سوال: ”شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ کي
تمثيلي شاعري سڏيو وڃي ٿو. حالانڪه شاهـ صاحب تمثيلي شاعريءَ کان علاوه به گهڻو ڪجهه
چيو آهي“. اوهان جي نظر ۾، شاهـ صاحب جي شاعريءَ ۾ تمثيل گوئيءَ کي ڪيتري قدر دخل
آهي.
يا
”سنڌ ۾ تمثيلي شاعريءَ جو بنياد شاهـ عبداللطيف ڀٽائيءَ
کان اڳ پئجي چڪو هو، پر اساسي يا ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ صحيح طريقي سان تمثيلي شاعري رڳو
لطيف سائينءَ جي دؤر ۾ نظر اچي ٿي“ ــ اوهين هن راءِ تي بحث ڪريو.
جواب:
تمثيلي شاعريءَ ۾ شاعر پنهنجي ذات لڪائڻ لاءِ تمثيل جو سهارو وٺندا
آهن. پر پاڻ لڪائڻ ۾ ڪي ٿورا شاعر ڪامياب ٿين ٿا. رڳو قصو گو شاعر ئي پنهنجي ذات
کي لڪائڻ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب ٿين ٿا. سنڌي شاعريءَ خصوصاً ڪلاسيڪل شاعريءَ تي
اسلامي رنگ وڌيڪ غالب آهي. قرآن مجيد ۾ بيان ٿيل قصن کي ڏسبو ته ان ۾ قصن جا فقط
اهي حصا بيان ڪيل آهن، جن مان نصيحت جو پهلو نڪري ٿو.
شاهـ صاحب جي ڪم آندل تمثيلن تي جڏهن نظر اڇلائجي ٿي تڏهن نقادن ۽
محققن جي انهيءَ راءِ کي مڃڻو پوي ٿو ته هڪ آفاقي ... عظيم شاعر جا، داخلي جذبا ۽
احساس فطري طور خارجي حالتن کان ضرورت متاثر ٿين ٿا. هو پنهنجي پسگردائي، ماحول ۽
پس منظر کان پوءِ رهي، شاعري ڪري نٿو سگهي. شاعر نه رڳو پنهنجي گرد و نواح ۽ زماني
جي حالتن جو مطالعو ۽ مشاهدو ٿو ڪري، پر سندس آس پاس جو گذريل زمانو به هن جي اکين
آڏو رهي ٿو. هو تصور جي انهيءَ تصوير کان به بخوبي واقف هوندو آهي، جيڪا هن جي
ظاهري اکين نه ڏٺي هوندي آهي. موجوده دؤر جا نقاد ۽ عالم تمثيلي شاعر کي علامتي ۽
اهڃاڻي شاعري به سڏين ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاهـ عبداللطيف رحه جي شاعريءَ کي اهڃاڻي
شاعريءَ جو نالو ڏئي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”شاهـ صاحب وٽ اهڃاڻن جي ايتري ته ندرت آهي، جو جيڪڏهن کيس رڳو اهڃاڻي
شاعر چئجي ته به ٺهي. هن وٽ ڪائنات جي هر شيءِ اهڃاڻ آهي. هن جي لاءِ اشارا ئي
اشارا آهن. هو جنهن به شيءِ جو ذڪر ٿو ڪري، اهو رڳو ذريعو آهي سندس اظهار جو. اصل
مقصد ان شيءِ جي ذڪر ڪرڻ جو نه اٿس، پر اصل مقصد اٿس ان شيءِ جي ذريعي ڪن آفاقي
حقيقتن جي اظهار جو.“
ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب فرمائي ٿو ته:
”اهڃاڻ ۽ تمثيل کي هڪٻئي کان جدا ڪرڻ ايترو آسان ناهي. جنهن شيءِ کي
تمثيل چوندا رهيا آهيون، ان کي اهڃاڻ چوڻ ۾ ڪو عيب ڪوني. البت تمثل کي ماضيءَ ۾
محققن اهڙي محدود دائري ۾ شاهـ جي ڪلام تي اطلاق ڪندي بيان ڪيو آهي، جو اها اهڃاڻ
جي وسعي مفهوم تائين نه پهچي سگهي آهي. مجموعي طور مون کي ٻنهي لفظن کي هڪ ٻئي جي
ويجهي مفهوم وارو ڄاڻڻ ۾ ڏکيائي ناهي.“
دراصل عظيم شاعر چئبو ئي ان کي آهي، جو پنهنجي زمان ۽ مڪان جو ترجمان
هجي. اهڙيءَ شاعري ڪرڻ لاءِ هن وٽ ٻه طريقا آهن: يا ته هو پنهنجا خيال ڪنهن ڍڪ ۽
پوش کان سواءِ چٽا پڌرا پيش ڪري، يا انهن کي ڪنهن پردي پٺيان رکي، تمثيلي شاعريءَ
وسيلي عوام کي آڇي. اعليٰ شاعر اهو آهي، جو پنهنجي عوام جي ڏک ۽ سک ۾ ڀائيوار هجي،
بلڪه کيس عوام جي سکن جو گهٽ ۽ ڏکن جو خيال گهڻو ستائي. هو پنهنجو فرض ٿو سمجهي ته
ملڪ ۽ قوم جون تڪليفون ۽ حالتون پنهنجي ماحول آڏو ڪنهن عمدي ۽ نهايت عجيب انداز ۾
پيش ڪري. هو پاڻ سان گڏ انهيءَ پيڙا ۾ ٻين کي به سريڪ ڪري ٿو. لطيف عليه الرحمة جي
رسالي جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هن جي ڪلام
تي ان دؤر جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو وڏو اثر هو، جنهن جو اظهار
شاهـ صاحب تمثيليه انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
تمثيلي شاعريءَ ۾ شاعر پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ، جذبن جي ڪشمڪش ۽
خيالن جي ڇڪتاڻ کي جيڪڏهن ٻين ڪردارن يج واتان چوائي ته ان کي تمثيلي شاعريءَ ۾
شمار ڪبو. شاهـ صاحب تمثيلي شاعريءَ ۾ ايترو گهڻو ڪجهه چيو آهي، جو عام قاري شاهـ
رحه کي تمثيل گو ساعر سمجهي ٿو، ڇو ته شاهـ رح جو ڪلام ستن سورمين، سسئي، سهڻي،
سورٺ، مارئي، مومل، ليلان، ۽ نوريءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ڪردارن جي زباني بيان ٿيل
آهي. ”موکي ۽ متارا“، ”لاکو ۽ هوٿل پري“، ”لاکو ۽ اوڏڻ“، ”سپڙ ڄام“، ”جادم جکرو“، ”مورڙو
۽ مانگر مڇ“، ”کاري جا کيڙائو ۽ سندن اوسيئڙي ۾ گذاريندڙ ونيون“، ”سون ۽ صراف“، ”لک
لاکيڻو ڪرهو“، ”لَکِي ۽ لاکو“، ”کاهوڙڪي
کير“، ”ڪونجون ۽ ڪارايل“، ”ڪاپائتي“، ”سامي ۽ جوڳي“، مطلب ته هر منفرد شيءِ شاهـ
لاءِ هڪ علامت اهڃاڻ ۽ تمثيل ٿي ڪم اچي ٿي. شاهـ صاحب جڏهن سسئيءَ جو ذڪر ٿو ڪري تڏهن
چوي ٿو ته:
“سي پَسِي سرهي ٿي، جي مين لنگها مس،
تٿ تنين کي ناهه ڪو، لَڪ مڙيوئي
لس.”
اهي لفظ سسئي هڪ هيڻي زال ذات سان ڪٿي منسوب ٿي سگهن ٿا. سسئي برابر
پنهل جي محبت ۾ ڏاڍا ڏک ڏاکڙا ڏٺا، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اهڙا اوکا ۽ اڙانگا لڪ،
جن جي هيٺانهين مٿانهين مان اٺ به مس لنگهي سگهن، تن کي پار ڪرڻ وقت سسئي سرهي ۽
خوش ٿي هوندي؟ اهو ته ساهه صاحب پاڻ بابت چيو آهي، جنهن کي محبوب حقيقيءَ جي عشق ۾
دنيا جون صعوبتون ۽ عقوبتون تڇ ٿيون لڳن، ۽ انهن تڪليفن ۾ پاڻ سرهو ۽ خوش ٿو ٿئي.
سهڻيءَ جو عشق برابر ميهار سان انتها تي پهتل هو، پر پوءِ به بحري
بلائن جو خوف هڪ هيڻي عورت کي ضرور ٿيندو هوندو. هوڏانهن شاهـ صاحب جيڪو وحدت
الوجود جو قائل آهي، تنهن کي موت جو ڪهڙو خوف؟ ڇو ته موت ته عين وصال آهي. مطلب ته
شاهـ صاحب جيڪي تمثيلون ڪم آنديون آهن، انهن ۾ سندس ئي ذات سمايل آهي.
هڪ ڳالهه ڌيان لهڻو ته شاهـ صاحب جي ڪلام کي صرف تمثيلي ڪلام چئي نٿو
سگهجي، ڇو ته شاهـ جو ڪلام هڪ ”رسالو“ يعني ارسال ڪيل يا موڪليل پيغام آهي. ٻين
لفظن ۾ ائين چئبو ته اهو پيغام هڪ آفاقي ۽ الهامي پيغام آهي. اهو پيغام هڪ دؤر ۽ هڪ
قوم لاءِ نه آهي، پر ازلي ۽ ابدي آهي. شاهـ جو ڪلام تصنع ۽ تڪلف کان دؤرآهي، منجهس
اندازِ بيان جي ندرت ۽ جدت به آهي ته حرارت ۽ حدت به آهي. مطلب ته سندس ڪلام سراپا
سوز ۽ گداز آهي. شاهـ صاحب جا ڪيترا سُر تمٿيلي شاعريءَ ۾ شمار ڪري نٿا سگهجن. در
حقيقت شاهـ صاحب جي سموري شاعري ذوق ۽ وجدان جي پيداوار آهي. قدرت شاهـ صاحب کي
ادراڪ جي دولت سان معمور ۽ مالا مال ڪيو هو، انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ انساني جذبن ۽
احساسن جون سڀئي صورتون موجود آهن.
ٻين مشرقي شاعرن ۽ خصوصاً ڪلاسيڪل شاعرن وانگر شاهـ صاحب به جيڪي
لکيو آهي، اهو يا ته علامتي يا تمثيلي شاعريءَ موجب آهي، يا وري رومانس موجب آهي. هڪ
ڳالهه عيجب ٿي لڳي ته اسان جي اها شاعري، جنهن کي اسين ”اساسي شاعري“ ڪوٺيون،
سا عربي ادب کان گهٽ ۽ فارسي شاعريءَ کان وڌيڪ متاثر . آهن. سنڌي ڪلاسيڪي
شاعريءَ وارا امام غزالي عليه الرحمة کان ... وڌيڪ متاثر آهي، جيڪو شريعت ۽ طريقت
کي هڪ ترازوءَ جا ٻه پلڙا ٿو تصور ڪري. ٻيا آهن با يزيد بسطاميءَ جي وحدت
اوجود جا قائل در اصل بايزيد بسطامي رحح هڪ سنڌي عالم ابو الاعليٰ جي خيالن جي
اثر هيٺ هو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته هيءُ سنڌي عالم ويدانت جي ڪري نُڪتن کي تصوف جهڙو
سمجهندو هجي. هتي ڏسڻو آهي ته تمثيل اهڃاڻ ۽ علامت ڇا آهي؟ احساس، جذبي، خيال
يا ازلي حقيقت کان سمجهائڻ لاءِ جسماني شين جي تشبيهه ڏيڻ کي علامتي اظهار سڏ سگهون ٿا. شاهـ صاحب کان اڳ شاهـ عبدالڪريم رحه، لطف قادري ۽ ميون شاهـ عنايت
رحه روماني داستانن ۾ تمثيلون پيش ڪري چڪا هئا. انهن کي ڪمال تي شاهـ صاحب رحه
پهچايو.
Comments
Post a Comment