برائيوفائيٽس ۽ ٽريڪيوفائيٽس

برائيوفائيٽس ۽ ٽريڪيوفائيٽس
(Bryophytes and Tracheophytes)
  
ھيٺين ۾ فرق بيان ڪريو.
(1)           اسپوروفائيٽ ۽ گيميٽوفائيٽ
(2)           برائيوفائيٽس ۽ ٽريڪيوفائيٽس
(3)           اينٿريڊ يا ۽ آرچيگونيا
(4)           اينجيواسپرمس ۽ جيمنواسپرمس
(5)           نرڪون ۽ مادي ڪون
(6)           ھڪ ٻج پن ۽ ٻه ٻج پن وارو ٻوٽو.

(1)           اسپوروفائيٽ ۽ گيميٽوفائيٽ
اسپوروفائيٽ اسپورس ٺھڻ وارو عمل آھي جڏھن ته گيميٽوفائيٽ گيميٽس ٺھڻ واررعمل آھي.

(2)           برائيوفائيٽس ۽ ٽريڪيوفائيٽس
برائيوفائيٽس واسڪيولر تاندورن کان بغير ٻوٽا آھن. جڏھن ته ٽريڪيو فائيٽس واسڪيولر تاندورن وارا ٻوٽا آھن.

(3)           اينٿريڊ ۽ آرچيگونيا
اينٿريڊيا ڪن ٻوٽن جھڙوڪ فنيريا جا نر پيدائشي عضوا آھن. جڏھن آرچيگونيا مادي پيدائشي عضوا آھن.

(4)           اينجيواسپرمس ۽ جيمنواسپرمس
اينجيواسپرمس اھڙا ٻوٽا آھن جن جا ٻج ميوي ۾ ڍڪيل ھوندا آھن. جڏھن ته جيمنواسپرمس اھڙا ٻوٽا آھن جن جا ٻج کليل ڪونس ۾ ٿين ٿا ڇو ته انھن ۾ ميوو ڪونه ٿئي.

(5)           نرڪون ۽مادي ڪون
نرڪون اھڙا ڪون آھن جنھن ۾ مائڪرو اسپوروفل لڳل ھوندا آھن. جڏھن ته مادي ڪون اھڙو ڪون آھي جنھن ۾ ميگا اسپورفل لڳل ھوندا آھن.

(6)           ھڪ ٻج پن ٻوٽو ۽ ٻه ٻج پن ٻوٽو
اھڙا ٻوٽا جن جي ٻج ۾ ھڪ ٻج پن ھوندو آھي تن کي ھڪ ٻج پن وارا ٻوٽا چئبو آھي. جڏھن ته جن ٻوٽن جي ٻج  ۾ ٻه ٻج پن ھوندا آھن. تن کي ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا چئبو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت