پوسٽ آفيس برانچ کولڻ لاءِ درخواست


صوبه سنڌ ڪراچي.

خدمت  ۾ جناب پوسٽ ماسٽر جنرل

جناب اعليٰ:

اسين ھيٺ صحيح ڪندڙ ڳوٺ الھداد جوکيو ضلع ملير جا سائين جن کي با ادب عرض ٿا پيش ڪريون ته اسان جي ڳوٺ کي پوسٽ آفيس جي ڏاڍي تڪليف آھي. ملير ۽ ڪاٺوڙ جون پوسٽ آفيسون اسان کان 10 کان 20 ميل پري آھن.

اسان جو مرڪزي ڳوٺ آھي. اسان جا ڪافي ماڻھو ٻاھر نوڪريون ڪن ٿا ۽ انھي کان سواءِ اسان جا ڪيترا شاگرد ٻاھر ٻين شھرن ۾ پڙھن ٿا. انھن کي به حال احوال ڏيڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. اسان جي ڳوٺ ۾ ٽپال گهر قائم ٿيڻ سان ڳوٺ وارن جون گهڻيون تڪليفون ختم ٿي وينديون. تنھن ڪري سائين جن کي عرض آھي ته اسان جي ڳوٺ برانچ پوسٽ کولڻ لاءِ حڪم ڏيڻ فرمائيندا ته سائين جن جا شڪر گذار رھنداسين.

تاريخ: 22 آگسٽ 2017ع

صحيحون ڳوٺاڻن جون.




Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت