ھيٺين ۾ فرق بيان ڪريو.

ھيٺين ۾ فرق بيان ڪريو.
(1)           آٽوٽرفس ۽ ھيٽرو ٽروفس
(2)           روشني ۽ اونداھي وارو عمل
(3)           پروٽين ۽ ڪاربوھائڊريٽ
(4)           گوشت خور ۽ سبزي خور
(5)           معدي ۾ ھاضمو ۽ آنڊي ۾ ھاضمو .

(1)           آٽوٽرفس ۽ ھيٽروفس
آٽوٽرفس آھي جاندار آھن جيڪي پنھنجي ماحول مان غير نامياتي جزن مان کاڌو پاڻ تيار ڪري سگھندا آھن جڏھن ته ھيٽروٽرفس اھي جاندار آھن جيڪي پاڻ کاڌو تيار نٿا ڪري سگھن اھي ماحول مان تيار کاڌو حاصل ڪندا آھن. ٻيو فرق اھو آھي ته آٽوٽرفس ۾ ھاضمو ڪونه ٿو ٿئي جڏھن ته ھيٽروٽرفس ۾ ھاضي جوسرشتو ٿيندو آھي.

(2)           روشني ۽ اونداھي وارو عمل
روشني واري عمل دوران ڪلوروفل ۽ ٻيا لاڳا پيل ماليڪيول توانائي جذب ڪري ان مان ڪجھ حصو ڪيميائي توانائي جي شڪل  ۾تبديل ڪن ٿا. اونداھي واري عمل ۾وري روشنيءَ واري عمل دوران ٺھيل ٻه مرڪب (ATP) ۽ (NADPH2) گلوڪوز ٺاھڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي استعمال ڪن ٿا.

(3)           پروٽين ۽ ڪاربو ھائڊريٽ
پروٽين جسم جي واڌ ويجھھ، مرمت، بچاءُ، رت جي ڄمڻ وغيرھ ۾ ڪم ايندي آھي. ان کان سواءِ پروٽين جيوگھرڙن جو حصو به ھوندي آھي جڏھن ته ڪاربو ھائڊريٽس جسم کي بروقت تونائيءَ مھيا ڪرڻ جو ذريعو آھي يعني ته ڪاربوھائڊريٽس توانائي جي تيز تر ذريعو آھي.

(4)           گوشت خور ۽ سبزي خور
گوشت خور ٻين جانورن کي چيري ڦاڙي کائين ٿا ھنن کي ڊگھا تيز ۽ چھنبدار ڏند آھن جڏھن ته سبزي خور ٻوٽن کي کائين ٿا ھنن کي تيز تکا ڏند ڪونه ٿيندا آھن.

(5)           معدي ۾ ھاضمو ۽ آنڊي ۾ ھاضمو
معدي ۾ کاڌي جو مڪينيڪل ۽ ڪيميڪل ھاضمو معدي جي غدودن مان نڪرندڙ رطوبتن رينن (Renin) ۽ پيپسن (Pepsin) جي مدد سان ٿئي ٿو ۽ ھن عمل سبب تيزابيت پيدا ٿئي ٿي. جڏھن تهآنڊي ۾ کاڌو مڪمل طور ھضم ٿئي ٿو جنھن لاءِ جيري ۽ لبلبي جورس ڪم ڪن ٿا ۽ ھن عمل سبب تيزابيت ختم ٿيندي آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت