سندس پورو نالو ڪشنچند تيرٿداس کتري ھو.
”بيوس“ تخلص ھئس. 1885ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. ھن سنڌي شعر لاءِ ھڪ نئي واٽ
گھڙي. بيوس ھڪ مثالي استاد ھو. ھن ٻارن لاءِ بيحد خوبصورت گيت ۽ نظم لکيا. سندس
مزاج ۾ سادگي ۽ نماڻائي ھئي. ڪشنچند بيوس 23 سيپٽمبر 1947ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪشنچند بيوس چوي ٿو ته:
ڪڙمي جي آس
تنهنجي دردن
جي ھينئر آھي پڄاڻي ڪڙمي!
تنهنجي سورن
جي اچي ويل وھاڻي، ڪڙمي!
اي ڪڙمي! تنهنجا ڏک ھاڻي ختم ٿيڻ وارا آھن
۽ تنهنجي سورن جو به وقت اچي پورو ٿيو آھي.
لاڀ ھن ڪار
جي تون نيڪ نتيجن مان وٺين،
جي رکين چاھ
چٽو، سمجھ سياڻو، ڪڙمي!
اي ڪڙمي! جيڪڏھن تون ھن ڪم جي نيڪ نتيجن
مان چٽو فائدو حاصل ڪرڻ چاھين ٿو ته تون گھڻو چاھ پنهنجي ڪم سان رک ته توکي
سمجھدار سمجھيو ويندو.
علم سان پاڻ
سڌارڻ تي اگر چاھ رکين،
ھوند حالت نه
رھي تنهنجي نماڻي ڪڙمي!
اي ڪڙمي! جيڪر تون علم حاصل ڪري پاڻ کي
سڌارين ۽ علم سان چاھت رکين ته پوءِ تنهنجي حالت اھڙي نماڻي نه رھي.
خاص کيتيءَ
سندا اوزار نوان ٿيا ايجاد،
ڏيندو ٻج ڀاڻ
نئون جام ڪمائي، ياد رک!
اي ڪڙمي! ھيءَ ڳالھ ڌيان ۾ رک ته کيتي
لاءِ ھن وقت نوان اوزار ايجاد ٿي چڪا آھن ۽ ان کان سواءِ نوان ٻج ۽ ڀاڻ اچي ويا آھن،
تون انهن کي استعمال ڪر ته گھڻو ڪمائيندي.
Comments
Post a Comment