اصطلاح - معنيٰ - جملا -- سنڌي گرامر



اصطلاح
اصطلاح
معنيٰ
جملا
گاڏو گھلڻ
ڏکيائي سان گذران ڪرڻ
ادي! ھن مھانگائيءَ ۾ مڙئي پيون گاڏو گھليون
طبيبن تات پوڻ
ڊاڪٽرن جي پويان پوڻ
اھي ماڻھو طبيبن تات پيا ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي صحت جو خيال نھ ڪندا آھن.
روح کي فرحت اچڻ
دل خوش ٿيڻ
روح افزا جو گلاس پيئڻ سان روح کي فرحت اچي وئي.
پھ پچائڻ
ويچار ڪرڻ
ڪي ماڻھو فقط پھ پچائيندا آھن.
حوصلا خطا ٿيڻ
وائڙو ٿي وڃڻ
ڏکئي وقت ۾ حوصلھ خطا نھ ٿيڻ گھرجن!
ڇوھ ڇنڊڻ
ڪاوڙ ظاھر ڪرڻ
ھيڻن ماڻھن تي ڇوھ نھ ڇنڊيو!
وار ونگو نه ٿيڻ
ڪوبه نقصان نه ٿيڻ
سچن ماڻھن جو وار ونگو نه ٿيندو آھي.
دال نه ڳرڻ
پھچي نه سگھڻ
وڏن ماڻھن سان ڪنھن جي به دال نه ڳرندي آھي.
پرگھور لھڻ
سار سنڀال ڪرڻ
بيمار جي پرگھور لھو.
ٻانھن ٻيلي ٿيڻ
مدد ڪرڻ
مسڪينن جا ٻانھن ٻيلي ٿيو.
ڀيرو ڀڃڻ
وڃڻ کان گسائڻ
دوست سان ڀيرو نه ڀڃو.
ترين ڀر ٿيڻ
تمام غريب ٿي وڃڻ
جيڪي ماڻھو ترين ڀر ٿين، انھن جا ٻانھن ٻيلي ٿيو.
ٽڪ مان ور لھڻ
سزا کائي سڌو ٿيڻ
پوليس جي موچڙن کان پوءِ بدمعاش جي ٽڪ مان ور لھي ويندو آھي.
ڪار ڪرڻ
جٺ ڪرڻ
ڪنھن سان به ڪا ڪار نه ڪريو.
ٻڏڻ ۽ ترڻ
دل ھڻڻ
ٻڏڻ ۽ ترڻ کي ڇڏي پوءِ ڪم شروع ڪريو.
ھٿ مھٽڻ
افسوس ڪرڻ
پنھنجو وقت وڃائي پوءِ ھٿ مھٽڻ بيڪار آھي.
ھٿ پير ھڻڻ
ڪوشش ڪرڻ
علم حاصل ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻو.
نڪ ۾ دم ڪرڻ
پريشان ڪرڻ
دوستن جي نڪ ۾ دم نه ڪريو.
وايون بتال ٿيڻ
ھوش وڃائڻ
ڪن ماڻھن تي ڪا ننڍي مصيبت ايندي آھي ته انھن جون وايون بتال ٿي وينديون آھن.
منڊلي مچائڻ
محفل جاري رکڻ
ڪي ڪي ھمراھ منڊلي مچائڻ جا شوقين ھوندا آھن.
لاک لاھڻ
سيکت ڏيڻ
دوستن جي لاک لاھڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
ليڪو لنگھڻ
بي حيائي ڪرڻ
ليڪي لنگھڻ وارا ڪم ھرگز نه ڪريو.
کير کنڊ ٿيڻ
ھڪ ٿي رھڻ
کير کنڊ ٿي رھڻ واريون قومون ھميش. ترقي ڪنديون رھنديون آھن.
ڏند پيھڻ
ڪاوڙجڻ
بيوقوف ماڻھو ٿوري ڳالھ تي ڏند پيھندا آھن.
خاڪ ۾ ملائڻ
ناس ڪرڻ
خيالي پلائ پچائڻ وارن ماڻھن جا ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا آھن.
ڇوھ ڇنڊڻ
ڪاوڙ ڪرڻ
ڪي ماڻھو گھران وڙھي پوءِ ٻاھر ٻين ماڻھن تي ڇوھ ڇنڊيندا آھن.
جنگ جوٽڻ
لڙائي ڪرڻ
جنگ جوٽڻ ۾ ڪو به فائدو ڪونھي.
پول پڌرا ڪرڻ
اوڻايون ظاھر ڪرڻ
وڙھڻ وقت عورتون ھڪ ٻئي جا پول پڌرا ڪنديون آھن.
پوپٽيون پڙھائڻ
سڌو ڪرڻ
پوليس بي گناھن کي به پوپٽيون پڙھائيندي آھي.
تريون مھٽڻ
افسوس ڪرڻ
شيءِ وڃڻ کان پوءِ تريون مھٽڻ بيڪار آھي.
تارا ڪڍڻ
ڪاوڙجڻ
مسڪينن ۽ مجبورن تي تارا نه ڪڍو.
تڏو کڻائڻ
ناس ڪرڻ
ڪي اھڙا به دوست ھوندا آھن جيڪي دوستن جو تڏو کڻائي ڇڏيندا آھن.
ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ
ڪنھن جي دل جو دک وڌائڻ
لاچارن جي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪيو.
سينو ساھڻ
مقابلو ڪرڻ
مظلوم جي مدد ڪريو ۽ ظالم جي آڏو سينو ساھي بيھي رھو.
زھر جو ڍڪ پيئڻ
نه سھڻ جھڙي حالت کي برداشت ڪرڻ
اوھان سان ڪو ڏاڍائي ڪري ته اوھان زھر جو ڍڪ پي ڪري کيس معاف ڪري ڇڏيو.
ڪاتيون ڪھاڙا کڻڻ
وڙھڻ لاءِ تيار ٿيڻ
پاڻ کان ھيڻي تي ڪڏھن به ڪاتيون ڪھاڙا نه کڻو.
ڀڀ ڀرڻ
پنھنجو فائدو حاصل ڪرڻ
فقط پنھنجو ڀڀ نھ ڀريو بلڪ ٻين جو به خيال ڪريو.
اک کلڻ
ھوش ۾ اچڻ
سليم جي تڏھن اک کلي جڏھن مصيبت مٿان اچي ڪڙڪيس.
رڍن اڳيان رباب وڄائڻ
جاھلن اڳيان عقل جون ڳالھيون ڪرڻ
جاھل جي اڳيان عقل جون ڳالھيون ڪرڻ ائين آھي جيئن رڍن اڳيان رباب وڄائڻ.
ڏاٺ گرم ڪرڻ
رشوت وٺڻ
ڪي ڪامورا ڏاٺ گرم ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ڪندا آھن.
ڏندين آڱريون اچڻ
عجب ۾ پئجي وڃڻ
اھڙا به ھمراھ ھوندا آھن جن جي ڪنھن به ڪم ڪرڻ سان ڏندين آڱريون اچي وينديون آھن.
ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ
سخت سزا ڏيڻ
پوليس وارا ماڻھن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندا آھن.
ھٽيءَ سارو ھوڪو ڏيڻ
وت آھر خرچ ڪرڻ
سمجھدار ماڻھو ھٽيءَ آھر ھوڪو ڏيندا آھن.
کڏون کوٽڻ
نقصان پھچائڻ لاءِ رٿون جوڙڻ
ٻين لاءِ کڏون کوٽڻ وارا ھميش. پاڻ ان ۾ ڪرندا آھن.
ڪنن جو ڪچو ھجڻ
ٻڌل ڳالھ تي جلدي ويساھ ڪرڻ
ڪنن جو ڪچو ماڻھو ھميشه گھاٽي ۾ رھندو آھي.
ڪاريءَ وارا ڪک ھئڻ
ڪجھ به نه ھجڻ
جيڪي ماڻھو محنت نٿا ڪن انھن لاءِ ھتي ڪاري وارا ڪک ھوندا آھن.
ڪشالا ڪڍڻ
تڪليفون ۽ ڏک سھڻ
علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍجن.
ڪسرون ڪڍڻ
بدلو وٺڻ
ڪي ماڻھو موقعي ملڻ شرط اڳيون پويون ڪسرون ڪڍندا آھن.
ساھ مٺ ۾ اچڻ
وڏي مصيبت ۾ ڦاسڻ
بس جي بريڪ فيل ٿيڻ ڪري سڀني مسافرن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو.
سوڙ آھر پير  ڊگھارڻ
ھوند آھر خرچ ڪرڻ
پرايا بنگله ڏسي پنھنجا ڀنگا نه ڊاھجن بلڪ سوڙ آھر پير ڊگھارجن.
آڏو اچڻ
رنڊڪ وجھڻ
سٺن ڪمن کي روڪڻ لاءِ آڏو نه اچو.
اک نه ٻڏڻ
ڌيان ۾ نه آڻڻ
وڏن ماڻھن جي غريبن ۾ اک به نه ٻڏندي آھي.
اکيون رت ڇڏڻ
ڪاوڙ ۾ ڀرجڻ
ڪن ماڻھن جون ٿوري گھڻي ڳالھ تي اکيون رت ڇڏينديون آھن.
اڀ ۾ تراريون ھڻڻ
اجايو ٻٽاڪ ھڻڻ
گھڻا ماڻھو اڀ ۾ تراريون ھڻندا آھن.
اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ
سچي ڳالھ ظاھر ٿيڻ
ڪڏھن ڪڏھن اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا آھن.
ٻٻرن کان ٻير گھرڻ
اجائي اميد رکڻ
بي سمجھ ماڻھو ٻٻرن کان ٻير گھرندا آھن.
ٻاڦ ٻاھر  نه ڪڍڻ
ڳالھ ظاھر نه ٿيڻ
تڪليفون سھو پر ٻاڦ ٻاھر نه ڪڍو.
ھٿ ٽنگڻ
سوال ڪرڻ
ڪنھن جي به اڳيان ھٿ نه ٽنگيو.
ڪنن مان ڪپھ ڪڍي ڇڏڻ
خبردار ٿيڻ
ھاڻوڪي حالتن کي ڏسي ڪنن مان ڪپھ ڪڍي ڇڏيو.
وات وجھڻ
سوال ڪرڻ
ھر ڪنھن ۾ وات نه وجھو!
جھڳو جھانء ڪرڻ
گھر ٻار تباھ ڪرڻ
نيم حڪيم ۽ نيم ملا ماڻھن جو جھڳو جھان  ڪري ڇڏيندا آھن.
ٺپ ٺاري ڇڏڻ
خوش ڪرڻ
منھنجي دوست اھڙي ڳالھ ٻڌائي جو ٺپ ئي ٺري پيا.




Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت