Elon Musk sing a Sindhi Song

دوست کي خط لکي کيس ڪراچي گھمڻ جي دعوت ڏيو


امتحاني ڪمرو
2 جون 2019ع

منھنجا پيارا دوست
ت  ـ ٽ  ـ گ

السلام عليڪم!

ادا اوھان جو خط پھتو ۽ احوال معلوم ٿيو اميد اٿم ته آئندھ به اھڙي ريت ياد ڪندا رھندا.

ادا اونھاري جون موڪلون ٿي ويون آھن، ان ڪري جولائي جو مھينو ڇونه گڏجي گذاريون. دادوءَ ۾ گرمي گھڻي پر ھتي ڪراچيءَ جي موسم وڻندڙ آھي ان ڪري جي اوھان ڪراچيءَ ايندا ته ڏاڍو چڱو ٿيندو جڏھن اوھان ڪراچيءَ پھرين آيا ھئا ته اوھان جي عمر ست اٺ سال مس ھئي. ھاڻي ڪراچي اھا ناھي جيڪا اوھان ڏٺي ھئي. ڪراچي وڏي ترقي ڪئي آھي. ھاڻي ڪيترائي نوان پارڪ ۽ باغ ٺاھيا ويا آھن.

ان ڪري اوھان کي دعوت ڏيان ٿو اوھان اچو. اميد اٿم منھنجي اھا دعوت قبول ڪئي ويندي.

فقط
اوھان جو پيارو دوست
و  ـ ھ  ـ ي





Back to Index

Comments

More Likes

You May Like

You May Like

Archive

Show more