اسپتال کولائڻ لاءِ درخواست


صوبه سنڌ.
خدمت ۾ جناب سيڪريٽري ھيلٿ ڊپارٽمنٽ

جناب اعليٰ:

عرض ته اسين ھيٺ صحيح ڪندڙ ڳوٺ الھداد جوکيو تعلقو ۽ ضلع ملير ڪراچيءَ جا سائين جن کي با ادب عرض ٿا پيش ڪريون ته اسان جي ڳوٺ ۽ ڀروارن ڳوٺن م ڪابه اسپتال ڪانھي، بيماريءَ جي حالت ۾ اسان کي ڪراچي ۽ ملير جھڙن دور دراز شھرن جي اسپتالن ۾ مريضن کي کڻي وڃڻو پوي ٿو. جنھن ڪري مريضن کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي ۽ بيماريءَ ۾ اڃا اضافو ٿئي ٿو جنھن ڪري سائين جن جي خدمت ۾ عرض آھي ته جيترو جلد ٿي سگھي اسان جي ڳوٺ ۾ اسپتال کولڻ جي منظور ڏيڻ فرمائيندا ته سائين جن جا شڪر گذار رھنداسين.

تاريخ: 8 جولاءِ 2018ع

صحيحون ڳوٺاڻن جون.





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت