فنيريا (Funarea)

فنيريا (Funarea)

فنيريا برائيوفائيٽس جي ميوسائي  موسز گروھ سان واسطو رکي ٿو ھن ۾ رھيزوئڊ ۽ غير حقيقي ٿڙ ۽ پن ھوندا آھن ٿڙ شاخدار به ٿي سگھي ٿو. نر پيدائشي عضوا اينٿريڊيا (Anthridia) نر شاخ جي مٿيئن حصي تي ۽ مادي پيدائسي عضوا آرچيگونيم مادي شاخ جي مٿئين حصي تي موجود ھوندا آھن.

فينريا ۾ فرٽيلائيزيشن جو عمل پاڻيءَ جي موجودگي ۾ ٿيندو آھي. جنھن جي نتيجي ۾ زائيگوٽ آرچيگونيم جي اندر ٺھندو  آھي. جيڪو واڌ ڪري ايمبريو جي شڪل اختيار ڪري ٿو.

ايمبريو گيميٽو فائيٽ سان چنبڙيل ھوندو آھي ۽ اڳتي ھلي اسپوروفائيٽ ۾ تبديل ٿي واڌ ويجھ ڪندو آھي. اسپوروفائيٽ ۾ پير، سيٽا ۽ ڪئپسول ھوندا آھن پير گيميٽوفائيٽ سان مليل ھوندا آھن ۽ ان مان غذا حاصل ڪن ٿا سيٽا ڏانڊي آھي جنھن جي مٿئين حصي تي ڪئپسول ٺھي ٿو جيڪو ھوا سبب مٿي رھندو آھي ڪئپسول ۾ مائٽوسز وسيلي اسپورس ٺھندا آھن.

پاڻيءَ جي گھٽتائي سبب ڪئپسول ڦاٽي پوي ٿو ۽ اسپورس آزاد ٿي ويندا آھن ۽ ھر اسپور بعد ۾ فنيريا جي گيميٽوفائيٽ ۾ تبديل ٿيندو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت