قومون انسانيت جي
دولت آهن ۽ انسانيت قومن جي معراج آهي.
قومن جي دل جي ڌڙڪڻ
سان دؤر جي زندگي وابسته آهي.
دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن
قوم جي دل جي ڌڙڪڻ کي دٻايو ويو آهي ته اها پنهنجي يا ته يادداشت وڃائي ويهي ٿي يا
وري ان جو سماجي ۽ روحاني اتحاد ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن سان ان دؤر۾ شر وجود وٺي ٿو.
خير جي عدم
موجودگيءَ سبب قوم جا فرد ۽ طبقا هڪ ٻئي کي سمجهڻ کان قاصر رهن ٿا، جيڪا ”صم بڪم
عمي“ جي ڪيفيت آهي ــ
جنهن جو لاڳيتو
عمل ان دؤر ۾ گونگي نسل کي وجود ڏئي ٿو، جيڪو پنهنجي باري ۾ توڙي ان عهد جي سلسلي
۾ پنهنجي پوين کي ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ مري وڃي ٿو.
Comments
Post a Comment