برائيوفائيٽس جا گروھ ۽ عام خاصيتون

برائيو فائٽس (Bryophytes) جون عام خاصيتون
(1)           سادي قسم جا ٻوٽا آھن.
(2)           پوسل آلين ۽ ڇانو وارين جڳھن تائين محدود ھوندا آھن.
(3)           ھي ايفيبيس ٻوٽا آھن.
(4)           ھنن کي جنسي پيدائش لاءِ پاڻيءَ جي گھرج ھوندي آھي.
(5)           ھنن جو جسم ٿيلس نما (Thalloid) ھوندو آھي.
(6)           ھنن  کي ٿڙ پاڙ ۽ پن نه ھوندا آھن.
(7)           پاڙ بدران پاڙوار رھيزوئڊ (Rhizoid) آھن.
(8)           ھنن ۾ واسڪيولر بنڊل نه ٿيندا آھن.
(9)           ھنن  ۾مختلف صورتن واري نسل جي مٽاسٽا ٿيندي آھي.

برائيوفائيٽس جا گروھ
برائيوفائيٽس کي ٽن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي.
(1)           ھيپاٽسي ليورورٽس (Hepaticae-liverworts)
(2)           ميوسائي موسز (Musci-Mosses) 
(3)           اينٿوسيراٽي ھارن ورٽس (Anthoceratae-Hornowrts)

(1)           ھيپاٽسي ليورورٽس (Hepaticae-liverworts)
ھن جو مثال مارڪينشيا (Marchantia)آھي جنھن ۾ ٻه شاخائي شاخون ۽ ٻه طرفي ٿيلس جي بناوت ٿيندي آھي.

(2)           ميوسائي موسز (Musci-Mosses) 
ھن جو مثال فنيريا  (Funaria) آھي. جنھن ۾ رھيزوئڊس (Rhizoids) ۽ غير حقيقي ٿڙ ۽ پن ھوندا آھن.

(3)           اينٿوسيراٽي ھارن ورٽس (Anthoceratae-Hornowrts)
ھن جو مثال اينٿوسيروس (Anthoeros) آھي جنھن ۾ سٽن جھڙا ڪئپسول ھوندا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت