اسپائرو گائيرا (Spirogyra)

اسپائرو گائيرا (Spirogyra)

اسپائرو گائيرا (Spirogyra) سائي رنگ جو ۽ تازي پاڻيءَ جو الجي آھي. ھي ھڪ گھرڙي وارو آھي پر ڪالونيءَ جي صورت ۾ واڌ ويجھ ڪندو آھي ھن جي بناوت ڌاڳي نما (Filamentous) آھي. اھي غير شاخدار ھڪجھڙن اُڀن گھرڙن تي ٻڌل آھن جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل ھوندا آھن. سڀ گھرڙا ھڪ جھڙا آھن ھر گھرڙي جي ڊيگھ ان جي ويڪر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي. 

گھرڙي جي ٻاھرين ڀت (Cell wall )   سيليولوز (Cellulose) ۽ پيڪٽن(Pectin) جي ٺھيل آھي پيڪٽن ڦُنڊجي گھرڙي جي چوڌاري جيلي جھڙي چنبڙندڙ شيٽ ٺاھي ٿي جنھن ڪري گھرڙو ترڪندڙ (Slimy) ۽ چنبڙندڙ ٿي پوي ٿو. سائٽو پلازم جي چوڌاري ھڪ پيرائيٽل تَھَ آھي جيڪو پيرائيمورڊيل اٽريڪل (Primordial utricle) چئبو آھي. ۽ ھڪ وڏي خال (Vacuole) کي وڪوڙيل ھوندو آھي اھو خال گھرڙي جي رس (Cellsap) سان ڀريل آھي. 

گھرڙي ۾ پٽي دار ڪلوروپلاسٽ موجود آھي. جيڪو ھڪ گھرڙي ۾ ھڪ کان چوڏھن تائين ٿي سگھو ٿو. جيڪو پاڻ ۾ ڳنڍيل آھي. ھر ڪلورو پلاسٽ ۾ ڊيگھ تي بي شمار گول پروٽين آھن جيڪي پائيرينائيڊ سڏبا آھن. نيوڪليئس گھرڙي جي وچ ۾ ۽ سائٽو پلازم جي تاندورن سان جڪڙيل آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت