Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ڪٻٽي ڪٻٽي راند / ديسي راند


پاڪستان جو وڏو عالائقو ڳوٺن تي مشتمل آهي. جنهن جو به پاڪستان جي ڳوٺن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو هوندو، هن اها مقبول راند ڪٻٽي ضرور ڏٺي هوندي. هن راند کي ديسي راند به چئبو آهي. در اصل هيءَ راند زور آزمائي جي راند آهي، ان ڪري هن راند کي نوجوانن جي به راند چئبو آهي. هي راند ٻهراڙين ۾ عام هوندي آهي ۽ ان کان سواءِ ڪن شهرن ۾ به اها راند کيڏي ويندي آهي.

ڪٻٽي راند لاءِ هڪ وڏو ميدان هوندو آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍبي آهي. هر هڪ ٽيم جا رانديگر هڪ جيترا هوندا آهن. اڌ هڪ پاسي ته اڌ لڪير جي ٻئي پاسي بيهندا آهن.

راند جو طريقو هي هوندو آهي ته هڪ ٽيم جو رانديگر ٻئي ٽيم جي طرف ڪٻٽي ڪٻٽي ڪندو ويندو آهي. اهو ڏاڍيان ڪٻٽي ڪٻٽي چوندو آهي ته ڏسڻ وارا به ٻڌي سگهن. اهو ٻي ٽيم جي ڪنهن به هڪ رانديگر کي هٿ هڻي ڀڄندو آهي، ٻي ٽيم جو رانديگر کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جي اهو هٿ هڻي لڪير ٽپي پنهنجي رانديگرن وٽ پهچي ويو ته ٻي ٽيم جو رانديگر کاپي پيو (هارئي ويو) ۽ جي ٻي ٽيم جي رانديگر کيس مضبوطي سان جهلي ڇڏيو ۽ هن ساهه کڻي ورتو ته هي کاپي پيو. اهڙي ريت اها راند ٿيندي آهي.

هي راند سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ گهڻو کيڏي ويندي آهي. اها راند ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ کيڏي ويندي آهي، جنهن کي ڳوٺن جا ننڍا توڙي وڏا وڏي چاهه سان ڏسندا آهن ۽ پسند ڪندا آهن.


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more