Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مان توسان ملندس - راجه عمران ابڙو


ڪمپني جو مالڪ اويس خان ملازمن سميت آفيس جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺو هو. هو دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيو هو، پريان سندس هڪ باصلاحيت ملازم جمال سندس پراڊو گاڏيءَ ۾ سوار ٿي رهيو هو، هو هن کي وڏي غور و فڪر ۽ دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو. جڏهن هو اتان روانو ٿي ويو تڏهن اويس خان وڏو ٽهڪ ڏنو.

بيوقوف تون مون سان وري ڪڏهن به نه ملي سگهندين.“

شاهد هن ڏانهن آيو، سندس سامهون بيهندي پڇيو ”سر ان جو ڪو خاص سبب هو؟

ڇوٽڪارو.“

مان نه سمجهيم نه سر؟

ڇوٽڪارو ڳڻتين کان پريشاني کان.“

سر هي پنهنجو وفادار ملازم هو.“ هن چيو ”هن کان توهان کي ڪو خطرو محسوس ٿيو هو ڇا منهنجي خيال ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه هئي ۽ .........“

ها.“ اويس خان هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ”ها هن مان ڪجهه خطرو هو مون کي.“

جي سر!“ شاهد حيران ٿي چيو ”ڪهڙي قسم جو خطرو سر؟

اوهه مان هن جي سامهون ڇا چئي ويس.“ اويس خان پنهنجي منهن ڀڻڪيو.“ هن کي ڪجهه ٻڌائڻ يا سمجهائڻ جي ضرورت ڪانهي.“

ڪو خطرو نه هو.“ هن ڪجهه دير چپ رهي پوءِ چيو ”بس اهو سڀ ڪرڻ تي منهنجي دل چيو، ٻيو ڪو خاص سبب نه هو.“

شاهد اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ”هي جڏهن ۽ جنهن ملازم لاءِ چاهيندو ان سان اهڙو حشر ڪندو.“

هن جي چهري جا تاثر ڏسي اويس خان چيو

پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي، مان هن مان بيزار ٿي ويو هيس، هو ڪنهن امتحان ۾ ناڪام ٿي ويو هو ۽ نڪمو ٿي ويو هو، جيڪو به ناڪام ٿيندو تنهن سان ائين ڪيو، پر تو جهڙن سان ائين نه ٿي سگهندو.“

شاهد هن ڏانهن ڏسندو رهيو.

ڪجهه دير رهي اويس خان ڳالهايو ”عظيم اينڊ ڪمپني جو فائل ڪنهن وٽ آهي؟

سر اهو مئنيجر وٽ هو، توهان ان کي فائل جو ڊپليڪيٽ ٺاهڻ جو چيو هو.“

اهو فائل هيڏانهن کڻي اچ، ان جو ڊپليڪيٽ نه ٺهندو.“

نه ........ سر؟

نه عظيم اينڊ ڪمپني مضبوط آهي، پنهنجي ڪم به اچي سگهي ٿي، ان جي مفادن خلاف ڪوبه ڪم نه ٿيندو.“

او ڪي سر.“ هن چيو ۽ پوءِ هليو ويو، اويس خان هن ڏانهن ڏسندو رهيو، بعد ۾ سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو.

جمال هڪ سو اسي ڪلوميٽر جي اسپيڊ سان گاڏي هلائي رهيو هو، ان اسپيڊ سان هو مقرر جڳهه تي وقت تي پهچي سگهيو ٿي، هن هڪ نظر ڀر واري سيٽ تي پيل بريف ڪيس تي نظر وڌي پوءِ ڊرائيونگ ۾ گم ٿي ويو.

هو اويس خان وٽ ملازم هو، بي حد ايماندار ۽ محنتي، اويس خان هن مان خوش هو، مٿس اعتبار ڪندو، هو سچي دل سان محنت ڪندو رهيو، اٺن سالن ۾ هن ڪڏهن به پنهنجي مالڪ کي شڪايت جو موقعو نه ڏنو هو، ٻيا ملازم ۽ هن سان گڏ ڪم ڪندڙ هن جي محنت، همت ڏسي حيران ٿي ويندا هئا ۽ سوچيندا هئا، هي انسان آهي يا چرندڙ پرندڙ مشين، ٿڪجي ئي نه ٿو، سندن خيال هو ته هو ڪي دوائون واپرائي ٿو، طاقت جون دوائون کائي ٿو، جنهن جي ڪري هن ۾ بي پناهه طاقت آهي پر ڪنهن به هن کي دوائون کائيندي نه ڏٺو هو. هو آرام به ڪندو هو الائي نه، ڪنهن به هن کي آرام ڪندي نه ڏٺو هو، هو پنهنجي ڪمري ۾ چند گهڙين لاءِ ويندو هو، جڏهن به ويندو ته ڪمري جو دروازو کولي رکندو هو، تنهن ڪري هن جون سرگرميون سڀني جي آڏو هيون.

پوءِ اوچتو اويس خان کي هن ۾ شڪ پئجي ويو، هو کائنس خوفزده ٿي ويو، هن کي هن مان  طرح طرح جا خطرا محسوس ٿيڻ لڳا هئا، ان حالت ۾ کيس هڪ ئي واٽ نظر آئي هئي، هن مان نجات حاصل ڪرڻ.

جمال گيئر تبديل ڪري هڪ گهٽيءَ ڏانهن مڙي ويو، اها شهر جي آخري گهٽي هئي، ان گهٽي جي ختم ٿيڻ شرط هن اسپيڊ گهٽ ڪئي ۽ شاهراهه ڏانهن مڙي گاڏين ۾ شامل ٿي ويو، ڪجهه منٽ شاهراهه تي هلندو رهيو، تنهن بعد يونس روڊ ڏانهن مڙي ويو، هي روڊ هن جي منزل ڏانهن وڃي رهيو هو، ائين فاصلو طي ڪري ان جڳهه تائين پهچي ويو. اهو هڪ کليل راند جو ميدان هو، ڀرپاسي ۾ ڪا گهڻي آبادي نه هئي، ان راند جي ميدان جي وچ تي سودو ڪندڙ بيٺا هئا، جيڪي هن جي انتظار ۾ هئا، پر هنن جون گاڏيون نظر نه ٿي آيون، اهي ڪل چار پنج ڄڻا هئا.

هن گاڏيءَ کي پوئتي بريڪ هنئي ۽ پنڌ هنن ڏانهن وڃڻ جو فيصلو جو ڪيائين، گاڏي بند ڪري، بريف ڪيس هٿ ۾ کڻي در کولي هو لهي پيو، در بند ڪري هن هٿ مٿي کڻي هنن کي اشارو ڪيائين، پر هنن ڪوبه جواب نه ڏنو، اوچتو سڀني جيڪٽن جي اندران لڪايل هٿيار ڪڍي ورتا، هن هڪ قدم انهن ڏانهن وڌايو، جيڪو جتي هو هن اتان ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، گولين جو منهن پاڻ طرف ڏسي هو پريشان ٿي ويو ۽ جهٽ پٽ گاڏي کولي ان جي اندر هليو ويو، گاڏي به انهن جي نشاني هيٺ هئي، گاڏيءَ تي فائر ان جا شيشا ڀڃي ڇڏيائون، هن جلدي ۾ چاٻي ڦيرائي گاڏي اسٽارٽ ڪري ساڄي طرف موڙي ڇڏي، ساڄي طرف وارو رستو، شهر جي ٻئي طرف کان آيو ٿي، هن جي پويان فائرنگ ٿيندي رهي، هن ميدان مان نڪري اسٽيڊيم روڊ تي چڙهي اسپيڊ وڌائي ڇڏي، جلد ئي هو هنن کان تمام پري نڪري آيو، اسٽيڊيم روڊ اڪثر خالي هوندو هو، ان تي ڪڏهن ڪڏهن ٿوري ٽريفڪ هوندي آهي، ان وقت ڪجهه ئي گاڏيون ان تان گذري رهيون هيون، هن شيشي جي ذريعي پوئتي ڏٺو، اهي سندس پٺيان ڪونه ٿي آيا، هن کي چڱي طرح اندازو ٿي ويو ته انهن ماڻهن سودي ڪرڻ جو ناٽڪ ڪيو هو، مالڪ جي ماڻهو کي ماري مال کڻي وڃن ها.

پنهنجي ڦڙتيءَ سب هو بچي ويو هو، هو پوءِ جي صورتحال بابت سوچڻ لڳو ته هو مالڪ کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ ڪٿي ائين نه سمجهي ته مون هن سان غداري ڪئي آهي، پر منهنجي اصل حقيقت ٻڌي هو يقين ڪري ويندو، مان هن جو خاص ماڻهو آهيان، موت کي ڇهي موٽيو آهيان، ثبوت طور هو گاڏي ڏسي يقين ڪري ويندو، سندس سوچن جو سلسلو ٽٽي ويو، سامهون چيڪ پوسٽ هئي، رستو بند هو، پوليس گاڏين کي بيهڻ جو اشارو ڪري رهي هئي، ان وقت هن کي پاڻ تي سخت ڪاوڙ آئي ته هو اسٽيڊيم روڊ تي ڇو چڙهيو؟ جڏهن ته ساڳئي رستي کان واپس به ٿي سگهيو ٿي، هن وٽ مال هو، چيڪ پوسٽ وٽ رڪجڻ ڪنهن به لحاظ کان محفوظ عمل نه هو، ان لاءِ تيز رفتاريءَ سان چيڪ پوسٽ ڀرسان گذري ويو.

پوليس وارا به حيران ٿي ويا، ڪجهه ئي منٽن کان پوءِ هن آئيني ۾ ڏٺو ته هن جي پويان ٻه موبائيلون اچي رهيون هيون، هن گاڏيءَ جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي ۽ کاٻي طرف هڪ ويڪري روڊ ڏانهن مڙي ويو، هڪ موبائيل تيزيءَ سان سائرن وڄائيندي هن جي ڀرسان اچي پهتي هئي، هن جي نرڙ تي پگهر اچي ويو، هن جي آڏو بيهي رهندي، ان صورتحال کان بچڻ لاءِ هن وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هو، ته هو گاڏي وڌيڪ تيز هلائي، هن ائين ڪيو، هن خطري جي حد تائين اسپيڊ وڌائي ڇڏي، نظر سڌي رکي اسٽيئرنگ تي ڪنٽرول مضبوط ڪري ڇڏيائين، هن جو رستو صاف هو، ڪجهه ٽريفڪ هئي هو هارن ڏيندو ڪراس ڪندو رهيو، هن پوئتي ڏٺو ته موبائيل اکين کان اوجهل ٿي ويئي هئي، هو شهر اندر ڪاهي پيو. ان رستي تي گاڏين جي ڪافي پيهه هئي، هو سڀني کان بچندو اڳتي وڌندو رهيو، مختلف ور وڪڙ رستن تان ٽپندو هو هڪ پل تي چڙهي ويو، پل ڪراس ڪري پنهنجي منزل ڏانهن ويندڙ رستو ورتائين، جيڪو تمام ويڪرو هو، ان تي رش نالي ماتر هئي، هو گهٻرايل به هو ته پريشان به، هن جي ذهن جي اسڪرين تي خيالن جا سين بدلجندا رهيا، هو انهن ۾ گم ٿي ويو.

اڳتي هلي هن کي ڳاڙهي سگنل وٽ بريڪ هڻڻي پئي، چئني طرفن کان ويڪرا رستا آيا ٿي، اتي ٽريفڪ جام هئي، هن پنهنجون نظرون ٽريفڪ تي کپائي ڇڏيون، اوچتو هن کي ٻن مختلف رستن کان اهي موبائيلون ٽريفڪ وچان ايندي نظر اآيون، هن وٽ اتان ڀڄڻ جي ڪا راهه نه هئي، هن ڀڄڻ به نه چاهيو، هٿ ڊگهو ڪري هو اهو بريف ڪيس کڻي، سيٽ جي هيٺان لڪائي مطمئن ٿي ويهي رهيو، موبائيلون گاڏين وچان ڪراس ڪنديون اچي هن وٽ بيهي رهيون، ٻنهي موبائيلن جي بريڪ لڳڻ شرط، انهن مان اهلڪار لٿا ۽ هن کي چوڌاري گهيرو ڪري بيهي رهيا. انهن جي اڳواڻي انسپيڪٽر ڪري رهيو هو، سگنل سائو ٿي ويو، گاڏيون چرڻ لڳيون، سڄي ٽريفڪ رستن ۾ ورهائجي ويئي، اهو هنڌ خالي ٿي ويو، صرف موبائيلون ۽ هن جي گاڏي بچيون هيون، انسپيڪٽر هن جي گاڏي ڏانهن آيو، هن جي پاسي واري شيشي تي اسٽڪ هڻڻ لڳو، هن شيشو لاهي ڇڏيو، انسپيڪٽر هن کي ڪجهه هدايتون ڏنيون ۽ سخت جملا ڳالهايا، هن ڪو رد عمل نه ڏيکاريو ۽ هڪ سٺي شهريءَ وانگر هن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي رضامندي ڏيکاري.

پوءِ اتي هڪ ڌماڪو ٿيو ۽ چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪن جا لاش ٽڪرن ۾ هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويا، آس پاس جو ماحول باهه ۽ دونهين ۾ ويڙهجي ويو، ماڻهو خوف ۽ هراس وچان مختلف پاسن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا.

اويس خان هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هن چيو ”آخر جيڪو مون چيو سوئي ٿيو، هو نه رهندو هو مون سان نه ملي سگهندو.“

هن پنهنجي گاڏيءَ کي بم سان اڏائڻ جي خوشخبري ڏيندڙ ساٿيءَ کي مبارڪون ڏنيون، پوءِ موبائيل فون ڪن کان هٽائي بند ڪري ڇڏي اهو بي حد خوش هو، پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو هو.

هو ايئرپورٽ روڊ تي جڙيل نئين آباديءَ ۾ جديد عمارتن جي وچ ۾ پنهنجي نئين ٺهندڙ بلڊنگ جي مٿان بيٺو هو، ان وقت هن سان گڏ فقط ٻه باڊي گارڊ هئا، اوچتو ڪنهن گاڏيءَ جو آواز آيو. ٿوري دير کان پوءِ جمال سندس سامهون بيٺو هو. هن جي عجيب حالت هئي، هو منڊڪائي هلي رهيو هو. سندس هڪ ٻانهن جو هٿ غائب هو، سندس منهن ۽ جسم بري طرح چچريل هو.

پنهنجي حيرانگيءَ کي لڪائيندي اويس خان هن کان پڇيو ”ڇا ٿيو؟

هن کيس آرام سان ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي ”سر انهن دوکو ڪيو، اتي پهچڻ سان مون تي فائرنگ ڪيائون، پر مون رد عمل ڏيکارڻ بجاءِ توهان جي اصول تحت پهريان مال بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ انهن کان ڀڄي نڪتس، واٽ تي پوليس ملي، مال مون وٽ هو تنهن ڪري انهن کان به ڀڄي نڪتس پر هڪ چو واٽي تي ٽريفڪ جام هئي، اهي اتي پهچي ويا، مون کي گهيرو ڪري بيهي رهيا، انسپيڪٽر پڇ پڇان ڪئي، مون ڪجهه نه ٻڌايو، بعد ۾ انهن منهنجي گاڏيءَ مٿان بم اڇليو، گاڏي تباهه ٿي ويئي، پر خوشقسمتي سان مان بچي ويس ۽ توهان جي آڏو آهيان، سر مون کي ٽريٽمينٽ جي سخت ضرورت آهي، ڇا مون کي ڪمپنيءَ جي اليڪٽريڪل ليبارٽري سان رابطو ڪرڻ جي اجازت آهي؟

اويس خان جا تاڪ لڳي ويا هئا، هن فقط ايترو چيو ”هونه.“

جمال ليبارٽري هليو ويو، اويس خان پنهنجي جاءِ تي بت بڻجي سوچيندو رهيو.

”پر اليڪٽريڪل ليبارٽري ڇو!؟

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more