Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

گارڊن جو سير – روڊ ايڪسيڊنٽ


آچر جو ڏيهن هو، آئون گهر ۾ ويٺو هوس، يارهين ڌاري ڪجهه دوست مون وٽ آيا ۽ چيائون ته اسان گارڊن باغيچي (چڙيا گهر) گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. مون به ساڻن ها ۾ ها ملائي. ترت تيار ٿي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهياسين، ٽيڪسي واري گارڊن جي مين گيٽ تي لاٿو.

ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙياسين، فيصلو ڪيوسين اترئين پاسي کان ٿيندا پوءِ اڀرندي پاسي کان ڦرندا، ڏاکڻي طرف گهمي پوءِ الهندي پاسي وڃبو. اندر گهڙڻ شرط مختلف قسم جا ڊگها وڻ ڏسڻ ۾ آيا جن مان ڪي ولايتي وڻ هئا ته ڪي ديسي. گدامڙيءَ جا وڻ گهڻي تعداد ۾ نظر اچي رهيا هئا. اسان به وڻن هيٺان ٻه ٽي ڦريون گدامريءَ جون چونڊي پنهنجو وات کٽو ڪيو!

ٿورڙو اڳيان وڌياسين ته ڀولڙا پينگهن ۾ جهولي رهيا هئا ۽ ڪجهه ڀولڙا ڀڳڙا کائي رهيا هئا. ٿورو اڳيان وياسين ته مختلف قسم جا هرڻ ۽ ڦاڙها گاهه کائي رهيا هيا. اڳيان هاٿي نظر آيو، جنهن تي ماڻهو سواري ڪري رهيا هئا. اسان به هاٿيءَ جي سواري ڪري لطف حاصل ڪيو.

پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ لوڌڙا نظر آيا، جيڪي مڇيون کائي رهيا هئا. پريان قسم قسم جا طوطا نظر ٿي آيا انهن ۾ گهڻا مٺو آفريڪي نسلن جا هئا. اتي اسان کي مور به ڏسڻ ۾ آيا.

هڪ ڇانو وارو وڻ ڏسي اتي ساهه پٽيوسين ۽ بوتلون به پيتيونسين، پوءِ وري اتي ڳورپٽ، گدڙ، بگهڙ، شينهن به ڏٺاسون ۽ ٿورڙو اڳيان واڳون رڇ به نظر آيا. شام ٿي وئي اسان به ٿڪجي پياسين پر لطف ڏاڍو آيو.

باغ کان ٻاهر نڪري ٽيڪسيءَ ۾ سوار ٿياسين ٽيڪسي اڃا ٿورو هلي ته هڪ زوردار آواز ٻڌوسون هيٺ لهي ڏٺوسين ته بس ۽ پاڻي جي ٽينڪر ٽرڪ جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، ٻه ماڻهو ٿڏي تي مري ويا ۽ پندرهن ڦٽجي پيا جن کي ترت ايڌيءَ جون ايمبولسن اسپتال پهچايو. اهو حادثو ڏاڍو دل ڏکوئيندڙ هو. جڏهن گهر پهچي مائٽن کي ٻڌايوسين ته انهن الله جي نالي تي خيراتون ڪيون. اهڙو حادثو اڄ ڏينهن تائين اسان نه ڏٺو آهي.

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more