فنجائي مان ٿيندڙ نقصان

فنجائي مان ٿيندڙ نقصان

فنجائي جي ڪري ھيٺ ذڪر ڪيل نقصان ٿين ٿا.

(1)           انساني بيماريون (Human diseases)  
فنجائيءَ جي ڪري انسانن  ۾ڪافي بيماريون پيدا ٿين ٿيون جھڙوڪ ايسپرجيلوسس (Aspergillosis) ڪن ۽ ڦڦڙن جي بيماري مونيلياسس (Moniliasis) چمڙي، وات ۽ مھاڙن جي بيماري ۽ ڏڍ (Ring worn) وغيرھ.

(2)           ٻوٽن جون بيماريون  ( Plant diseases)
فنجائي ڪيترن ئي زرعي فصلن، ميون، سجاوٽي ٻوٽن ۽ ٻين قسم جي ڪيترن ئي ٻوٽن کي خراب ڪري ٿي. ڪڻڪ جي لوزسمٽ (Loose smut of wheat)  پٽاٽن ۾ مرجھائڻ واري بيماري (Late blight of potato)، ڊائوني ۽ پائوڊري ملڊليو (Downy powdery mildew)  وغيرھ رسٽ ۽ سمٽ وڏي ايراضي تي پکڙيل فصل کي تباھ ڪري سگھي ٿي.

(3)           زيان (Spoilage)
فنجائي جا مختلف قسم چمڙي جي شين، ان، ڪتابن، ڪاٺ، ڪپھ، وغيرھ کي نقصان ضايع ڪن ٿا.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت