روشنيءَ جي توانائيءَ جو ڪيميائي توانائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ

روشنيءَ جي توانائيءَ جو ڪيميائي توانائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ
روشنائي ترڪيب ھڪ اھڙي ڀڃ ڊاھ (Metabolic) وارو ڪيميائي عمل آھي جنھن جي وسيلي ٻوٽا سج جي توانائي حاصل ڪري ان کي ڪيميائي توانائي ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا ۽ توانائيءَ سان ڀريل نامياتي غذا ماليڪيولن جي صورت ۾ جمع ڪري ڇڏين ٿا جيئن گلوڪوز ۽ آڪسيجن ضمني پيداوار (By product) جي طور نيڪال ڪن ٿا.
ظاھري طور ھي عمل سادو آھي پر حقيقت ۾ ھن ۾ ڪيميائي عمل ٿين ٿا جن کي ٻن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. روشنيءَ وارو عمل ۽ اوندھ وارو عمل.

روشني وارو عمل (Light reaction)
ھي عمل روشنيءَ تي ڀاڙيندڙ عمل سڏبو آھي ڇو ته ڪلورو فل ۽ ٻيا لاڳاپيل ماليڪيول روشنيءَ واري عمل دوران توانائي جذب ڪري ان مان ڪجھ حصو ڪيميائي توانائي جي شڪل ۾ تبديل ڪن ٿا. روشنيءَ مان ڪجھ حصو پاڻي کي آڪسيجن ۽ ھائڊروجن جي ٽوڙڻ ۾ ڪم اچي ٿو اھو عمل فوٽولائسز سڏبو آھي. آڪسيجن وري ماحول ۾ ملي وڃي ٿي جڏھن ته ھائڊروجن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان ملي گلوڪوز ٺاھي ٿي ڪلورو پلاسٽ ۾ موجود ڪلورو فل ۽ ٻيا ماليڪيول روشنائي نظام ٺاھين ٿا جنھن ۾ روشنيءَ واري توانائيءَ ڪيميائي تونائيءَ تبديل ٿي ھيٺيان مرڪب ٺاھي ٿي.

(1)                       NADPH2  (نڪوٽينا مائيڊ ايڊينائن ڊاءِ نيوڪليو ٽائيڊ  فاسفيٽ )
(2)                       ATP  (ايڊينو سائين ٽراءِ فاسفيٽ)

ڪلورو پلاسٽ ۾ موجود پاڻيءَ جي ٽٽڻ سان موجود NADP ھائڊروجن آئن وصول ڪري NADPH2  ۾ تخفيف ٿي وڃي ٿي.

جيوگھرڙي ۾ ٻيو مرڪب  ADP (ايڊينو سائن ڊاءِ فاسفيٽ) موجود ھوندو آھي ۽ اھو ھڪ فاسفيٽ گروپ سان گڏ روشني واري عمل ۾ استعمال ٿي ATP  ٺاھڻ لاءِ ميلاپ ڪندو آھي.
ATP  ۽ NADPH2  ٻئي توانائيءَ سان ڀرپور مرڪب آھن اھي روشنائي ترڪيب جي اوندھھ واري عمل ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي نشاستي ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ توانائي مھيا ڪندا آھن.

اوندھ وارو عمل (Dark reaction)
ھي به روشنيءَ تي ڀاڙيندڙ عمل آھي ڇو ته  روشنيءَ واري توانائي مان ٺھيل ٻه مرڪب ATP  ۽ NADPH2  گلوڪوز جي ٺھڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻيءَ کي استعمال ڪر ي توانائي مھيا ڪندا آھن. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقرر ٿيڻ ۽ گلوڪوز ۾ تبديل ٿيڻ وارو عمل ڪلوروپلاسٽ جي سوراخن ۾ ڪيترن ئي لڪيل عملن کانپوءِ  عمل ۾ ايندو آھي جنھن کي سراسري طور ڪيلون سائيڪل (Calvin cycle)  يا اوندھ وارو عمل (Dark reaction) چئبو آھي. اھڙي طرح ٺھڻ واري گلوڪوز جا ماليڪيول ھن مرحلي تي بطور نشاستو ڪلورو پلاسٽ ۾جمع ٿيندا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت