Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

Question and Answer 4 Shah Abdul Latif Bhittai in Sindhi Language

سوال:         ”شاهـ عبداللطيف رحه جو ڪلام علم ۽ عمل جو سرچشمو آهي، جتان هر فڪر ۽ خيال وارو پنهنجي پياس ٻجهائي سگهي ٿو“. هن راءِ تي دليل ڏيئي بحث ڪريو.
يا
”ڪن شاعرن جو ڪلام الهامي ٿئي ٿو، اهڙن شاعرن ۾ شاهـ عبداللطيف رحه سرفهرست آهي“. دليل ڏيئي هن راءِ تي بحث ڪريو.
جواب:
شاهـ صاحب جو ڪلام علم جو بي بها خزانو آهي. انسان جي ديني توڙي دنيوي ڄاڻ جو بي ڪران سمنڊ آهي. ساڳئي وقت عمل جو به سرچشمو آهي. عام ماڻهو هجي يا ڪو عالم فاضل، اهل الله هجي يا ڪو صوفي سرمست، هر هڪ کي پنهنجي عقل ۽ دانشن، پيماني ۽ ظرف موجب بهرو ملي ٿو. تڏهن ته شاهـ صاحب چيو آهي ته:
”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“
شاهـ صاحب مولانائي روم وانگر آفاقي ۽ الهامي شاعر آهي. مولانا جي مثنوي لاءِ به ساڳيءَ شاهـ صاحب واري ڳالهه ڪيل آهي ته:
”مثنوي و معنوي و مولوي،
هست قرآن در  زبانِ  پهلوي.“
اهو برابر آهي ته شاهـ صاحب ڪنهن کي نراس نٿو ڪري. حضي سنئون سڀ ڪنهن کي ملي ٿو، پر شاهـ جيڪي چيو آهي ۽ جنهن نقطهء نظر سان چيو آهي، تنهن کي سمجهڻ لاءِ ڪيترين ئي ڳالهين جي ضرورت آهي. هڪ ڏاهي جي راءِ آهي ته ”شاهـ جي شعر کي سمجهڻ لاءِ فلاسافر جو فن کپي ۽ مومن جو من کپي، عاشق جي دل کپي ۽ صوفيءَ جي منزل کپي“. انهيءَ راءِ ۾ ڪافي وزن آهي. سچ پچ عام ماڻهو ته رڳو پنهنجي سمجهه ۽ سجاڃاهه موجب شاهـ صاحب جي ادبي ۽ روحاني خزاني مان پنهنجي دامن جي وسعت آهر موتي ميڙي سگهندو. هو نه ته شاهـ صاحب جي ڳوڙهن ۽ پيچيده خيالن کي سمجهي سگهندو ۽ نه وري شاهـ صاحب جي فلسفيانه اندازِ بيان جو مفهوم هن جي ذهن ۾ ويهندو. ڏٺو وڃي ته شاهـ جي ڪلام ۾ اصليت ۽ معنويت کي اوليت ۽ شاعرانه فن ۽ خوبين کي ثانوي حيثيت حاضل آهي. سندس جذبن ۽ احساسن وسيلي معلوم ڪيل منطقي نتيجا فقط سندس پنهنجي ذهن ۽ ذڪاوت مان اتپن ٿيا آهن. اهو سبب آهي، جو عام قاري شاهـ صاحب جي تمثيلات، روحاني رازن ۽ تصوف جي بارڪ نُڪتن کي سمجهڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي، ۽ نه وري شاهـ صاحب جي شعر ۾ ڪم آيل تلميحن ۽ تشبيهن کي سمجهي سگهي ٿو. اهڙين ڳالهين کي ته ڪو دانائي راز ئي محسوس ڪري ٿو. شاهـ جي ڪلام وڏي حد تائين فلسفيانه آهي ۽ فلسفي جي اصطلاحي معنيٰ آهي ”شيءِ“ جي اصلي حقيقت معلوم ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شين جي ماهيت جو نالو فلسفو آهي. شاهـ صاحب جي خيال موجب هن ”عالمِ ظهور“ جي ماهيت هيءَ آهي ته پنهنجي حقيقت جي اعتبار کان ”وجود مطلق“ فقط هڪ ئي آهي، ۽ ظهور جي لحاظ کان موجودات جو هڪ اهڙو مجموعو آهي، جنهن کي مفصل طور جاچڻ کان انساني عقل عاجز آهي. ڪائنات جو هر ذرو انفرادي طور وجود مطلق جو ”مقيد تعين“ آهي ۽ هر ”تعين“ هڪ ذات آهي، جا ذات مطلق جو ”مقيد مظهر“ آهي. شاهـ صاحب جنهن کي عاشق سڏي ٿو، سو ”ذات مطلق“ جو هڪ ”مقيد تعين“ آهي. اهي ڳالهيون ته فلسفين جي سمجهڻ جون آهن.
اهڙي طرح شاهـ جي صوفيانه خيالن کي تصوف جي پر پيچ راهن مان ٽپي، منزل تي پهتل صوفين کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو سمجهي سگهي! داصل اسلام سان واسطو رکندڙ تصوف جي حامل عالمن کي ٻن طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا آهن ”وحدت الوجود“ جا قائل ته ٻيا ”وحدت الشهود“ جا مڃيندڙ. وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي اصطلاحن کي فارسي زبان ۾ ترتيبوار ”همه اوست“ ۽ ”همه ازاوست“ سڏيو ويو آهي. در حقيقت ٻنهي نظرين جو مقصد ”وصول الي الحق“ آهي. ڏٺو وڃي ته فڪر جا مذڪوره ٻيئي ڪتب وصالِ حق ۽ عرفان جا متلاشي آهن. صوفين جي نظر ۾ وحدت جو تفصيل ڪثرت آهي ۽ ڪثرت جو اجمال وحدت آهي، ۽ هن وحدت ۾ ڪثرت جي جيڪا حقيقت آهي، اهو ئي سالڪ يا عارف جو مقصد آهي. اهو ئي سبب آهي، جو چيو وڃي ٿو ته شاهـ جي ڪلام کي اسلامي سوچ رکندڙ فلاسافر ۽ اسلامي عقيدن تي اعتماد رکندڙ منزل يافته صوفي ئي پرکي سگهن ٿا. ”ويدائت“ کي جيتڻوڪ ڪي عالم تصوف جو مترادف سمجهن ٿا، پر اُهي رڳو هڪ اصطلاح ”ايڪو برهم اسمي، برهم“ جي آڌار تي اها ڳالهه ڪن ٿا، ورنه تصوف ۽ ويدانت ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي.
هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري سمجهي وڃي ٿي ته عالمن ۽ ناقدن ۾ هڪ اختلاف اڃا نه نبريو آهي ته شاهـ صاحب تصوف جي معاملي ۾ ”وحدت الوجود“ جو قائل آهي يا سندس طريقو وحدت الشهود وارو آهي، يعني ڪي عالم شاهـ صاحب کي ”هم اوست“ جي دائري جو پابند سمجهن ٿا ته ڪي کيس همه از اوست جي آفاق جو آزاد شهباز ٿا شمار ڪن. بهرحال هر ماڻهو شاهـ صاحب جي ڪلام مان بهره ور ٿو ٿئي، هر ڪو پنهنجي فڪر ۽ ظرف موجب هن هدايت جي سرچشمي مان پُر پيالا ٿو پيئي.
شاهـ صاحب جو ڪلام ڪنهن ڪوشش ۽ سعيي جو نتيجو نه آهي. ائين ٿو لڳي ته سندس سمورو رسالو هڪ الهام آهي، جيڪو قدرت ڪن ڳاڻ ڳڻين انسانن تي نازل فرمائيندي آهي. الهامي شاعري ”آمد“ جو نتيجو هوندي آهي ۽ منجهس ”آورد“ جو ڪو ادنيٰ جز به نه هوندو آهي. شاهـ صاحب جو ڪلام ڪنهن ”آود“ جو محتاج نه آهي. ائين چئجي ته شاهـ صاحب پاڻ ڪجهه نه چيو آهي، پر کانئس چوايو ويو آهي. ظاهر آهي ته اهڙو ڪلام، جو قدرت طرفان عطا ٿئي، تنهن مان هر انسان پنهنجي وت آهر حصو وٺي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو عام قاري شاهـ صاحب جي تمثيلات، روحاني رازن ۽ تصوف جي باريڪ نڪتن کي سمجهڻ کان سواءِ به شاهـ صاحب جي ڪلام مان محظوظ ٿئي ٿو. شاهـ صاحب ڪائنات جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري، جيڪي ڳالهيون منظوم ڪيون آهن، تن جو محرڪ سندس وجدان ئي آهي. انهن ڳالهين کي فقط اهي انسان سمجهي سگهن ٿا، جن جي دل ۽ دماغ ۾ عشق اوتارا اڏيا آهن. عشق اصل مقصد نه آهي ته عرفان جا مرتبا جيترو عشق جي ذريعي جلد طئي ٿين ٿا، اوترو ٻئي ڪنهن ذريعي سان طئي نٿا ٿين. شاهـ صاحب پراڻ سراپا عشق آهي. هو عشق جي تصوير به آهي ته عشق جو تفسير به آهي.
شاهـ صاحب جي ڪلام ۾ علم جو ته بحر بي ڪران آهي، پر هن عام انسانن کي عمل لاءِ به اُڪسايو آهي. شاهـ صاحب جا بيت قدرت ڪامله جون آيتون يا نشانيون آهن. انهن جي وسيلي هو ويسرن ۽ سستي ۽ گهر جي ماريلن ۽ عمل جي دنيا کان هٽيل انسانن کي جنجهوڙي جاڳائي عمل جي راهه ٿو ڏيکاري. شاهـ جو آواز دراصل الست واري ”ني“ يا نڙ جون آواز آهي، جو ڪڏهن وڍيل جون اويون ٿو لڳي، ته ڪڏهن ڪُٺلن جي ڪوڪار پهچي ٿي ته اُهي سندس درد ڀري دانهن کي “انهد” مرليءَ جو آواز سمجهي ورهين جي ڳَهر ۽ سُستي ڇڏي، ڇرڪ ڀري ٿا اُٿن ۽ قاضي قادن رحه جي لفظن ۾ چون ٿا ته:
”جوڳي جاڳايوس، سُتو هوس ننڊ ۾
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري“.
ڪڏهن وري هيئن ٿا چون ته:
”جوڳي تخت هزارؤن آيا،
مُرلي انهندي شور مچايا،
لايان   برهه  ديان  باهيان“
هيءَ برهه جي باهه قومن جي تقدير بدلايو ڇڏي. مُرليءَ جي هيءَ ڦوڪ سڙيءَ ننڊ کي ساڙي، پرين جي پيچري تي لڳايو ڇڏي. ڪنهن به شاعر يا خطيب ۽ نقيب جي عظمت آهي به اها ته هو قومن جي تقدير بدلائي، کين پستيءَ جي اوڙاهه مان ڪڍي، ڪنهن اعليٰ ۽ ارفع مقام تي پهچائي. ڏسڻو هيءُ آهي ته شاهـ صاحب اهو فرض ڪيتري قدر ادا ڪيو آهي. ۽ انهيءَ عظيم شاعر قوم کي اگهور ننڊ مان جاڳائي، ڪهڙي گس لاتو آهي ۽ ڪيئن جدوجهد لاءِ تيار ڪيو آهي؟
شاهـ صاحب جو گهڻو زور تمثيلي شاعريءَ تي آهي. سندس ڪلام جو وڏو حصو اهڙي قسم جي شاعريءَ سان معمور آهي. تمثيلي شاعريءَ ۾ شاهـ صاحب جيڪي ڪردار پيش ڪيا آهن، تن جي عظمت ئي جدوجهد ۾ نظر اچي ٿي. هُو جڏهن سسئيءَ جي روپ ۾ پهاڙن جا پنڌ ۽ ڪوهه جا ڪشالا بيان ڪري ٿو، تڏهن سوچڻ وارا سوچين ٿا ته ڇا انسان ايڏا سور سهي به پٺتي نٿو هٽي. هتي شاهـ صاحب جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو، منهنجي خيال ۾ دنيا جي ڪنهن به شاعر جدوجهد ۽ ڪوشش بابت اهڙو ڪلام هر گز نه چيو هوندو. بيت هن طرح آهي:
”سج اُلٿي، سسئي، رت ورڻو روءِ
پهي نه پانڌي ڪو، جَه ڪَر پُڇي لوءِ
موڙهي وڃي توءِ، موٽڻ جي ڪانه ڪري.“
سج لهي چڪو آهي، سسئي وڻڪار جي واقف نه آهي، ڪو واٽهڙو يا پانڌي به هن واٽ تي هلڻ مشڪل آهي، جنهن کان پنهونءَ جي ڳوٺ بابت پڇا ڪجي. هينئر کيس ڇا ڪرڻو آهي؟ ڇا پٺتي موٽي ڪنهن وسنديءَ تائين پهچي يا ڪو ٻيو فيصلو ڪري؟ شاهـ صاحب چوي ٿو ته اهڙي بي يقينيءَ وارين حالتن ۾ به هي موڙهي ديواني اڳتي وڌي ٿي ۽ پٺتي موٽڻ جي نٿي ڪري. جدوجهد جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو!
ٻئي هنڌ شاهـ صاحب چوي ٿو ته:
”وارو! مون، وڻاهه! ڪا سُڌ سونهپ جي نه ڏهو؟
ايَ اهائي ڳالهڙي، شجر سڻيجاهه
چوٽي چاڙهي جاههُ، ته موڙهيَ ڪو مُههُ ٿئي“.
جدوجهد جي ٻي صورت شاهـ صاحب ڪهڙي نه نئين نموني جي چٽي آهي ته اي وڻو! افسوس آهي، جو اوهين سونهپ يا رهنمائيءَ جي ڪا خبر نٿا ڏيو، پر هڪ ڳالهه ٻڌجو، ٻيو نه ته به مون کي پنهنجين چوٽين تي چاڙهجي ته من آءُ موڙهي مت واري ڪو رخ اختيار ڪري سگهان. بهرحال شاهـ صاحب جو سمورو ڪلام انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ آهي.


Back to Index


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more