ڇا روشنائي ترڪيب دوران آڪسيجن گئس ٺھي ٿي؟

ڇا روشنائي ترڪيب دوران آڪسيجن گئس ٺھي ٿي؟
ھڪ بيڪر ۾ پاڻيءَ جو ٻوٽو ھائڊريلا (Hydrilla) کڻو ھاڻي ننڍڙي ناليءَ وارو ھڪ قيف کڻي ھائڊريلا جي ھڪ شاخ مٿان اونڌو ڪري رکو جيئن اھا شاخ قيف ۾ اندر ھجي. بيڪر جي تري ۾ قيف جي ھيٺان ٻه گٽڪا رکو ته جئين قيف بيڪر جي تري کان مٿي بيھي ۽قيف ۽ بيڪر جي وچ  ۾پاڻي آنسانيءَ سان اچي وڃي سگھي. ھاڻي ھڪ چڪاس نلي (Test tube) کڻي بيڪر جي نليءَ مٿان اونڌي رکو. سڀ سامان اس  رکو ڪجھ دير کانپوءِ ھائڊريلاجي شاخ مان ھوا جا بڙ بڙا نڪر ي قيف ۾ گڏ ٿيڻ لڳندا. ڪافي مقدار ۾ گئس چڪاس نلي ۾ گڏ ٿيڻ بعد چڪاس نليءَ کي قيف کان الڳ ڪريو ھاڻي چڪاس نليءَ ۾آڪسيجن گئس جي  موجودگي جانچڻ لاءِ ٻرندڙ تيلي چڪاس نليءَ جي منھن تي آڻيو توھان ڏسندا ته اھا تيزيءَ سان ٻرڻ لڳندي ان مان ثابت ٿيوته چڪاس نليءَ ۾ آڪسيجن گئس موجود ھئي جيڪا روشنائي ترڪيب واري عمل دوران ھائڊريلا مان خارج ٿي ھئي.

روشنائي ترڪيب جي رفتار تي اثر انداز ٿيڻ وارا جزا
روشنائي ترڪيب جي رفتار ڪيترن ئي جزن (عنصرن) سان متاثر ٿيندي آھي. مثال طور روشني جي شدت، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گھاٽائي، گرميءَ جو درجو ۽ غير نامياتي آئن وغيرھ .

روشنيءَ جي شدت (Intensity of light)
 روشنيءَ جي عملن جي رفتار جودارو مدار روشنيءَ جي شدت تي ھوندو آھي روشنيءَ جي شدت جيتري وڌيڪ ھوندي آھي اوتروئي ڪلوروپلاسٽ ۾ پاڻيءَ جي ماليڪيولن جي ٽٽڻ جي رفتار وڌيڪ ھوندي روشنيءَ جي شدت جي ڪري روشنائي ترڪيب واري عمل ۾ ھڪ خاص حد تائين اضافو ٿئي ٿو.

گرميءَ جو درجو (Temperature)
اونداھھ واري عمل تي گرمي جي درجي جو اثر پوندو آھي گرميءَ جي درجي ۾ اضافو ڪاربو ھائڊريٽس ٺاھڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ھائڊروجن جي وچ ۾ ڪيميائي عمل جي رفتار کي وڌائي ٿو. تنھن ڪري گرميءَ جي درجي ۾ ڪنھن ھڪ موزون حد تائين اضافي سان روشنائي ترڪيب جي عمل جي رفتار وڌي ٿي.

ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گھاٽائي  (Carbon-dioxide concentration)
ھوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ صرف %0.3 آھي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گھٽتائي ھڪ اھم تجديدي عمل آھي ۽ اھو عمل روشنائي ترڪيب جي رفتار کي گھٽ ڪري ڇڏي ٿو. تجربن مان ظاھر ٿيو آھي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گھاٽائي ۾ اضافو روشنائي ترڪيبن جي عمل جي رفتار کي وڌائي ڇڏي ٿو.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت