انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 3
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 3
ماده پرست ھر
انساني معاملي ۾ عقل ۽ فقط عقل کي ڪافي رھبر سمجھن ٿا حالانڪ حقيقتاً عقل انسان جي
حياتيءَ جي روحاني پھلوءَ، ان جي ضرورتين ۽ تقاضائن کي سمجھڻ ۽ پوري ڪرڻ لاءِ ھرگز
ڪافي نه آھي ڇالاءِ جو عقل جنھنجي رسائي انساني حواسن جي پيش ڪيل مواد ۽ معلومات
تائين آھي، سو خود روح جي حقيقت تائين پھچڻ ۾ قاصر آھي تنھنڪري روحاني دنيا ۾
انساني عقل کي ڪافي رھبر خيال ڪرڻ سراسر غلط آھي بلڪ جيڪڏھن حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو
وڃي ته عقل انسان جي مادي زندگي جي رھبري ۽ ھدايت لاءِ به ڪافي نه آھي ڇاڪاڻ ته ھڪ
ته عقل جو طريقو تجرباتي آھي ۽ ٻيو ته ھو پنھنجي ڪارفرمائيءَ ۾ حواستن تي مدار رکي
ٿو ۽ خود حواسن ۾ غلطي ۽ ڪمي پيشي ٿي پوندي آھي ان ڪري جسماني ۽ مادي زندگيءَ لاءِ
عقل کي سراسر ڪافي خيال ڪرڻ به غلط ۽ غير سائنسي آھي. ائين به ڪونھي ته اسين عقل
جي مخالفت ڪري رھيا آھيون پر حقيقت ته اِھا آھي ته الله پاڪ عقل کي سڀني کان وڌيڪ
اھميت ڏني آھي. ھڪ حديث شريف ۾ آھي ته (الله تعاليٰ سڀني کان اڳ ۾ عقل کي پيدا
ڪيو. ان کي حڪم ڪيائين اڳيان اچ ته اڳيان آيو، حڪم ڪيائين ته پٺي ڏي ته پٺي
ڏنائين.) قرآن شريف بار بار عقل ۽ غور و فڪر کان ڪم وٺڻ جي دعوت ڏي ٿو. ھڪ ھنڌ قرآن
شريف عقل ۽ غور و فڪر کان ڪم نه وٺڻ وارن کي جانور ڪوٺيو آھي. فرمان آھي ته:
(اي
نبي ﷺ ! ڇا توھان ان شخص جي حالت تي غور ڪيو آھي جنھن پنھنجن خواھشن کي ئي پنھنجو
خدا بڻائي ڇڏيو آھي. توھان اھڙي شخص جي نگراني (تربيت) ڪيئن ٿا ڪري سگھو ڇا توھان
سمجھو ٿا ته انھن مان اڪثر ماڻھو پنھنجي عقل و فڪر کان ڪم وٺن ٿا؟ ھرگز به نه. ھي
ماڻھو (ماڻھو نه) جانور آھن بلڪ انھن کان به وڌيڪ گمراھ.) (25/ 44-43)
قرآن شريف عقل و
فڪر کي تمام گھڻي اھميت ڏئي ٿو پر سندس تقاضا آھي ته عقل و فڪر کي وحي جي علم جي
روشنيءَ مان نور حاصل ڪرڻ گھرجي انسان کي گھرجي ته انھيءَ نور جي روشنيءَ سان خود
پنھنجي ذات يا خوديءَ کي خدائي صفتن سان سينگاري حياتِ ابدي حاصل ڪري ۽ انھيءَ وحيءَ
جي روشنيءَ ۾ پنھنجي دور جي تقاضائن مطابق عقل جي مدد سان ھڪ لاطبقاتي ۽ اتحصال
کان پاڪ انساني برابري تي مبني توحيدي معاشرو (Classless Society) قائم ڪري. وحي جو ھي علم ھن سڄي ڪائنات ۾ فقط قرآن شريف ۾ محفوظ آھي.
پر جڏھن انسان زندگي ۽ علم جي انھيءَ سرچشمي کي قرآني لفظن ۾ (اساطير الاولين)
يعني (پراڻي دور جون مدي خارج ڳالھيون) چئي نظر انداز ڪري ڇڏيو تڏھن گمراھين،
تباھين، بربادين ۽ ناڪامين جي اونھي کڏ ۾ وڃي ڪريو. بابل، نينوا، مصر، يونان، چين،
ترڪستان، ايران ۽ واديءِ سنڌ جي قديم تھذيبن کي ڏسو ۽ غور ڪيو ته اھي ڪھڙن نه عظيم
المرتبت تمدنن جا مدفن آھن جن ۾ انساني ناڪامين ۽ نامرادين جا عبرتناڪ ۽ جگر پاش
داستان محو خواب آھن.
Comments
Post a Comment