1.
ڪفايت شعاري ڇاکي چئجي؟
2.
ڪفايت شعاري ۽ ڪنجوسي
3.
ڪفايت شعاري جا فائدا
4.
ڪفايت شعاري جا اصول
انسان پنهنجي ضروريات زندگيءَ ۾ ايترو
خرچ ڪري جو مناسب هجي انهي کي ڪفايت شعاري چئبو آهي. ڪفايت شعاري انسان جي ڪامياب
زندگي گذارڻ جي هڪ ڪنجي آهي. جيڪو انسان پاڻ کي فضول خرچيءَ کان روڪي، بچت اختيار
ڪري ٿو. انهي کي ڪفايت شعار چئبو آهي.
الله تعاليٰ هن دنيا ۾ انسان کي اڻ کٽ
نعمتن سان نوازيو آهي. انهن نعمتن جي استعمال جون به حدون مقرر ڪيون اٿس. پوءِ
جيڪو انسان انهن حدن اندر قائم رهي ٿو، اهو ڪامياب زندگي بسر ڪري ٿو.
جيئن ته: الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:
الله جا (نيڪ) بندا اُهي آهن جيڪي خرچ
ڪرڻ وقت نڪي بيجا اُڏائين ٿا ۽ نه تنگي ڪن ٿا. بلڪ وچ واري سڌي واٽ اختيار ڪن ٿا
(الفرقان آيت 76)
پر جيڪي انسان هٿ ڦاڙ ٿي مقرر ڪيل حدون
اورانگهين ٿا، اُهي انسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي پاڻ کي زندگيءَ ۾ ناڪام
بنائين ٿا. اهڙن اسراف ڪندڙن مان الله تعاليٰ به ناراض آهي. انهن کي شيطان جا ڀائر
ڪوٺيو اٿس.
ڪفايت شعار انسان جو اصول هوندو آهي ته
جو جائز ضرورت تي خرچ ڪندو آهي، پر ڪنجوس انسان جو اهو اصول هوندو آهي ته (چمڙي
وڃي ته وڃي، پر دمڙي نه وڃي) هن کي ڌن دولت سان اهڙي محبت هوندي آهي جو هو انهي کي
ذخيرو ڪري رکڻ واري حرص ۾ مبتلا هوندو آهي.
تنهن ڪري جتي انسان لاءِ اسراف ڪرڻ سخت
نقصانڪار آهي. اُتي ڪنجوسي ڪرڻ به هاڃيڪار آهي. مشهور چوڻي آهي ته (اهو ڪي ڪجي جو
مينهن وسندي ڪم اچي).
انسان هميشه هڪ حال ۾ نه ٿو رهي. ڪڏهن
خوشحال آهي ته، ڪڏهن وري ڪنگال. تنهن ڪري نهايت ضروري آهي ته هميشه ڪفايت شعاري
کان ڪم وٺي ڪجهه بچت ڪجي، جا انسان کي بيماري، بي روزگاري ۽ ٻڍاپڻ ۾ ڪم اچي.
دين اسلام اسان کي ڪامياب زندگي گذارڻ
جا جيڪي زرين اصول ٻڌايا آهن، انهن ۾ ڪفايت شعاري جو سخت تاڪيد ڪيل آهي. مگر اسان
ڪفايت شعاري جو زرين اصول ڇڏي ڏنو آهي. اسان جي زندگي جي هر شعبي ۾ اسراف آهي جنهن
ڪري قوم ۽ مُلڪ جي معيشت تي نهايت برو اثر پئجي رهيو آهي. جيڪو فرد يا قوم ڪفايت
شعاري واري زندگي اختيار ڪري ٿي اها سدائين خوشحال زندگي گذاري ٿي. جنهن ڪري نهايت
ضروري آهي ته اسان کي ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ گهجري ۽ فضول خرچي کان پاڻ کي بچائڻ
گهرجي.
Comments
Post a Comment