Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

شڪل جي حساب سان بئڪٽيريا جا قسم

شڪل جي حساب سان بئڪٽيريا جا چار قسم

شڪل جي حساب سان بئڪٽيريا جا چار قسم ھي آھن.
(1)           ڪوڪسي (Cocci) (گول)
(2)           بيسيلي (Bacilli)  (لٺ نما)
(3)           اسپائيريلا (Spirilla)  (ڇڳيدار)
(4)           وبريو يا ڪوما (Vibrio or comma)  (مڙيل)


(1)           ڪوڪسي (Cocci) (گول)

ھي گول شڪل جا بئڪٽيريا آھن ۽ گھرڙي جي ترتيب جي اعتبار کان مونوڪوڪس(Monococcus)جوڙيدار شڪل ۾ ڊپلوڪوڪسائي زنجير واري شڪل ۾ اسٽريپٽو ڪو ڪسائي ڇُڳيدار شڪل ۾ اسٽيفائلو ڪوڪسي (Staphylococoi) وغيرھ ٿيندا آھن.

(2)           بيسيلي (Bacilli)  (لٺ نما)

ھي لٺ نما بئڪيٽريا آھن. ھي جوڙيدار ڊپلوبيسيلس (Diplobacillus) زنجير واري انداز ۾ اسٽريپٽو بيسيلس (Streptobacillus) ملندا آھن. ھنن کي فليجيلا به ٿي سگھن ٿا.

(3)           اسپائيريلا (Spirilla)  (ڇڳيدار)

ھي پيچدار (Screw) شڪل جا ٿيندا آھن. ھي فليجيلا وارا به ٿي سگھن ٿا.

(4)           وبريو يا ڪوما (Vibrio or comma)  (مڙيل)

ھي ڪجھ مڙيل يا ڪاما واري شڪل جا ٿين ٿا. ھي فليجيلا وارا به ٿي سگھن ٿا.



Back to Index


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more