وڄ، باهه ۽ بجلي - محمد عثمان ڏيپلائي


وڄ ۽ باهه


اوائلي دؤر ۾ ائين ٿيو، جو مينهن وسڻ کان پوءِ اوچتو بجلي (کنوڻ، وڄ يا برق) ڪِري ۽ ڪجهه وڻ سڙي ويا، پهرين ته ماڻهن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، پر آهستي آهستي اُنهن کي باهه جا فائدا ڏسڻ ۾ آيا. پر ڏکيائي اهائي هئي ته باهه هر وقت هٿ ۾ ڪانه هوندي هئي. اُن لاءِ ”بجلي ڪِرڻ“ جي واٽ نهارڻي پوندي هئي، ۽ پوءِ ماڻهو اُن جي باهه کي وسامڻ ڪونه ڏيندا هئا ۽ لاڳيتو ٻريل رکندا هئا.

هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ اوچتو هڪ ڪاٺيءَ کي ٻيءَ ڪاٺيءَ سان رهڙجندي ڏٺو يا پاڻ رهڙيو، پوءِ اِهو ڏسي، حيران ٿي ويو ته اُن مان چڻنگون پيون نڪرن! هُن وري به ائين ڪري ڏٺو يا ائين ڪيو ۽ کيس اِها خبر پئجي ويئي ته ’باهه‘ کي ’بجلي ڪِرڻ‘ کان سواءِ حاصل ڪري سگهجي ٿو. پوءِ ماڻهن پٿر کي پٿر سان گسائي به باهه ٻاري، ۽ پوءِ اِن اٽڪل ۾ سڌارو آندو ويو، ۽ هاڻ ائين آهي جو اسين 2 روپيه ۾ چاليهه ڀيرا باهه ٻاري سگهون ٿا. (ماچيس ذريعي)! هاڻي ائين ٿا سمجهون ته ’باهه‘ اسان جي هڪ ڏاڍي سستي ۽ سُٺي نوڪرياڻي آهي ۽ سواءِ ڪنهن تڪليف جي گهڻين ڳالهين ۾ اسان کي ڪم اچي ٿي.

باهه مان اسان کي ٻاڦ ملي ٿي، جنهن سان انجڻ هلي ٿي ۽ جنهن وسيلي اسان کي خود بجلي به ملي ٿي! باهه جو هڪ خاص قسم، جيڪا تيز ۽ پوريءَ طريقي سان ٻري ٿي، سا موٽرن، ٽرڪن ۽ ٽرئڪٽرن، ڊيزل تي هلندڙ گاڏين ۽ هوائي جهازن جي گئس انجڻين ۾ طاقت پيدا ڪندي آهي. دنيا ۾ اهڙي ڪا صنعت يا ڪاريگري ورلي لڀندي، جنهن ۾ باهه ڪم نه ايندي هجي.

بجليءَ مان باهه ته حاصل ڪئي ويئي، پر اڳتي هلي اُن مان خود بجلي پڻ هٿ ڪئي ويئي ۽ اُن تي پورو قبضو به ڪيو ويو آهي. اڄ اُها بجلي اسان جي هٿ ۾ ۽ اسان جي بلڪل اهڙي وس ۾ آهي، جيئن 2 روپين جي وسيلي باهه اسان جي وس ۾ آهي.

اڳتي هلي اوهان کي ٻڌايو ويندو ته بجلي پيدا ڪرڻ ۽ اُن تي قبضي ڪرڻ جي اِها اٽڪل ڪنهن دريافت ڪئي ۽ ڪيئن ڪئي، اچو، ڏسون ته اهو سڀڪجهه ڪيئن ٿيو؟

بجلي ڪنهن لڌي

چيو وڃي ٿو ته:

بجلي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش کان ڇهه سؤ سال اڳ دريافت ٿي هئي، پر اُن جو عملي واهپو پنجويهن سؤ سالن کان پوءِ ٽيليفون، ريڊيو، ريفريجريٽر، فلم ۽ ٻين سوين ڪمن ۾ ٿيو.

بجليءَ جي دريافت ڪرڻ جي ڪهاڻيءَ ۾ يونان جي داناءَ شخص ”ٿيلز“ ۽ ”ڪهربا“ واري ڪاٺ جي ”ڇوڏي“ کي وڏي اهميت آهي.

ڪهربا“ هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي شڪل سِرسَ يا ماکيءَ جي ٺوس يا ڄميل ٽُڪر جهڙي هوندي آهي. اِهو هڪ خاص قسم جو رَسُ آهي، جيڪو ”چيڙ“ نالي هڪ وڻ مان نڪرندو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ اُهو ڄمي ٺوس ٿي ويندو آهي، ۽ وقتي اُن تي مِٽيءَ جا تَههَ به چڙهي ويندا آهن.

هڪ ڏينهن ”ٿيلز“ اُن ”ڪهربا“ جي هڪ ٽڪر کي صاف ڪرڻ جي خيال کان پنهنجي ڪپڙي سا رهڙي رهڙي هيٺ ڇڏيو، ۽ اِهو ڏسي حيران ٿي ويو ته اُتي پيل ڪاغذ جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ۽ سڪل پَــــنَ اُن ڏانهن ازخود ڇڪجي ويا!

پوءِ هُن ٻين شين تي پڻ اهڙا تجربا ڪيا، پوءِ کيس اها خبر پيئي ته اِها خاصيت صرف ”ڪهربا“ ۾ ئي آهي. هن پوءِ ان خاصيت کي ”اليڪٽرسٽي“ يا ”ڪهربائي قوت“ جو نالو ڏنو. ”ڪهربا“ يوناني ٻوليءَ ۾ ”اليڪٽرون“ کي چيو ويندو آهي.

ٻن هزارن سالن تائين ته ”ٿيلز“ جي اِها زبردست دريافت هڪ عجوبو ئي رهي، ۽ ڪنهن جو به وڌيڪ ڌيان اُن ڏانهن ڪونه ويو. نيٺ 1400ع ۾ هڪ انگريز، سر وليم گلبرٽ، پنهنجي منهن اها ڳالهه ڏٺي ته شيشي، گندرف، آبرق ۽ هِيري ۾ پڻ اِها ساڳي ڪشش يا ڇڪڻ جي خاصيت آهي. هُن اُن کي ”قوت“ جو نالو ئي ڏنو، ڇو ته هُن کي اليڪٽرسٽي (بجلي، برق) جي خبر ڪانه هئي.

ڪِن ماڻهن جو ته اِهو خيال هو ته اِها هڪ قسم جي ٻاڦ آهي، جيڪا رهڙ جي ڪري ٻاهر نڪري ٿي ۽ پوءِ واپس ان شيءِ ۾ هلي وڃي ٿي. ڪِن ماڻهن اُن کي ”شعاع“ به سڏيو.

گلبرٽ کان پوءِ به هڪ- ٻن صدين تائين سائنسدانن سائنسي يا علمي طور تي هِن ”قوت“ کي ڪونه سمجهيو، پر ايترو ٿيو، جو ڪِن ماڻهن ان باري ۾ پراڻيءَ ڄاڻ کي خيال ۾ رکي، وڌيڪ کوجنا شروع ڪئي.

اُنهن ماڻهن ۾ اِٽليءَ جو ”ڊاڪٽر ليوگي گلواني“ به شامل هو، جنهن پڻ ڪافي تجربا ڪيا ۽ انهن جا نتيجا علمدانن جي آڏو رکيا. ڊاڪٽر گلوانيءَ اُن ”قوت“، ”ٻاڦ“، ”شعاع“ کي اُن جو اصل نالو اليڪٽرسٽي (بجلي، برق) موٽائي ڏنو.

ڪجهه سالن کانپوءِ اٽليءَ جي هڪ ٻئي سائنسدان، اليساندو وولٽا، هڪ اهڙو اوزار ٺاهيو، جنهن جي مدد سان معلوم ٿي سگهيو ته بجليءَ جي لهر تارن ۾ ڊوڙي سگهي ٿي. ان ڳالهه جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ بجلي دٻاوَ جي ايڪائيءَ جو نالو سندس نالي تي ”وولٽ“ رکيو ويو.

اُن کانپوءِ 1810ع ۾ هڪ فرانسيسي، جنهن جو نالو آندري ايمپئر هو، هن پراڻيءَ ڄاڻ کي خيال ۾ رکي، نوان نوان تجربا ڪيا، ۽ مقناطيس (چقمق) ۽ برقي وهڪري ۾ هڪ لاڳاپو معلوم ڪيو. سندس اُنهيءَ دريافت جي ڪري برقي رو جي ايڪائيءَ جو نالو ”ايمپئر“ رکيو ويو.

ساڳئي وقت ڊينمارڪ جي هڪ سائنسدان ”اورسٽڊ“ وري پنهنجي سائنسي تجربن وسيلي اِهو ثابت ڪيو ته برقي رو يا وهڪرو پاڻ مقناطيس يا چقمق پيدا ڪري ٿو.

اورسٽڊ“جي انهيءَ انڪشاف جي ٿوري عرصي کان پوءِ ئي هڪ ٻئي سائنسدان، جي- ايس- اوم، اِهو ثابت ڪيو ته جڏهن برقي رو ڪنهن هڪ ڌاتوءَ جي تارن مان لنگهي ٿي، تڏهن تار اُن کي پوئتي موٽائي ٿي، اُن جو مقابلو يا مزاحمت ڪري ٿي ۽ اُن مزاحمت جو دارومدار، تار جي ڊيگهه، ٿولهه ۽ جنهن ڌاتوءَ جي اها تار هوندي، اُن تي آهي. سندس اُن دريافت جي ڪري برقي تار جي مزاحمت جي ايڪائيءَ جو نالو، سندس نالي تي ”اوم“ رکيو ويو آهي.

اُن وچ ۾ ٻين قومن جي ماڻهن پڻ بجليءَ جي هِن علم ۾ کوجنائون ڪيون. آمريڪا جي بنجامن فرئينڪلن 1752ع ۾، هڪ خطرناڪ تجربي کان پوءِ اُهو ثابت ڪيو ته مينهن وقت يا مينهن کانسواءِ ئي ڪڪرن ۾ رکي رکي چمڪو ڪندڙ شيءِ به اُهائي ”بجلي“ (اليڪٽرسٽي، برق) آهي، جنهن جا تجربا ۽ مشاهدا هيٺ زمين تي هُن پاڻ يا ٻين سائنسدانن پئي ڪيا.

1830ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان کي اِهو خيال پيو ته جيڪڏهن بجلي، چقمق پيدا ڪري سگهي ٿي، ته چقمق وسيلي بجلي ڇو نٿي پيدا ڪري سگهجي!

ساڳئي وقت آمريڪا جو جوزف هينري پڻ اِهوئي سوچي رهيو هو. اڳتي هلي اِهي ٻه ماڻهو ئي هئا، جن چقمق وسيلي بجلي پيدا ڪئي، يعني انگلستان جو فيراڊي ۽ آمريڪا جو هينري. اُن کان پوءِ ته بجليءَ کي سمجهڻ ۽ ڪم آڻڻ جون گهڻيون ئي راهون کلي ويون ۽ تمام گهڻيون ايجادون ٿيڻ لڳيون، جيڪي تمام ڪارائتيون ثابت ٿيون.

ان وچ ۾ ايڊيسن به بجلي واريءَ مشين جو نقشو تيار ڪري، پاڻ به اُها مشين ٺاهي ورتي. اِن ڪم ۾ سندس مددگار سائنسدان (ٽسلا، ويسٽنگ هائوس، مورس ۽ بِل نالي) هئا ۽ اُنهن سڀني هڪٻئي جي ساٿ سان ان ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ اهڙيون شيون ايجاد ڪيون، جو وِک وِک تي انسانيت کي بجليءَ جي استعمال سان اڄ ايترو آرام ۽ آسائش نصيب ٿيو آهي. هنن سائنسدانن جي ڏنل روشنيءَ ذريعي، ٻين لاءِ به راهون کُليون ۽ جيئن اڄ هرهنڌ بجلي روشن آهي، جنهن مان ڪيترائي ڪم ورتا وڃن ٿا، تيئن انهن سڀني سائنسدانن جو نالو به علم جي دنيا ۾ اهڙوئي روشن آهي ۽ روشن رهندو.


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت