ڪاميابي - راجه عمران ابڙو




سينٽرل لنڊن ۾ واقع مسٽر هومر ايلن جي اسٽوڊيو جي لان تي هڪ شاندار پارٽي ٿي رهي هئي، هالي ووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر ۽ پروڊيسور مسٽر هومرايلن جي طرفان پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابيءَ جي خوشي ۾ ڏنل جشن پارٽي ۾ شهر جون نامور هستيون شريڪ هيون، جن ۾ گهڻي ڀاڱي مشهور پروڊيوسر اداڪار وغيره ۽ بزنس مين شريڪ هئا، شهر ۾ ان قسم جون پارٽيون ڏيڻ ۾ مسٽر هومرايلن مشهور هو. هالي ووڊ جي بزنس ۾ هن جو ڪوبه ثاني نه هو، اڪثر ماڻهو هن سان واسطو رکڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا.

ماحول تمام رومانٽڪ لڳي رهيو هو. هڪ مشهور آرڪيسٽرا فن جو مظاهرو ڪري رهيو هو، ڪيترائي جوڙا ان هلڪي هلڪي موسيقيءَ تي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي ڪپل ڊانس ڪري رهيا هئا. رنگ برنگي لباسن ۾ ملبوس حسينائون، اداڪارن ۽ پروڊيوسرن جي ٻانهن ۾ لڏي لمي رهيون هيون ۽ کين شراب کان وڌيڪ مدهوش ڪري رهيون هيون.

مسٽر هومر جي عمر 60 سالن جي لڳ ڀڳ هئي، ڏسڻ ۾ صحتمند نظر ايندو هو، هن سان گڏ هميشه نوجوان خوبصورت اداڪارائون هونديون هيون، پر هو ڪنهن سان به ڪو سنجيده رشتو قائم نه ڪندو هو، اهي سڀئي صرف ڪنهن پارٽي ۾ يا ڪنهن جي ڊنر ۾ شريڪ ٿيڻ وغيره لاءِ هن سان گڏ هونديون هيون.

اڄڪلهه هو هر پارٽي ۾ هڪ نئين خوبصورت اداڪاره سان نظر ايندو هو، جيڪا بي شڪ ٻين سڀني اداڪارائن کان وڌيڪ حسين هئي ۽ ٻين کان هر انداز سان مختلف به، هن جي عمر ڀلي ئي هن کان ڪافي گهٽ هئي، پر هنن ٻنهي ۾ تمام گهڻي ذهني هم آهنگي هئي، هن سان تعلق رکڻ ۾ هومر کي ڪابه مشڪل ڪانه ٿي هئي، اهڙي پر رونق پارٽي کي ڇڏي جوليئٽ جي دماغ تي ڪجهه ٻيا ئي خيال رقص ڪري رهيا هئا، هو کيس پنهنجي مهمانن سان ملائيندو رهيو، پر هوءَ خيالي طور تي ڪنهن ٻئي ئي هنڌ موجود هئي.“

”ڇا ڳالهه آهي هني؟“

هن ڏانهنس شيمپئن جو گلاس وڌائيندي چيو“ مان ڪافي دير کان ڏسي رهيو آهيان، تنهن جو موڊ ڪجهه ٺيڪ نه آهي، ڇا تنهنجي دل پارٽي ۾ نه ٿي لڳي؟“

”نه اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.“ هن چپن تي زبردستي مرڪ آڻيندي چيو ”دراصل اهڙيون پارٽيون ڏسي مان هوش وڃائي ويهندي آهيان.“

”هاڻ تون اهڙيون پارٽيون روز ڏسندينءَ.“ هن کيس چيلهه ۾ ٻانهنوجهي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو. ”تون مون سان جو گڏ آهين، مان توکي اهڙيون ته پارٽيون ڏيکاريندس جو تون حيران رهجي ويندينءَ.“

جوليئٽ جواب ۾ مسڪرائي ڏنو.

”ڇا تون ڊانس ۾ منهنجو ساٿ نه ڏيندينء؟“

”ڇونه.“

اهي ٻئي گلاس رکي ڊانس فلور تي آيا. هوءَ هن جي ٻانهن ۾ جُهومڻ لڳي.

”واهه ......... تون ڊانس ته ڏاڍي سٺي ڪندي آهين ..........“

جواب ۾ جوليئٽ جي چپن تي غضب جي مرڪ اچي ويئي.

اهي ٻئي رقص ڪرڻ ۾ مشغول هئا ته اوچتو هومر هن کان پڇيو.

”ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟“

هوءَ اهو ٻڌي ٻڏتر ۾ پئجي ويئي، حيرانيءَ ۾ هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، هوءَ به هن ۾ دلچسپي وٺندي هئي، پر ان جو هڪ ٻيو سبب هو ته هو دولتمند هو ۽ ڪامياب هو، پر هوءَ هن سان پيار نه ڪندي هئي، هن اهو سوچيو به نه هو ته هو کيس اهڙي آڇ ڪندو، هوءَ ته مارڪ ونسٽن سان پيار ڪندي هئي، دل ۽ جان سان، هو جوان هو هينڊسم هو، هن سان سندس تعلق 3 سال پراڻو هو، پر هن ۾ هڪ ڪمي هئي ته هو ڪامياب نه هو، هو هڪ اسٽرگلنگ ايڪٽر هو ۽ هن اڃان تائين هڪ به فلم نه ڪئي هئي. اڄ هوءَ گم سم هئي ته صرف هن جي ئي خيالن ۾ ڇاڪاڻ ته اڄ شام جو ئي هن سان سندس هڪ ملاقات ٿي هئي. هوءَ چرچل روڊ تي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويٺي هئي ته مارڪ اتي هن سان ملڻ آيو. هن جي هٿ ۾ هڪ گلاب جو گل هو.

”جوليئٽ آءِ لو يُو.“ هو هن کي ڳراٺڙي پائي گل هن کي ڏنو.

”لو يُو ٽو.“ جوليئٽ وراڻيو.

”اوڪي هاڻ ٻڌاءِ.“

”مان ڇا ٻڌايانءِ، تون ئي ڪجهه ٻڌاءِ.“

”اڄ مان هڪ پروڊيسر سان ملي آيو آهيان.“

”اڇا ته پوءِ ...........“

”هو هڪ فلم ٺاهي رهيو آهي، هن مون کي هڪ رول آڇيو، پر مون حامي نه ڀري.“

”پر ڇو ..............!؟“

”ڇو ته اهو مين رول نه هو.“

”مين رول نه هو ته پوءِ ڇا ٿي پيو، توکي ايڏو وڏو چانس ملي رهيو هو بيبي!؟“

مارڪ کي خاموش ڏسي جوليئٽ وري هن کان پڇيو:

”ته پوءِ هاڻ تون ڇا ڪندين؟“

”منهنجو گهڻو ڌيان پروڊيوسر ٿيڻ تي آهي، هاڻ مان ايڪٽنگ وغيره نه ڪندس، هاڻ مان پاڻ فلم ٺاهيندس ڇو ته ...........“

”فلم ٺاهيندين ............ پروڊيوسر ٿيندي ................. تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي...........“ جوليئٽ سخت ڪاوڙ مان چيو.

”ها ڇونه ..........“ هن اعتماد سان وراڻيو.

”هن ٽيبل جي بل ڀرڻ جيترا به پئسه تو وٽ ڪانه هوندا ............ ۽ خواب هڪ فلم ٺاهڻ جو ڏسي رهيو آهين ..............“

”ها پر تون منهنجي پوري ڳالهه ته ٻڌ ............“

”تون منهنجي ڳالهه ٻڌ .............. مون تو سان رشتو ان لاءِ قائم ڪيو هو ته مون کي لڳو هو ته تو ۾ هڪ جذبو آهي، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو، پنهنجي شخصيت ٺاهڻ جو، ڪنهن مقام تي پهچڻ جو، پر هاڻ مون کي لڳي ٿو ته مان غلط هيس، اصل ۾ تون هڪ ناڪام، خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ ۽ فضول ڳالهيون ڪرڻ وارو انسان آهين.“

”تون مون کي پنهنجي ڳالهه ته پوري ڪرڻ ڏي.“

”هاڻ تو وڌيڪ چوڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ بچايو ئي ڇا آهي.“ هن ٽيبل تان اٿندي چيو. ”مان تو جهڙي خود غرض انسان سان وڌيڪ رشتو نه ٿي نڀائي سگهان.“

”جذبات ۾ اچي اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪجانءِ.“

”آءِ هيٽ يُو.“

”مان ته به تنهنجو انتظار ڪندس.“

هوءَ هن کي ڇڏي اتان هلي ويئي.

”مان تو سان ڳالهائي رهيو آهيان.“

هومر جي آواز تي هوءَ خيالن جي دنيا مان واپس آئي.

”تون ڪٿي گم ٿي وئينءَ ............ مون توکان ڪجهه پڇيو، تو ان جو جواب نه ڏنو؟“

”مسٽر هومر ..........“ هن پاڻ کي سنڀاليندي چيو

”دراصل اهو منهنجي زندگي جو مسئلو آهي، مان تڪڙ ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهنديس ..........

مون کي سوچڻ لاءِ وقت کپي ..........“

”مان تنهنجي ڳالهه سمجهي سگهان ٿو.“

هن کيس پنهنجي ٻانهن کان الڳ ڪيو.

”پارٽي ختم ٿيڻ واري آهي، مان توکي پنهنجي گاڏي ۾ گهر ڊراپ ڪندس.“

”او ڪي. “

هوءَ گاڏيءَ ۾ هن جي ڀرسان ويهي سوچيندي رهي، دراصل هوءَ هن جي پروپوزل کان پوءِ پاڻ ۾ هن جي لاءِ ڪشش محسوس ڪرڻ لڳي هئي ۽ هوءَ کيس چاهڻ لڳي، پر هن جلد بازيءَ ۾ ان جو اظهار ڪرڻ نه چاهيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ٻڏ تر ۾ هئي ائين واقعي آهي يا مارڪ جي رويي هن جي دل ۾ هومر جي لاءِ همدردي پيدا ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته سچ ۾ مارڪ جيڪڏهن هيرو نه به ٿئي هان، صرف سائيڊ هيرو ٿي فلمن ۾ ڪم ڪري هان ۽ ڪجهه پئسا ڪمائي وٺي هان ته جيئن هن سان شادي ڪري سگهي هان، شايد پوءِ ٿي سگهي پيو ته اڳتي هلي قسمت هن تي مهربان ٿئي هان ۽ هو هيرو به ٿي وڃي هان، پر نه ............ هن تي ڪنهن ٻئي قسم جو ڀوت سوار هو، هن جا پنهنجا خواب هئا، هن پنهنجي راهه ۾ هن جي لاءِ منتظر جوليئٽ جي به پرواهه نه ڪئي هئي.

هوءَ سڄي رات بستر تي سوچيندي رهي، هر هڪ خيال ۾ هومر هو، هومر هڪ ڪامياب انسان، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، سندس وڏو نالو، سندس بي شمار دولت، هن جو عاليشان گهر، پنهنجي هڪ ڪامياب هيروئن طور مشهوري ۽ پنهنجو محفوظ مستقبل، سڀ ڪجهه ..........

هن کي ننڊ نه آئي .......

پوءِ 28 آگسٽ جي هڪ خوبصورت شام جو جڏهن هوءَ هڪ خوبصورت ڪنوار جو ڊريس پهري هن جي ڀرسان بيٺي هئي ته سڀ ان جوڙي کي ڏسي رشڪ کائي رهيا هئا، هومر پنهنجي شادي جو اهتمام وچ سمنڊ تي هڪ شِپ تي ڪيو هو، جنهن کي هزارين انڊلٺي لائيٽن ۽ گلن سان سجايو ويو هو، پر ان ۾ ڪي خاص ماڻهن کي شرڪت جي دعوت مليل هئي، سڀني کي خبر هئي ته اها سندس ٽِين شادي آهي ۽ اها به سندس پهرين ٻن شادين وانگر ڪامياب ثابت ٿيندي. هو پنهنجي اڳوڻين ٻن زالن سان بيحد وفادار رهيو هو. ڇاڪاڻ ته شادي جي دوران هو ڪنهن سان به افيئر نه رکندو هو. پر بدقسمتي سان پهرين شادي جي ٻن سالن ۽ ٻي شادي جي ڇهن مهينن بيد ئي سندس زالون وفات ڪري ويون هيون. ان جي ڪافي عرصي کان پوءِ تائين هن شادي لاءِ نه سوچيو هو، ۽ اڄ جڏهن هو ٽِين شادي ڪري رهيو هو ته هو تمام گهڻو خوش لڳي رهيو هو.

شادي ٿي ويئي ته هو جوليئٽ کي پنهنجي محل جهڙي گهر ۾ وٺي آيو، گهر کي ڏسندي ئي جوليئٽ کي پنهنجي اکين ۾ سجايل سپنا سچا لڳڻ لڳا، پنهنجي گهر واريءَ کي پنهنجو گهر ايتري دلچسپي ۽ خوشي سان ڏسندي هومر باغ بهار ٿي ويو.

”هي سڀ ڪجهه تنهنجو آهي ڊرالنگ!“

ائين چئي هن جوليٽ جي ٻانهن کي ڇڪ ڏني هوءَ سندس ڀاڪر ۾ هلي ويئي.

صبح جو هوءَ ٿورو دير سان اٿي، هومر بيڊ تي ڪانه هو، هوءَ گائون پائي باٿروم ۾ هلي ويئي، ٿوري دير کان پوءِ هومر باٿروم جو دروازو کڙڪائيندي چيو.

”جلدي فريش ٿي اچ، مون کي توسان ڪنهن کي ملائڻو آهي.“

هوءَ تيار ٿي ڊرائنگ روم ۾ پهتي ته هن ڏٺو، هومر ڪنهن سان زبردست بحث ڪري رهيو هو، هن محسوس ڪيو ته ڳالهه جو موضوع هنن جي شادي بابت هو، هومر چئي رهيو هو.

”اسان جي شادي اٽينڊ ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري توکي ڪمپني جي اها ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ ضروري هئي، نه ته چيئرمين هوندي جيڪڏهن تون بورڊ آف گورنرز جي ان ميٽنگ جي صدارت نه ڪرين ها ته هڪ ته اهو سٺو نه ٿئ ها، ٻيو ته تون سکڻ جو به موقعو وڃائي ڇڏين هان، هاڻي اهي سڀ ميمبر به هميشه تنهنجي هٿ هيٺ هوندا ۽ ملازم به توسان ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي غلفت نه ڪري سگهندا.“

هومر جي نظر هن تي پيئي.

”اچ ڊارلنگ هي ڏسي، هي منهنجو پٽ آهي.“ هومر هن کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو ”اڄڪلهه قسمت مون تي مهربان آهي جو تون منهنجي زندگيءَ ۾ منهنجي جيون ساٿي بڻجي آئينءَ ۽ ٻيو ته منهنجون سڀ پريشانيون به ختم ٿي ويون آهن ۽ اڄ کان پوءِ مان بلڪل بي فڪر ٿي پوندس، ڇو ته اڄ کان پوءِ منهنجو پٽ منهنجي پروڊڪشن ڪمپني جو چيئرمين آهي، مون سڀ ڪجهه هن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جيئن مان واندو ٿي توکي گهڻي کان گهڻو وقت ڏيئي سگهان ............ ۽ پٽ هيءَ آهي جوليئٽ منهنجي نئين زال!“

جوليئٽ هن ڏانهن ڏٺو.

اهي ٻئي هڪٻئي کي ڏسندا ئي رهجي ويا.

هومر جي پٽ جي روپ ۾ جيڪو نوجوان هن جي اڳيان بيٺو هو، اهو مارڪ هو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more