس، اڄ ڪلب ۾ تمام گهڻي رش هئي، منهنجي پسنديده ٽيبل تي به گراهڪ بيٺا هئا، تنهن ڪري هڪ ٻي خالي ٽيبل تي اچي اسٽڪ کڻي پريڪٽس ڪرڻ لڳس، ان اسنوڪر ڪلب جو مالڪ منهنجو بهترين دوست هو، مان هن جي ڪلب جو رانديگر هيس، هن جي ڪلب طرفان ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندو هيس، ٻه دفعا مقامي ٽورنامينٽ ۽ هڪ دفعو سندس ميزبانيءَ ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ ٽرافي کٽي چڪو هيس ۽ آل سنڌ اسنوڪر چئمپين شپ ۾ ڪوارٽر فائينل تائين پهتو هيس، پر اها به هن جي لاءِ وڏي ڳالهه هئي. هن جي چوڻ مطابق ان سان سندس ڪلب جي ڪافي مشهوري ٿي هئي، شروع ۾ سندس ٻه ٽيبلون هيون، اهي وڌي اڄ پوريون پنج ٿي چڪيون هيون ۽ هن جي آمدني به تمام گهڻي وڌي ويئي هئي پر اصل ۾ ان جو سبب هو هن جو اخلاق ڀريو رويو ۽ بهترين نموني سان پيش اچڻ.

هي سٺي سوچ جو مالڪ هو، اصل ۾ اهو اسنوڪر ڪلب مون ئي هن کي شهر جي هڪ سٺي لوڪيشن تي سيٽ ڪري ڏنو هو. هو مون کي ڪڏهن به پريڪٽس ڪرڻ کان منع نه ڪندو هو، مون کي خالي ٽيبل ڏئي ڇڏيندو هو، مان اتي ڪنهن به وقت اچي دل وندرائيندو هيس، اڄ نه ڄاڻ ڇو راند ۾ دل نه لڳي رهي هئي، مزو نه اچي رهيو هو، ان جو سبب ٻيو ڪجهه هو، ذهن بار بار سوچي رهيو هو، دماغ تي اهو ئي منظر ڦري رهيو هو. هو دخل تي ويٺو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو، ٻه شاٽس مس ڪيم ته هو طنزيه کلڻ لڳو ۽ جڏهن ٽين شاٽ ۾ وائيٽ بال پاڪيٽ ۾ هليو ويو ته هن کان رهيو نه ٿيو ۽ مون ڏانهن هليو آيو.

ڇا ڳالهه آهي شاهد! هونئن جڏهن راند شروع ڪندو آهين ته ڪوئين کڻي ڇڏيندو آهين، هينئر شاٽ تي گسيو ٿو وڃئي ڇا ٿيو اٿئي؟“ هن پڇيو.

خير آهي يار ڪجهه ناهي.“ مون پاڪيٽ مان وائيٽ بال ڪڍي سڌو رکندي چيو.

ڇا ٿيو مسئلو ڪهڙو آهي؟“ هن پنهنجائپ وچان پڇيو.

ڪجهه به ناهي سڀ خير آهي.“

هڪ ڳالهه ٻڌ اڄ توکي کيڏڻو آهي، راند ۾ دلچسپي وٺ“ هن مون کي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو ”اڄ خبر اٿئي هو آهي نه وزير، ان سان مون شرط رکي آهي، تو کي هن سان کيڏڻو آهي ۽ هن کي هارائڻو آهي، پاڻ کي خبر ناهي ڇا ٿو سمجهي.“

مون اسٽڪ ٽيبل تي ڦٽي ڪئي ”اڄ ڇڏ يار هن سان مقابلو ڪنهن ٻئي چڪر ڪري وٺبو، ڪهڙو چئمپين آهي؟“ مون چيو.

پر يار هن سان راند مون اڄ ٻڌي آهي.“

ته پوءِ عرفان سان کيڏائينس.“

نه يار اهو ڪيئن هو اڃان سکي رهيو آهي، هن کان هارائي ويندو، منهنجي ڪهڙي عزت رهجي ويندي، توکي ڇا ٿيو آهي، تون ڇونه کيڏندين؟

ڏس ڀلا سڀاڻي اڄ ڇڏ.“ مون چيو.

اوهه اڇا هاڻ سمجهيس ته چڪر ڇا آهي؟ تنهنجي دلچسپي جو مرڪز ڪهڙو آهي، پاڻ آهين هتي، پر خيالن ۾ الائي ڪٿي پيو گهمين.“

ڇا ........ ڇا اهو تون ڄاڻين ٿو ته..........“ مون حيرت مان پڇيو.

ها .......... سويل کان در کان پيو ڏسان ته گهرن مٿان پيو ٿو جهاتيون پائين، افسوس آهي يار، ان هڪڙي ماڻهو جي ايڏي پرواهه ڪرين ٿو پر دوست جي عزت جو ڪوبه خيال نه اٿئي، تون ان جي پويان ايترو ڇو پيو آهين، جڏهن ته هوءَ توکي گاهه ئي نه ٿي وجهي.“

هن جي ڳالهه ٻڌي سمجهي ويس ته هن کي غلط فهمي ٿي آهي، هن کي اجايو شڪ آهي ته مان هڪ ڇوڪريءَ جي پويان آهيان، هو سمجهي ٿو ته هوءَ ڪا لفٽ نه ٿي ڪرائي، تڏهن به هن تي نظر رکيون ويٺو آهيان، هن جي گهٽيءَ جا چڪر پيو ڪاٽيندو آهيان، هو اڪثر اهڙي قسم جون ڳالهيون ڇيڙيندو هو، هن اها ڳالهه به ان حوالي سان ئي ڪئي هئي.

يار اڄ هن شهر ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.“ مون هن کي اصل ڳالهه ٻڌائڻ چاهي.

هن حيرانگي ۽ پريشاني واري لهجي ۾ پڇيو ”ڇا ٿيندو ....... ڇا هو .......؟

ها هو جيڪو بيٺو آهي نه اهو ضرور ڪجهه ڪندو.“

ڪٿي بيٺو آهي؟“ هن شرارتي مرڪ مرڪندي در کان ٻاهر ڏٺو.

يار سامهون جيڪا عمارت آهي نه ........“ مان اڃان کيس ان جي باري ۾ ٻڌائي ئي رهيو هيس ته هڪ گراهڪ ماجد کيس سڏ ڪيو. هو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان سواءِ هن ڏانهن هليو ويو، مون به اسٽڪ اسٽڪ هولڊر ۾ وڌي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڦيرائيندو ٻاهر هليو ويس، هو گراهڪن ۾ محو لڳو پيو هو.

ٻاهر اچي سامهون انهيءَ عمارت جي مٿان ڏٺم، اکيون پٽجي ويون ڪنهن جي تاڙ ۾ بيٺل شخص انهيءَ پوزيشن ۾ بيٺو هو. منهنجي دل ۾ کٽڪو پيدا ٿيو، اڌ ڪلاڪ اڳ کيس ڏٺو هيم ته پهرين ئي نظر ۾ مون کي مشڪوڪ لڳو هو، اسنوڪر ڪلب ڏانهن ايندي مان صرف هن طرف ئي ڏسندو رهيو هيس، مان سوچڻ لڳس ”هو ڪير آهي؟ اتي ڇو بيٺو آهي؟ ۽ سندس مقصد ڇا آهي؟ مون کي خيال آيو ته کيس ڇڏي ڏيان، جيئن وڻيس تيئن ڪري، مان ڇو اچي ٻين جي معاملن ۾ پيو آهيان؟ پر دل چيو ته پهرين ڏسان آهي ڪير؟ کيس سڃاڻي سندس چهرو ياد ڪري پوءِ ڇڏي ڏيندس، گهٽ ۾ گهٽ هن جي معاملي ۾ منهنجي ايتري ته دلچسپي هجڻ گهرجي نه، هو ڇاٿو چاهي؟ اهو ڀلي خبر نه پوي. ان عمارت ۽ اسنوڪر ڪلب جنهن جي در اڳيان مان بيٺو هيس جي وچ ۾ تمام گهڻو مفاصلو هو، اها عمارت هڪ جدا گهٽي ۾ هئي پر گهڻ منزلي هئي ۽ اهو شخص ان جي ڇت تي بيٺو هو، فقط ايترو نظر ٿي آيو ته ڪو بيٺو آهي پر ڪير آهي اهو سڃاڻپ ۾ نه ٿي آيو، هن جي منهن تي ڪارو ڪپڙو به ويڙهيل هو.

اهو ڪير آهي؟ اهو ڄاڻن قطعي آسان نه هوندو ۽ تجسس ۽ دلچسپيءَ سان ڀرپور هوندو.“ مون سوچيو.

مون هڪ دفعو ٻيهر اوڏانهن ڏٺو، پر هن دفعي گهڻي غور سان ڏٺم، اهو بلڪل ئي ساڳي پوزيشن ۾ بيٺو هو. هن جي نظر پرنس روڊ تي هئي، هن دفعي جيڪا نئين ڳالهه مون محسوس ڪئي ته هو هٿئين خالي نه بيٺو هو، پر سندس هٿ ۾ هڪ ڊگهو هٿيار به هو، شايد ڪا رائفل وغيره، منهنجو تجسس وڌي ويو ۽ هن جي معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ جي بهانو ملي ويو، منهنجي دلچسپي جي حد صرف هن جو چهرو ڏسڻ تائين نه رهي، پر اهو پورو مامرو ڄاڻڻ تائين وڌي ويئي، هاڻ ٻيو ڪو چارو نه هو.

مان اهو ڄاڻي ئي دم پٽيندس ته اهو شخص عمارت تي چڙهي ڇا ٿو ڪري؟ ۽ ڇا پيو سوچي؟ مان اسنوڪر ڪلب جي ڏاڪڻ لهي ويس ۽ پرنس روڊ تي واقع ان عمارت ڏانهن وڌڻ لڳس، پرنس روڊ تي ان عمارت جي سامهون هڪ ٻي عمارت آهي، جنهن ۾ شاپنگ سينٽر، دڪان ۽ هوٽلون قائم آهن، مان ان عمارت ۾ داخل ٿي ويس، سڀ کان پهرين مون اها پڪ ڪرڻ ٿي چاهي ته ان شخص جي هٿ ۾ واقعي به هٿيار آهي يا منهنجي نظر جو دوکو آهي؟

آخري ماڙ تي هوٽل قائم هئي، اتي عام اچ وڃ ۽ ماڻهن جي گهڻائي هئي، اتي پهچي مان ان هوٽل جي آڳر تي نڪري آيس، آڳر ويڪرو هو، ان کي چوڌاري ڪلهي جيتري ڀت ڏنل هئي، مان ان عمارت جي پاسي ڏانهن ڏنل ڀت طرف وڌيس، ٻاهر جهاتي پائي ڏٺم، سامهون ئي اها عمارت هئي، اهو شخص اتي ساڳي حالت ۾ موجود هو ۽ اها پڪ به ٿي ويئي ته هن جي هٿ ۾ رائفل آهي.

هو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟“ اهو ڄاڻڻ لاءِ هن جي رائفل جي رخ جو اندازو لڳايم ته حيران رهجي ويس، ان جو رخ اسان جي شهر جي مشهور شخصيت عظيم خان جي گهر ڏانهن هو. جيڪو پرنس روڊ تي سڀني کان وڌيڪ عاليشان گهر هو. ”شهر کي اڄ تمام گهڻو نقصان ٿيڻ وارو آهي.“ منهنجي ذهن ۾ خيال مٿان خيال ايندا ويا.

جيڪڏهن هن شخص عظيم خان کي ماري ڇڏيو، جيڪو واحد شخص آهي هن شهر جو جنهن کي ملڪ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي ته پوءِ اهو هڪ اهڙو نقصان هوندو، جيڪو ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو، اهڙي شخصيت صدين ۾ ڪا هڪ پيدا ٿيندي آهي.“

پرنس روڊ تي هونئن ته تمام وڏيون شخصيتون، بزنس مين ۽ سياستدان رهائش پذير آهن، پر عظيم خان تمام گهڻو مشهور آهي، اها هتان جي واحد شخصيت آهي، جيڪا ملڪي سطح تائين مشهور آهي، مون سوچيو جيڪڏهن هن جو پرنس روڊ تي ڪنهن کي مارڻ جو ارادو آهي ته ان جو نشانو عظيم خان ئي ٿي سگهي ٿو، اهو سوچي مونجهارن ۾ اچي ويس، ۽ هڪ ٻيو خيال به آيو ته

”جيڪڏهن هو اتي عظيم خان کي مارڻ جي ارادي سان نه بيٺو ۽ ان جو ڪو ٻيو ارادو آهي ته پوءِ ان عمارت جي لڳو لڳ بئنڪ آهي، بئنڪ کي ڌاڙو به لڳي سگهي ٿو، هن جا ساٿي هيٺ بئنڪ ڦرڻ جي نيت سان ويا هوندا ۽ هو مٿي ڪنهن خطري کان ساٿين کي خبردار ڪرڻ جي ڪم سان لڳل هوندو.“ انهن ٻنهي خيالن مان مون کي ڌاڙي لڳڻ وارو خيال وزندار لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته ”هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي ........؟ مون کي ذميدار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ ان ڌاڙي روڪائڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کپي، جيڪڏهن ڌاڙو ڪامياب ٿي ويو ته شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو.“ اهو سوچي هيٺ لهي آيس، هيٺ هر ماڻهو پنهنجي مصروفيت ۾ مگن لڳو پيو هو. انهن مان ڪنهن کي به خبر نه هئي ته شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيڻ وارو آهي، ڪنهن کي ڪا ڳڻتي، ڪا پريشاني نه هئي، مان پريشانيءَ ۾ تڪڙو تڪڙو هڪڙي پي سي او ڏانهن وڌيس، اهو وارث جو پي سي او هو. هن سان منهنجي دعا سلام هئي.

هن سان هٿ ملائي کيس چيم ”سيٽ هيڏانهن ڪر، جلديءَ ۾.“

ڇو خير ته آهي، ڪهڙي ايمرجنسي آهي؟“ هن ٽيليفون سيٽ کڻي مون ڏانهن وڌائيندي چيو.

نه خير ناهي“. بئنڪ جو نمبر ملائيندي کيس ٻڌايم“ اڄ شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيڻ وارو آهي.“

ڪهڙو نقصان؟“ هن حيرانگيءَ مان پڇيو.

ترس في الحال ماٺ ڪر ........ ها هيلو!“ مان رسيور ۾ ڳالهايو.“ ٻڌو مان مخبر پيو ڳالهايان، توهان کي هڪ خفيه خبر ڏئي رهيو آهيان منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪجو، هي ڪوڙ ناهي، نه مذاق آهي، منهنجي هن ڳالهه تي يقين نه ڪيو ته توهان کي به نقصان ٿيندو ۽ اسان کي به ۽ سڀني کان وڌيڪ هن شهر کي نقصان ٿيندو.“

اهو ڪيئن؟“ پريان ڪنهن حيران ٿيندي پڇيو.

توهان ڪير مئنيجر صاحب پيا ڳالهايو؟“ مون پڇيو.

نه اڄ مئنيجر صاحب نه آيو آهي، مان چوڪيدار پيو ڳالهايان.“

ها ته منهنجي ڳالهه مڃو بئنڪ بند ڪري هليا وڃو!“

ڇو؟

ڇو ته بئنڪ کي ڌاڙو لڳڻ وارو آهي، بئنڪ بند ڪري پاڻ سميت سڀني کي ٻاهر ڪڍو، ڇو ته جيڪڏهن بئنڪ ۾ پئسا ٿورا هوندا ته ڌاڙيل توهان کي اغوا ڪري سگهن ٿا.“

تون ڪير آهين ۽ ڇا پيو چوين؟

منهنجي نالي کي ڇڏيو، مان مخبر آهيان، توهان کي مطلع ٿو ڪريان.“

تون ڪهڙي ايجنسيءَ جي مخبر آهين؟“ هن ٿوري ڪاوڙ ۾ پڇيو.

مان خانگي مخبر آهيان.“

پوءِ تنهنجي خبر غلط آهي، توکي شايد معلوم نه هوندو، پر مان ٻڌايان ٿو ته اڄ آچر آهي، سموري بئنڪ توڙي لاڪر ۽ آفيسون بند آهن ۽ سڀ آفيسر موڪل تي آهن، آچر تي ڌاڙو ڪيئن لڳندو ۽ جيڪڏهن لڳو به ته انهن کي صرف ڊينگلا هٿ ايندا، ٻيو ڪجهه به نه.“

هن اها خبر ٻڌائي وڄائي ڇڏيو، واقعي مون ته ته ان پاسي غور ئي نه ڪيو هو، رسيور رکي ٽيليفون سيٽ وارث کي موٽائي ڏنم.

شهر کي ڪهڙو نقصان ٿيڻ وارو آهي؟ هن پڇيو.

مون کي خبر ناهي.“ کيس پنج رپيا ڏيئي، هن جي دڪان مان نڪري ويس، پرنس روڊ تي نڪري آيس ۽ ان عمارت کان ڳپل مفاصلو پري اچي بيهي رهيس، اکيون کڻي جو مٿي ڏٺم ته ڏسندو ئي رهجي ويس، اتي ساڳيو همراهه ساڳي حالت ۾ موجود هو.

وڏو ڪو بدبخت آهيان، جو هن جي ارادن کي صحيح سمجهي ناهيان سگهيو.“ مون کي ٻه خيال آيا هئا، هڪ ته هو ڌاڙي جي نيت سان اتي بيٺو آهي، اهو خيال ته سراسر غلط نڪري پيو، فلاپ ٿي ويو هو، ڇو جو هڪ جدا عمارت تي بيهي ٻي عمارت اندر بئنڪ ۾ لڳندڙ ڌاڙي ۾ هو ڪيئن پئي شامل ٿي سگهيو؟ ان تي مون پهريان غور ڇو نه ڪيو هو، خوامخواهه وقت ڇو وڃايم، ان خيال سان گڏ جيڪو ٻيو خيال آيو هو ته هو عمارت جي مٿان رائفل کڻي عظيم خان کي مارڻ جي نيت سان بيٺو آهي، هاڻ اهو ئي خيال وڃي رهيو هو، مون ان خيال جي صحيح يا غلط هجڻ تي غور ڪيو ۽ سندس رائفل جي رخ تي وري پتوڙيو ته خبر پئي ان جي سڌائي ٺيڪ عظيم خان جي گهر جي گيٽ تي بيٺي آهي، بس پوءِ ته تصديق ٿي وئي ته هو اتي عظيم خان کي مارڻ جي نيت سان ئي بيٺو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ هي شهر واقعي بدنصيب هوندو ۽ ان کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، مون ٻه دفعا وري وري ان شخص جي رائفل جي رخ جي جاچ ڪئي، وڏي باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو، پر اها ئي ڳالهه وڃي بيٺي، جيڪا سوير بيٺي هئي، هن جي ٺاهيل منصوبي تي غور ڪيم ته ”ڇا ڪندو ڪهڙي طرح ڪم ڪندو؟“ هن جي پلاننگ شايد اها هئي ته ”عظيم خان معمول مطابق جيئن ئي آفيس وڃڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرندو ته هو هن کي شوٽ ڪري ڇڏيندو.“ هن وڏي هوشياري سان اها ئي عمارت چونڊي هئي، ڇو ته جيڪڏهن هو نشاني بازيءَ جو ڪچو آهي ۽ سندس نشانو گسي به وڃي، تڏهن به سامهون روڊ تي سڄو منظر صاف هجڻ ڪري، هو سندس گوليءَ جو نشانو بڻجي سگهيو پئي.

ائين نه ٿيڻ گهرجي يار!“ مون سوچيو ”هو ملڪ جي مشهور شخصيت ۽ عوام جي مخلص ليڊر آهي، هو جو وڇوڙو عوام لاءِ وڏيو نقصان ثابت ٿيندو، عوام اهڙو مخلص ليڊر ٻيو ڪٿان آڻيندو؟ مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس.“

مون وري فون استعمال ڪرڻ چاهي، پر وارث جي پي سي او تان نه هڪ ٻئي پبلڪ ڪال آفيس کان.

هيلو“. پريان ڪنهن عورت جو آواز آيو.

هيلو عظيم خان صاحب آهي؟“ مون پڇيو.

توهان ڪير آهيو ۽ هن ۾ ڪهڙو ڪم اٿوَ؟“ پڇيو ويو.

مون کي هن سان ملڻو آهي، هن ۾ ضروري ڪم آهي.“ مون چيو.

هو جڏهن آفيس اچي تڏهن هن سان ملجو.“

پر ايتري دير ٿي ويئي آهي، هو اڃان آفيس نه آيو آهي، اڃان ڪيتري دير ڪندو؟

ايترو خاص ڪم اٿوَ ڇا؟

ها تمام گهڻو ضروري ڪم آهي، هن جي آفيس ۾ صبح کان ويهي انتظار ڪري رهيا آهيان، ڏاڍو پريشان آهيان.“

پريشان ته توهان جهڙن، هنن کي ڪري ڇڏيو آهي، ڪو آرام نٿا ڪرڻ ڏيوس، ڪم ڪم، صرف ڪم، آخر هو به انسان آهي، هن لاءِ به آرام ضروري آهي، آچر تي به ڪم! گهٽ ۾ گهٽ آچر تي ته آرام ڪرڻ ڏيوس، هو اڄ آفيس نه ايندو، آرام ڪندو، سڀاڻي جڏهن هو آفيس اچي ته هن سان ملجو، توهان جو ڪم ٿي ويندو.“ ائين چئي عورت رسيور رکي ڇڏيو.

جيڪڏهن هو اڄ آفيس نه ايندو ته پوءِ اهو شخص سندس انتظار ڇو ڪري رهيو آهي؟ شايد هن کي به مون وانگر خبر ناهي ته اڄ آچر آهي، هو آرام ڪندو ۽ آفيس نه ويندو، مطلب ٻاهر نه نڪرندو؟

رسيور رکي ڪال آفيس مان ٻاهر نڪتس ۽ پرنس روڊ تي اچي بيهي رهيس ۽ عمارت جي مٿان بيٺل شخص کي غور سان ڏسڻ لڳس.

ها آهي ته مشڪوڪ ۽ خطرناڪ شخص ۽ ڳرو هٿيار به اٿس.“ سندس خفيه پوزيشن کي ڏسندي مون سوچيو ”نيٺ سندس نيت ڇا آهي؟ مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اهو سمجهڻ لاءِ ڪافي دماغ استعمال ڪيم پر پوءِ به سمجهه ۾ نه آيو، هن جو مقصد ڪو ٻيو هو، مون جيڪو سمجهيو هو اهو غلط هو، هن جو اصل مقصد ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي، نه ته شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، هن جا ارادا سمجهي، کيس ان ڪم کان روڪڻو پوندو.“

مون هڪ دفعو وري هن طرف غور سان ڏٺو، ڪير به آهي، پر وڏو خطرناڪ ماڻهو آهي، ڪيئن ديده دليري سان پرنس روڊ تي رائفل تاڻي بيٺو آهي، ائين جيڪڏهن ڪنهن کي نظر نه آيو ته به ٺڪاءُ ٻڌي ته هر ڪو ان طرف ڏسندو، پوءِ هو ڪيڏانهن ڀڄندو؟ اهو ڄاڻي به هن کي ڪا پرواهه ناهي، ڪو خوف ناهي، پوءِ مان هڪ هيڻو ماڻهو ان هٽي ڪٽي کي ڪيئن قابو ڪري سگهندس، هن کي ڇيڙڻ جي ڪوشش ۾ ڪٿي جان تان نه هٿ ڌوئي ويهي رهان؟ اهو سوچي خوف به ٿيو، سوچيم ڪو ته هجي جنهن کي ان سڄي صورتحال جي خبر هجي ۽ منهنجي ٿوري گهڻي مدد به ڪري.

سامهون ڏٺم ته هڪ همراهه اچي رهيو هو، اهو منهنجو ڏٺل هو، کيس سڃاڻيندو هيس، مان هن سان وڃي مليس ”يار هن سامهون واري عمارت تي هڪ همراهه چڙهيو بيٺو آهي، اهو مون کي مشڪوڪ لڳي رهيو آهي، لڳي پيو هو ڪا نه ڪا غلط حرڪت ڪندو، اهڙي حرڪت جنهن سان هن شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو.“

اهو ڏسي مون کي تعجب ٿيو ته اهو ٻڌي هن کي ٿوري به حيرت نه ٿي هئي، هو مزي سان پان چٻاڙي رهيو هو.

ڇا توکي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي؟“ مون هن کان پڇيو.

ها تنهنجي ڳالهه تي يقين آهي، تون بلڪل صحيح ٿو چوين، پر اها ڪا نئين ڳالهه آهي؟“ هن پان ٿڪيندي چيو.

ڇا مطلب؟

مطلب اهو ته اهو جيڪو همراهه عمارت جي مٿان چڙهي بيٺو آهي نه، اهو علوُ آهي.“ هن عمارت ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ ئي چيو.

ڇا تون ان کي سڃاڻين ٿو؟“ منهنجون اکيون پٽجي ويون.

ها مان هن کي سڃاڻان ٿو، هو وڏين عمارتن تي چڙهي ۽ انهن تان ٽپو ڏيڻ جو چئمپين آهي، هو نامي گرامي بيروزگار آهي، غريب آهي، بک ۽ بدحالي کان تنگ ٿي هو ڪيترائي دفعا خودڪشي جي ڪوشش ڪري چڪو آهي، ڪيترائي دفعا زهر کائي چڪو آهي، ڦاهو کائي چڪو آهي، عمارت تي چڙهي پاڻ کي ڪيرائي چڪو آهي، پر ناڪام رهيو آهي يا ته کيس ماڻهن بچائي ورتو آهي يا هو پاڻ معجزاني طور بچي ويو آهي، پر ان دوران کيس تمام گهڻا ڌڪ لڳندا رهيا آهن، اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پوندو اٿس، ڪالهه ئي ٻڌو اٿم ته اسپتال مان ڊسچارج ٿيو آهي ۽ هاڻي عمارت جي مٿان بيٺو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه آهي؟“ اهو چئي هو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ بنا اڳتي وڌي ويو.

پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اهو وري علو ڪيئن؟ ......... ٿي سگهي ٿو هو صحيح چوندو هجي، ڇو ته علؤ جي ڪارنامن بابت مون به ٻڌو آهي، هو ڪيترائي دفعا مختلف عمارتن تان ٽپو ڏيئي چڪو آهي، پر مري نه سگهيو آهي، هو ٽپو ان طريقي سان ڏيندو آهي، جنهن سان صرف سندس ٽنگون ڀڄي پونديون آهين، ان همراهه ٻڌايو ته هو ڪالهه اسپتال مان ڊسچارج ٿيو آهي، ٿي سگهي ٿو، هو ئي هينئر عمارت جي مٿان بيٺل هجي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڀلي بيٺل هجي، هن جي معاملي ۾ مان ڇو ٽنگ اڙايان، هو آپگهات ڪرڻ چاهي ٿو ته شوق سان ڪري، منهنجو ڇا وڃي؟ مون کي پنهنجو رستو وٺڻ گهرجي.

ٿوري دير کان پوءِ منهنجي نظر سامهون ايندڙ علؤ تي پئي، هن کي ڏسي حيران ٿي ويس، جلدي ئي عمارت تان ڪيئن لهي ويو؟ هن سان گڏ سندس ڪجهه دوست هئا، کيس چئي رهيا هئا، ”اڄ خودڪشي ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪر.“

هو چئي رهيو هو“ ڪو فائدو ناهي، مان اڄ ئي عمارت تي چڙهي ٽپو ڏيندس ۽ هيءَ دنيا ڇڏي هليو ويندس.“

دوستن جو ئي ڪجهه خيال ڪر علو، ضد ڇڏ، ڪو مسئلو اٿئي ته اسان کي ٻڌاءِ اسان حل ڪنداسين، دنيا ۾ اهڙو ڪوبه مسئلو ناهي جنهن جو حل دريافت نه ٿيو هجي، بيروزگاري ته هڪ عام مسئلو آهي، اهو اسان جي زندگيءَ جو هڪ حصو تي پيو آهي، ماڻهو خودڪشي ڪري ته ڪنهن وڏي مسئلي تي ڪري، اهڙا ننڍا ننڍا مسئلا ماڻهن جي جانين کان ته وڌيڪ ناهن، پوءِ تون ڇو ٿو پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو وسائين؟“ دوستن سمجهايس.

توهان جي مهرباني، مون کي ڇڏيو ته مان عمارت تي چڙهي ٽپو ڏيان، هاڻي منهنجي زنده رهڻ جو ڪو مقصد نه رهيو آهي، جي ڇا ڪندس؟“ اهو چئي هو انهن کي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌي ويو.

مان عمارت جي سامهون وڃي بيٺس، ان جي مٿان اهو همراهه بيٺو هو، علؤ هيٺ موجود هو، مٿي اهو هرگز نه ٿي ٿي سگهيو، مطلب جيڪو به هو علو نه هو، هُو ڪو ٻيو هو، هن کي ڏسڻ سان کان سواءِ ڪم نه هلندو، جيڪڏهن شهر کي ڪو نقصان ٿئي ته ماڻهن کي خبر ته پوي نه اهو نقصان ڪنهن ڪيو آهي ۽ مون کي هڪ ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت به ڏيڻو آهي.

هڪ آئيڊيا ذهن ۾ آئي، ان آئيڊيا تي وڌيڪ غور ويچار ڪيم ۽ سڄو سين ذهن نشين ڪري ٽائيم ڏٺم، مون ان سين تي عمل ڪرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جو ٽائيم فِڪس ڪيو ۽ هڪ ريسٽورنٽ ۾ هليو ويس ۽ اتي ويهي چانهه پي ذهن کي فريش ۽ پرسڪون ڪرڻ لاءِ سوچيم، ريسٽورنٽ ۾ هڪ اهڙي هنڌ اچي ويٺس، جتان هن تي چڱي طرح نظر رکي ٿي سگهيس.

اهو هو ته هڪ خطرناڪ ڪم، پر مان اها رسڪ کڻڻ ۽ هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو هيس، ان وقت مان ان عمارت جي پويان هڪ اونداهي گهٽيءَ ۾ موجود هيس، ان عمارت سان لڳ، هڪ پراڻي عمارت جي ڏاڪڻ ذريعي ان جي ڪوٺي تي چڙهي ويس، ان جي ڇت تي پهچي، مان ان عمارت تي چڙهي پيس، ٻئي عمارتون ڳنڍيل هيون ۽ اوچائيءَ ۾ به هڪ جيتريون هيون، ان لاءِ عمارت تي آساني سان چڙهي ويس، مٿي پهچندي سامهون عمارت جي اڳئين حصي جي مٿان اهو شخص بيٺل نظر آيو، هن جي مون ڏانهن پٺي هي، هو ائين ئي پوزيشن سنڀالي پرنس روڊ تي رائفل تاڻي بيٺو هو، مان آهستي آهستي هن جي طرف وڌيس، اها عمارت ڪاٺ جي سامان جي فيڪٽري ٿي لڳي، جو هر هنڌ، هيڏانهن هوڏانهن پوري ڇت تي ڪاٺ جا ڪٽيل تختا، اڌ ٺاهيل توڙي پراڻو فرنيچر ۽ مختلف قسم جو سامان ڦهليل هو. تنهن ڪري ڇت تي هلندي کڙڪا ٿيڻ لڳا، مون کي ڊپ لڳو ته ڪٿي کڙڪي تي اهو همراهه مون طرف نه ڏسي، تنهن ڪري پاڻ سنڀاليندو، ڪاٺ کان بچندو، بي آواز قدم کڻندو مان هن جي بلڪل پٺيان بيهي رهيس، هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ صرف هڪ قدم جو مفاصلو بچيو هو. منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي، وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳس، جسم به ڏڪڻ لڳو.

خوف نه کاءُ بيوقوف!“ مون سوچيو ”جلد ڌڪ هڻي هن کي قابو ڪر ۽ سندس ارادو خاڪ ۾ ملائي ڇڏ، جيڪڏهن هو پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هن شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو ۽ ان جو ذميوار تون هوندين، نه ائين نه ٿيندو، مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس، مان هن جي ڪنهن به ارادي ۾ شامل نه ٿيندس.“

مون پنهنجا ٻئي هٿ گڏائي، مٿي ڪري پوري قوت سان هن جي ڪنڌ تي وهائي ڪڍيا، رڙ نڪري ويئي هن کان نه پر مون کان، شايد هن هيلمٽ پائي رکي هئي، هو ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو، اهڙو آواز اڀريو ڄڻ ڪاٺ جي ٽيبل ڪري پئي هجي، مان خوش ٿيس ”نيٺ ڪم بخت کي ڪيرائي وڌم، هن جا سڀ اراد خاڪ ۾ ملي ويا، آخر هن کي قابو ڪري مون شهر کي تمام گهڻي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، هي آهي، ڪهڙو، ڏسان ته سهي؟“ اهو سوچي هن جي مٿان پيل ڪارو لٽو هٽائي ڏٺم، منهنجي پيرن هيٺان ڇت نڪري ويئي ڇو ته مان ان وقت ڇت تي بيٺو هيس، ائين لڳو ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو هجان، اهو خطرناڪ ماڻهو ڪير هو؟ ڪو به نه، فقط هڪ پراڻي ڀڳل فرنيچر سان ڀريل هڪ ڳوڻ هئي، جنهن جي هڪ ڦاٽل سوراخ مان هڪ وڏي سڌي ڪاٺي ٻاهر نڪتل هئي ۽ پرنس روڊ ڏانهن ڦريل هئي.

مان ٿڪل قدمن سان پنهنجي دوست جي اسنوڪر ڪلب تي پهتس ٿورو غمگين، ٿورو پشيمان هيس، دل ۽ دماغ تي بار محسوس ٿي رهيو هو. ان وقت اسنوڪر ڪلب ذري گهٽ خالي هو، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو موجود هئا، صرف ٻن ٽيبلن تي گراهڪ کيڏي رهيا هئا، مان دخل تي طارق جي ڀرسان ويهي رهيس.

هن مون کي ڏسندي ئي چيو ”اوهه شاهد! اچ اچ وڏي عمر اٿئي، هينئر توکي ئي پئي ياد ڪيم، هڪ سرپرائيز اٿئي، اهو پنهنجو عرفان آهي نه ان وزير کي هارائي ڇڏيو، وڏو پاڻ کي چئمپين ٿو سڏائي، هڪ ننڍڙي ڇوڪري کان هارائي اهڙو پشيمان ٿيو آهي جو چئي پيو ته راند ڇڏي ڏيندس، ڪيئن آهي نه وڏي ڳالهه؟

هن جي ڳالهين ۾ دلچسپي نه ورتم.

۽ ٻيو ٻڌاءِ چيئي پئي ته اڄ ڪجهه ٿيندو، ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه ٿيو به يا نه؟

مان ماٺ رهيس، کيس ڇا چوان ها؟ هن وري چيو ”لڳي ٿو ته ڪجهه نه ٿيو ۽ تنهنجو ڪم ٿيڻو ئي ناهي.“

واقعي به ڪجهه نه ٿيو.“ مون آهستي ڳالهايو.

هن منهنجي ڳالهه ٻڌي مسڪرائيندي چيو ”چيو مانءِ نه ته ڀاءُ ان کي ڇڏ، تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي، ان ڇوڪريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل ريس کٽڻ لازمي آهي ۽ تون آهين هڪ سائيڪل سوار، تون ان ۾ نه پُڄي سگهندين، اجايو ڇو ٿو پنهنجي زندگي تباهه ڪرين، پر تو منهنجي ڳالهه نه مڃي، سو هاڻ ڏسي ورتئي، ٺهيو هاڻ ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو؟

ڏاڍي ٿي مونسان ..........“ کيس ٻڌائڻ چاهيم پنهنجي پوري ڪهاڻي، پر پوءِ سوچيم ته وري ان ڇوڪريءَ لاءِ سمجهندو، تنهن ڪري ماٺ رهيم، ذهني طور تي ڊپريس هيس، پاڻ تي ٿيندڙ وڌيڪ چٿر يا تنقيد برداشت نه ڪري سگهان ها، تنهن ڪري اتي وڌيڪ ويهڻ بيڪار ڀانيم ۽ اتان آهستي آهستي هلندو در کولي ٻاهر هليو ويس، مون پنهنجي گهر ڏانهن رخ ڪيو، منهنجو گهر سٽي اسٽريٽ ۾ هو، جيڪا ان عمارت کان تمام گهڻو پري ۽ مختلف رخ تي هئي، مون ان عمارت کي مڙي ڏٺو به نه، پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳس. جڏهن مان سٽي اسٽريٽ ۾ داخل ٿيس ته اوچتو هڪ پوليس جيپ منهنجي آڏو اچي بيهي رهي، مون حيرانگي مان جيپ ڏانهن ڏٺو، ان ۾ هڪ انسپيڪٽر هڪ حوالدار، ٻه سپاهي ۽ ٻه ٽي عام ماڻهو سوار هئا.

ڇا هي همراهه آهي؟“ انسپيڪٽر مون کي ڏسندي پويان ويٺل انهن همراهن کان پڇيو.

جي سر اهي اهو ئي شخص آهي.“ هڪ شخص وراڻيو.

پڪ اٿوَ يا مڙئي اندازو ٿا لڳايو؟

پوري پڪ آهي سر.“

متان ڪو ٻيو همراهه هجي.“

نه سر هي آهي، اسان هن کي سڃاڻي ورتو آهي.“

مان حيرانگيءَ مان سندن ڳالهيون ٻڌندو رهيس.

پوءِ ويهاريوس گاڏيءَ ۾.“ انسپيڪٽر سپاهين کي اشارو ڪندي چيو، اهو ٻڌي منهنجون وايون بتال ٿي ويون، سپاهين مون کي کنڀي کڻي گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ گاڏي پوليس اسٽيشن طرف رواني ٿي، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.

ٿاڻي تي انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي. ”نالو، پتو، ڪير آهيان، ڇا ڪندو آهيان، وغيره وغيره.“ پوءِ انسپيڪٽر پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي هلندو مون وٽ آيو، مون کي پيرن کان وٺي منهن تائين ڏٺائين، پوءِ اکين ۾ ڏسندي پڇيائين ”شاهد نالو اٿئي؟

جي ها.“ مون وراڻيو.

شاهد تون ان عمارت جي مٿان ڇا ڪري رهيو هئين؟

ڪهڙي عمارت؟“ مون اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو.

جلد ٻڌاءِ ان عمارت جي مٿان چڙهي تون ڇا ڪري رهيو هئين؟“ هن سخت لهجي ۾ پڇيو.

توهان ڪهڙي عمارت جي ڳالهه پيا ڪريو، انسپيڪٽر صاحب؟

اڻڄاڻ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر، سچ سچ ٻڌاءِ نه ته سچ پتري سان جسم جي کل لاهي ڇڏيندو سانءِ.“

مون کي ڪا خبر ناهي ته توهان ڇا چئي رهيا آهيو ..........“

توکي سڀ خبر آهي ۽ تون سڀ ڪجهه ٻڌائيندين.“ هن خار ۾ ٽيبل تي اسٽڪ وهائيندي چيو ”جڏهن سچ پترو تنهنجي پٺيءَ تي هليو ته تون طوطي وانگر ٻوليندين، جلدي ٻڌاءِ ان عمارت جي مٿان ڇو چڙهيو هئين؟ ڇا ڪري رهيو هئين؟

ڪهڙي عمارت؟

انهيءَ فيڪٽري واري عمارت جي ڳالهه پيو ڪريان، جنهن تي تون چڙهيو هئين، هاڻ ياد آيئي يا اڃان نه؟

ها.“ مون وراڻيو.

ته پوءِ ٻڌاءِ ڇاڪاڻ چڙهيو هئين ان عمارت تي؟

ڪو خاص مقصد نه هو بس ..........“

ڪو خاص مقصد نه هو، اڙي هيڏي، تو شهر جو هيڏو وڏو نقصان ڪري ڇڏيو، اڃان چوين پيو ته ڪو خاص مقصد نه هو.“

مون ڪجهه سمجهيو نه، مون شهر جو ڪهڙو نقصان ڪيو آهي؟

ٻڌاءِ تون ڪنهن جي لاءِ ڪم ڪندو آهين، انهن سڀني جا نالا، ڏس پتا ٻڌاءِ ۽ جيڪڏهن انهن جو تصويرون به اٿئي يا ڪي ڪارڊ وغيره جن تي انهن جون تصويرون لڳل هجن، اسان کي ڏي ۽ جيڪڏهن تو اسان سان تعاون نه ڪيو ۽ نٽايو يا مڪر ڪيو ته اهڙا پادر کائيندين جو ياد رکندين.“ هن پنهنجي لسي اسٽڪ هٿن ۾ لوڏيندي چيو.

انسپيڪٽر صاحب توهان صاف صاف ڇونه نٿا ٻڌايو ته مون ڇا ڪيو آهي؟“ مون جذباتي انداز ۾ چيو.

تون هڪ وڏو تخريبڪار آهين، غنڊو آهين، بدمعاش آهين، تنهنجي ڪري اڄ هن شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، تو ان فيڪٽري کي تباهه ڪري، ان جي مالڪ کي ته برباد ڪيو آهي پر شهرين کي به جنجال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هاڻ هتان جي شهرين کي فرنيچر ۽ ڪاٺ جي مختلف سامان خريد ڪرڻ لاءِ ٻين شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو، انهن جو ڪيترو پئسو زيان ٿيندو، ان جو توکي احساس آهي.“ هن ڪاوڙ مان چيو.

هي توهان ڇا چئي رهيا آهيو؟“ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، منهنجو مٿي چڪرائڻ لڳو.

تو ان فيڪٽري کي باهه ڏيئي، تمام وڏو ڏوهه ڪيو آهي، فيڪٽري سڙڻ جي ڪري ڪروڙين رپين جو ڪاٺ ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو آهي.“

مون عمارت کي ڪٿي باهه ڏني آهي؟“ مون گهٻرائيندي چيو.

تون ائين ڪيئن باسيندين، پنهنجي ليکي وڏو بدمعاش آهين، پوليس جي مار تولاءِ ٻار جي چماٽ آهي، تون ائين سکڻين پڇائن سان ڪيئن باسيندين؟ پر ياد رک مون وٽ به ثبوت آهن، شاهد آهن، هڪ نه چار چار انهن سڀني توکي اهو سڀ ڪم ڪندي ڏٺو آهي، اهي تو مٿان شاهد بيهي سگهن ٿا، اهي اهو ثابت ڪري سگهن ٿا ته تون جڏهن عمارت جي مٿان موجود هئين، انهي وقت عمارت کي باهه وڪوڙي ويئي هئي، دونهين اٿڻ جي هڪ منٽ بعد تون عمارت تان لهي فرار ٿي ويو هئين، پر انهن توکي چڱي طرح سڃاڻي ورتو هو، تنهنجو چهرو ياد ڪري ڇڏيو هو، انهن چئن ڄڻن مان هن وقت مون وٽ ٽي ڄڻا موجود آهن، جيڪي تنهنجي ڏوهه جي شاهدي ڏيندا، جڏهن توکي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته مان انهن کي شاهدي لاءِ حاضر ڪندس.“ اسنپيڪٽر اهو چئي لاڪپ جو دروازو ٽپي ٻاهر نڪري ويو.

مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو.

مان وائڙن جيان لاڪپ ۾ ويٺل رهيس، ڪجهه دير کان پوءِ فيڪٽري جو مالڪ آيو، ايف آءِ آر ڪٽائي ويو. ٻئي ڏينهن پوليس چالان ڪري عدالت وٺي ويئي.

”مون سان هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ مان ته ائين سوچي به نه پئي سگهيس ته اهڙي طرح ڦاسي پوندس، نه ڄاڻ فيڪٽري کي باهه ڪيئن لڳي؟ منهنجو ڏوهه صرف ايترو هو ته مان هن شهر کي تمام گهڻي نقصان ٿيڻ کان بچائڻ چاهيان پيو، پر نتيجو ابتو نڪتو، شهر کي تمام گهڻو نقصان ٿي ويو هو پر ان جو سبب وري مان بڻجي پيس.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more