ملڪ ۽ ملت جي جوڙجڪ ۽ انتظام ۾ سپاهي جو
اعليٰ مقام آهي. قوم ۽ مُلڪ جي بچاء جي اهم ذميداري کيس سونپيل هوندي آهي سپاهي
ملڪ ۽ ملت جي بچاء جو ڳورو بار پنهنجي ڪُلهن تي کڻي ٿو. انهي ذميداري کي نباهڻ لاءِ
سرڌڙ جي بازي لڳائڻ ۾ پنهنجو فرض اولين سمجهي ٿو. سپاهي ملڪ ۽ ملت جو بازو آهي، جو جيترو مضبوط هوندو
اوترو اهو ملڪ، دشمن جي خطري کان محفوظ رهندو.
فوجي سپاهي جي ذميداري آهي ملڪ ۽ قوم کي
ٻاهرين دشمن جي خطري کان بچائن، عام سپاهي جو ڪم آهي، مُلڪ جي اندروني انتظام کي
برقرار رکڻ، ۽ مُلڪي قانون جي حفاظت ڪرڻ، جنهن مُلڪ جو سپاهي وڌيڪ بهادر، جنگي فن
جو ماهر، سپهه سالار جو فرمانبردار ۽ فرض ادائي ۾ مخلص آهي، اهو مُلڪ ۽ اُها قوم
ترقيءَ جو اعليٰ مقام حاصل ڪري سگهي ٿي.
سپاهي جوان مردي، جان نثاري، تندرستي، بهادري،
جنگي فن جي مهارت، زنده دلي ۽ ڦڙتائي وغيره جي صفتن سان سينگاريل هوندو آهي. مطلب
ته سپاهي اعليٰ جو مالڪ هوندو آهي. سپاهي قوم خاطر سر تريءَ تي رکي جنگ جي ميدان ۾
ڪڏي پوندو آهي. اُتي، هي/ مرد مجاهد دشمن سان بهادري سان وڙهي، غازيءَ جو مرتبو
حاصل ڪري ٿو يا شهيد جو، اسلامي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳين وقت ۾ هرهڪ
مسلمان جو ٻچو ٻچو سپاهي هوندو هو، جنگي فن جو ماهر هوندو هو. وقت تي سر تريءَ تي
رکي جهاد ۾ شريڪ ٿيندو هو. تاريخ ۾ اهڙن مرد مجاهدن جا ڪارناما پڙهي ڏندين آڱريون
اچيو وڃن.
اهي مسلمان سپاهي جن دنيا تي دٻدٻي سان
حڪومت ڪئي. سڄي دنيا تي سندن رعب ڇانيل هوندو هو ۽ انهن انساني قدرن جا اُهي اعليٰ
معيار قائم ڪيا جن جي سونهري ڪارنامن سان تاريخ جا ورق مزين آهن.
اسان کي پنهنجي مُلڪ جي سپاهي تي ناز آهي.
اسان کي گهرجي ته پنهنجي شاندار ماضيءَ کي ياد ڪري قوم جو هرهڪ ٻچو سچو سپاهي بنجي
پنهنجي پياري مُلڪ پاڪستان جو شان ۽ مان مٿاهون رکي.
Comments
Post a Comment