فائيلم نيما ٽوڊا

لِوَرفلوڪ (Liver fluke)
لورفلوڪ ھڪ سڌي پن جھڙو جاندار آھي. جنھن جي ڊيگھ 3 س.م ٿئي ٿي. اھو رڍ، ٻڪري ۽ چوپائي مال جي جيري ۾ رھندڙ مفت خور آھي. اھو پنھنجي رھڻ واري جاءِ تي پاڻ کي ميزبان (Host) سان ٻن چوسيندڙ عضون (Suckers) سان چنبڙيل رکي ٿو. جن مان ھڪ جسم جي اڳئين حصي جي منھن  وٽ ھوندو آھي ۽ جڏھن ته ٻيو سندس جسم جي ھيٺين پاسي ھوندو آھي. لور فلوڪ کي ٻن حصن ۾ ورھايل گھڻ شاخن وارو ھاضمي جو نظام آھي ھنن ۾ نيڪال جو سوراخ (Annus)  ڪونه ٿئي ھر لورفلوڪ ۾ ٻنھي جنسن يعني نر ۽ مادي جا پيدائشي عضوا ھوندا آھن. ھي پنھنجي ميزبان کي نقصان پھچائيندو آھي.

ٽيپ ورم(Tape worm)
ٽيپ ورم ڪرنگھائين جانورن جي آنڊن ۾ رھندڙ مفت خور آھي. ٽيپ ورم جو جسم ڊگھو ۽ ربن نما (Ribbon like) آھي. جيڪو ڪيترن ئي ڇليدار حصن ۾ ورھايل آھي. سندس اڳيون حصو گولائيءَ نما مٿي (Head)   واروآھي جنھن ۾چار چُوسڻا (Suckers) آھن ۽ ننڍڙن گولن جا ڪنڊيدار ھڪ (Hook) آھن جيڪي کين پنھنجي ميزبان تي چنبڙڻ لاءِ مدد ڏين ٿا. ٽيپ ورم ۾ نه وات ٿئي نه ھاضمي جو نظام ۽ نه ئي نيڪال جو نظام ٿئي. ٽيپ ورم پنھنجي ٻاھرين سطح کان پنھنجي ميزبان جي خوراڪ کي جذب ڪندو آھي. ھن جي ھر ھڪ ڇلي يا سيگمينٽ (segment)  ۾ نر ۽ مادي پيدائشي عضوا ھوندا آھن.

فائيلم نيما ٽوڊا (Nematoda)
فائيلم نيماٽوڊا ڊگھا، لسا ۽ سئلينڊريڪل جسم وارا گول ڪينئان آھن جن جي جسم جا ٻئي ڇيڙا چھنبدار ٿين ٿا. سندن جسم ڇليدار حصن يا سيگمينٽس ۾ ورھايل نه ھوندو آھي. نيماٽوڊس ۾ ھاضمي جي نالي مڪمل ٿئي ٿي جنھن جي اڳئين حصي ۾ وات ۽ پوئين حصي ۾ نيڪال جو سوراخ آھي. ھي آزاد به رھن ته مفت خور به آھن. گھڻو ڪري عام گول ورم (Ring worm) جيڪي انسانن کي نقصان پھچائيندا آھن سي ائسڪيرس لمبريڪائيڊس (Ascaris lumbricoides)  آھن. ھنن ۾ جنسي عضوا مختلف ھوندا آھن. نر عضوا مادي عضون کان ٿورو ننڍا ھوندا آھن.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت