سوال: ”سنڌي قوم جي رسمن، رواجن ، قدرن ۽
روايتن، خوبين ۽ خصوصيتن جي مڪمل تصوير ڏسڻ لاءِ، شاهـ جو رسالو هر لحاظ کان ڪافي
آهي“، هن راءِ تي تبصرو ڪريو.
يا
”شاهـ جو رسالو سنڌي سماج جي رهڻي ڪرڻي، ريتن رسمن ۽ هلت
چلت جي مڪمل طور عڪاسي ڪري ٿو“. هن راءِ تي دليلن سان بحث ڪريو.
جواب:
سنڌي سماج ڪهڙي رنگ ۾ رڱل آهي؟ ان جون ڪهڙيون خصوصي ڳالهيون آهن، جن
جي آڌار تي اسان ان کي ٻين سماجن کان جدارو ٿا سمجهون.
هن سماج جون ڪي پنهنجون ريتون رسمون آهن، ڪي منفرد رواج آهن، ڪي
انوکا قدر آهن، جن جي اڌار تي هڪ ئي ملڪ جي ٻين قومن جي معاشري يا سماج کان نرالو
نظر اچي ٿو. هن کي هر ڪا شيءِ پنهنجي آهي، هن ڪنهن ٻئي سماج کان اوڌاري طور ڪا
شيءِ نه ورتي آهي. سندس رهڻي ڪرڻي، هلت چلت، بود و باش بنهه جداگانه آهي. انهيءَ
سماج جي سموري روئداد ۽ مڪمل عڪس اسان کي انهيءَ ڪتاب ۾ نظر اچن ٿا، جنهن جي بيتن
کي اسين آيتون ٿا ڀانيون. اهو ڪتاب اسان جي گهرن ۾ آهي، دلين ۾ آهي ۽ زبان تي آهي.
ان کي اسين ”هست قرآن در زبانِ پهلوي“ وانگر ساهه سان سانڍيون ٿا. اهو ئي ڪتاب
آهي، جنهن کي ازلي پيغام يا ارسال ٿيل رسالو ڪوٺيون ٿا. انهيءَ هڪڙي ڪتاب ۾ اسان
جي جاگرافي آهي، تاريخ آهي، اسان جي اخلاق جا قاعدا قانون آهن، اسان جي رهڻي ڪرڻيءَ
جا نقش آهن، اسان جي مروت، سخاوت، عزم ۽ همت، غيرت ۽ عزت جي حفاظت جا صحيفا لکيل آهن.
اهو ڪتاب اسان لاءِ هر لحاظ کان ڪافي ۽ وافي آهي. انهيءَ ڪتاب کي اسان جا پڙهيل پڙهن
ٿا، اڻ پڙهيل پڙهن ٿا، پوڙها پڙهن ٿا، جوان پڙهن ٿا، مطلب ته اهو رسالو يا اهو
پيام اسان لاءِ مقدس آهي، جنهن جو تقدس اسان جي دلين ۽ دماغن ۾ سمايل آهي. شاهـ جو
رسالو دنيا جي وڏي ۾ وڏو شاعر شاهـ عبداللطيف جي عقل، ادراڪ ۽ محنت جو ثمر آهي.
شاهـ صاحب سنڌ جو چپو چپو پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي، سنڌ جي ذري ذري جو مطالعو ۽
مشاهدو ڪري، اسان آڏو پيش ڪيو آهي.
دراصل شاعر پنهنجي معاشري يا سماج جو فرد هوندو آهي. هو عام انسانن
منجهان هوندو آهي، پر ڪيترين ڳالهين ۾ عام انسانن کان مختلف هوندو آهي. هن جي زبان
اسان جي ٻوليءَ کان ٻئي نموني جي ٿئي ٿي، جنهن کي اسين سمجهي ته سگهون ٿا، پر ان ٻوليءَ
۾ ڪجهه ٻولي نٿا سگهون. اها ٻولي اسان جي احساسن جي پيمانن کي ڇلڪائي سگهي ٿي، ان
جي هلڪڙي ضرب اسان جي جذبات جي آبگينن کي پاش پاش ڪري سگهي ٿي ۽ اها اسان جي اندر
۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري خيالن ۾ طوفان برپا ڪري سگهي ٿي. مگر اها ٻولي، اچاريندي اسين
ٻاتا ٿي ٿا پئون، اسان جي زبان اُن تي وري نٿي ۽ ايئن اسين جمبور ۽ عاجز ٿي، شاعر
جي معجزانه عظمت جا قائل ٿي پئون ٿا، ۽ ان جي بلند و بالا قامت اڳيان اسان کي
پنهنجو قد ڪوتاهه نظر اچي ٿو.
حقيقت ۾ شاعر اسان کان ڪن ڳالهين ۾ مختلف ٿئي ٿو. هن جي نظر وسيع ۽
بصيرت عميق هوندي آهي. تنهن ڪري فطرت جو مشاهدو هو اسان کان ڪجهه ٻئي نموني ڪري ٿو.
هن جا احساس لطيف آهن، جنهن ڪري سندس جذبا پرجوش ٿين ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي
محسوسات ماٺي ۽ جذبا نيم خفته ٿين ٿا، شاعر اسان کي جهنجهوڙي جاڳائي ٿو ته اسين
پنهنجو ورثو سنڀاريون، پنهنجي تاريخ، پنهنجي جاگرافي ۽ پنهنجي وطن جي هر شيءِ جي
حفاظت ڪريون، جنهن جا اسين وارث آهيون. اسين پنهنجي اخلاقي قدرت تي پهرو ڏيون.
پنهنجي رسمن، رواجن، ريتن ۽ روايتن کي محفوظ ڪريون. هاڻي ڏسڻو آهي ته شاهـ صاحب اٽڪل
ٽي صديون اڳ اسان جي اخلاقي قدرن کي ڪهڙيءَ پر نظم جي لڙهين ۾ پوئي ڇڏيو آهي.
قومي غيرت هر مرد ۽ هر عورت کي هڪ جيتري هوندي آهي، انهيءَ ۾ جنس جي ڪا
تخصيص نه ٿيندي آهي. شاهـ صاحب هڪ سنڌي عورت جا غيرتمندانه خيال هن طرح ٿو چٽي:
”ڀڳو“ آءٌ نه چوان، ”ماريو“ ته وسهان
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان
ته پڻ لڄ
مران، جيڪر هو ونس پٺ ۾.
هن بيت ۾ هڪ سنڌي عورت ساهيڙين کي ٿي چوي، ته آءٌ اهو ته ڪڏهن به نه
مڃينديس ته ڪو منهنجو ڪانڌ جنگ جي ميدان مان ڀڄي آيو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو چوي ته
جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو آهي ته انهيءَ ڳالهه تي مان اعتبار ڪنديس. منهنجي ڪانڌ
کي جيڪڏهن مُنهن ۾ ڌڪ لڳل آهن ته انهن کي فخر منجهان گرم ڪپڙي سان پيئي سيڪينديس،
پر جي جنگ جي ميدان مان پٺي ڏيئي ڀڳو آهي ۽ کيس پٺ ۾ ڌڪ لڳل آهن ته لڄ وچان مري
وينديس.
شاعر اسان جي معاشري يا سماج جو مطالعو ڪري، اسان جا عيب صواب آرسيءَ
وانگر اسان جي سامهون پيش ڪري ٿو، مگر هن کي اسان جي عيبن کان نفرت ڪانهي. پيار
سندس لونءَ لونءَ ۾ سمايل آهي، انهيءَ ڪري خشڪ واعظ جي ابتڙ اسان جي عيبن جي ڪنهن
حد تائين ستر پوشي ڪري، ڪنهن حڪمت ۽ دانائيءَ سان، اسان کي پنهنجي اوڻاين پوڻاين
کان نفرت ڏياري، معاشري کي اڇو اجرو ۽ پاڪ
صاف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
شاعر قدرت جي عطا آهي. قدرت ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڌرتيءَ کي اهڙي شاعر سان
نوازيندي آهي، جو نه فقط اتان جي معاشري جو مسيحا هوندو آهي، پر سموري انسان ذات
لاءِ رحمت جو بادل ۽ هدايت جو سرچشمو هوندو آهي. اسان جو لال لطيف رحه به اهڙن
شاعرن مان هڪ آهي، بلڪه دنيا جي جملي شاعرن جو شاهـ آهي.. لطيف ڪير آهي ۽ لطيف ڇا
آهي؟ تنهن کي ڇڏي، هتي سندس سنڌي، معاشري جي مطالعي ۽ مشاهدي تي ٻه اکر لکجن ٿا:
هر معاشري کي پنهنجو تشخص ۽ پنهنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي. سنڌي معاشري جون
علامتون ۽ اهڃاڻ کيس ٻين معاشرن کان الڳ ڪري هڪ جداگانه ۽ منفرد مقام بخشين ٿا. سنڌي
معاشري کي پنهنجا قاعدا ۽ پنهنجا قانون آهن. جن کي معاشرتي ٻوليءَ ۾ اسين رواج ۽
رسمون چئون ٿا. سنڌي معاشري کي پنهنجا اصول ۽ پنهنجون روايتون آهن. سنڌي سماج جا
پنهنجا اوصاف ۽ قدر آهن پوءِ اُهي سماجي قدر هجن يا روحاني اقدار، بهرحال آهن هن
جا پنهنجا. سنڌي معاشري وٽ عزت ۽ غيرت جا ماڻ ۽ توراڙا پنهنجا آهن. هتي هڪ ڳالهه
واضح ٿيڻ کپي ته سنڌ ۾ مڪين هر معاشري کي سنڌي معاشرو ڪوٺي ڪونه سگهبو. ارغون ۽
ترخان يا ٻيون قومون سنڌ ۾ رهي به سنڌي
معاشري جو درجو ماڻي نه سگهيون.
ڪنهن به معاشري جي اڀياس لاءِ اونهي سوچ ۽ گهري فڪر جي ضرورت آهي.
معاشرو هميشه هڪجڙو نٿو رهي. وقت پنهنجا ڪانٽا بدلائي بدلائي معاشري کي به بدلائي ڇڏي
ٿو، پر معاشري جي اوڄ ۾ اڻيل بنيادي ڌاڳا وري به ساڳيا رهن ٿا. مثلاً هڪ مخصوص ٻج
کي مختلف آبهوا ۽ مختلف زمين ۾ پوکي، اُن مان پيداوار جا مختلف انگ ته حاصل ڪري
سگهن ٿا، پر ان جي بنيادي عناصر ۾ ڪا تبديلي ممڪن نه آهي. اَڪن مان اَنب پيدا نه ٿيدا،
توڙي جو کين مڻين کر پيارو وڃي، انهيءَ ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته سنڌي معاشري
زماني جي ڦيرين گهيرين هوندي به پنهنجا بنيادي عناصر قائم رکيا آهن، يعني اهي ضايع
نه ڪا آهن. اهي لطيف سائينءَ کان اڳ به ساڳيا هئا، ۽ لطيف سائينءَ جي دؤر ۾ به ساڳيا
هئا ته اُهي اڄ به ساڳيا آهن. انهيءَ فطرتي اصول جي روشنيءَ ۾، اسين شاهـ صاحب جو
سنڌي معاشري بابت مطالعو پيش ڪري سگهون ٿا.
شاهـ صاحب پنهنجي معاشري جو مطالعو ڪوڙين ڪتابن جي مدد سان نه ڪيو
آهي. هن پنهنجي گهر، تر ۽ ديس جي چپي چپي تي گهمي ڦري، ان جو اڀياس ڪيو آهي. هو جڏهن
چوي ٿو ته:
”سَتِي سيبا ڏئي، ڀوري نينهن نه ڪڄيو
کٿِي وَٺيون کُٿيون، سَتِي سيوي سي
مڇڻ چونم ڪي،
ته لڄايئه ٿر ڄائيون.“
ست ۽ سيل سنڌي عورت جو سچو پچو سرمايو آهي. هوءَ پٽ پٽيهر تي هر کجي
پراڻي سراڻي کٿي به نٿي مٽائي، بلڪه ان جي کٿل وٽين کي سبي ساڄي ڪري، ان سان ئي
انگ ڍڪي ٿي. هوءَ انهيءَ ميار کان ٿي ڊڄي ته متان ڪي چون ته ٿر ڄاين کي تو لڄايو
آهي.
سنڌ واسين جي مهمانداري ۽ سخاوت سندن ريت رسم ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻ بک
مري به آئي وئي جي سنڀال لهندا. سنڌ ۾ ڪي سخي ته ايتري قدر مشهور ٿيا آهن، جو هو ڏمرجي
به ڏيڻ واري واٽ نه ڇڏيندا، راضي ٿيا ته ڍئي ڇڏيندا. سنڌ جي سخين ۾ جادم جکري جو
نالو نهايت احترام سان ورتو وڃي ٿو. شاهـ صاحب ان بابت فرمائي ٿو ته:
”ڏمرئو ته ڏئي، پرچئو ته پاٽ ڀري
جُنگ جکري کي، ٻيئي چڱايون
چِٽ ۾“..
عزت، غيرت، سيل ۽ ست خواهه سخاوت سنڌي معاشري جا اعليٰ اهڃاڻ آهن.
شاهـ صاحب انهن کي خوب ڳايو آهي. معاشري جي ريتين رسمن کي شاهـ صاحب قريب کان ڏٺو
آهي. سُر ليلان چنيسر ۾ شاديءَ جي هڪ رسم جو اظهار شاهـ صاحب هن طرح ڪيو آهي:
”پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا
مون ڀانيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريڙي“.
گهوٽ ڪنوار کي پرڻائڻ وقت هڪ رسم آهي ته گهوٽ جڏهن گهر جي چانئٺ
اورانگهيندو آهي، تڏهن هڪ ڍڪڻ جي مٿان پير هڻي، اُن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي.
جي ڍڪڻ نه ڀڄندو آهي ته ان کي بدشگوني سمجيو ويندو آهي. ليلان چوي ٿي ته چنيسر جڏهن
ڍڪڻ تي پير هنيو هو، ته اهو پاسيرو ٿي ويو هو ۽ ڍڪڻ نه ڀڄڻ ڪري مون ان وقت ئي
اندازو لڳايو هو ته شادي ڪامياب نه ٿيندي.
سيل ست ۽ عصمت جي حفاظت لاءِ عيش آرام ته ڇا جان قربان ڪرڻ جي مثالن
سان تاريخ جا ورق ڀريا پيا آهن. ان کان سواءِ غيرت تي جان ڏيڻ به عام ڳالهه آهي.
پر ”عزت“ ۽ آن تي جان قربان ڪريڻ ڪنهن مخصوص معاشري جي ئي رسم و راوج ۾ شامل آهي.
شاهـ صاحب سنڌي معاشري جي انهيءَ وصف لاءِ گهڻو ڪجهه چيو آهي. هتي عزت لاءِ سر ڏيڻ
جي اظهار ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪ ڳالهه بيان ڪرڻ ضروري ٿي ڀانئجي. ”مومل“ دنيا جي حسين
ترين عورت هئي. سندس حسن جي هاڪ ”قلوپطرا“ کان گهڻو گهڻو وڌيڪ هئي. شاهـ صاحب جڏهن
اُن جي حسن جي واکاڻ ٿو ڪري تڏهن چوي ٿو ته:
”مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
نڪا عام نه خاص، جي
وئا، سي وڍئا“.
مومل کي اکين ۾ تارن بدران هيرا هئا، سخت ترين شيءِ جي ڪٽڻ لاءِ هيرو
ئي ڪارگر ٿئي ٿو، تنهن ڪري مومل جي آڏو خاص ۽ عام جو حساب ئي ڪين هو، جيڪو ٿي منهن
پيو، تنهن کي اکين جي الماس وڍي ٿي ڇڏيو. مطلب ته دنيا جي ڪابه حسين عورت سندس حسن
جو مقابلو ڪري نٿي سگهي. اها پاڻ جڏهن راڻي جي اکين کان گهائجي ٿي، تڏهن شاهـ صاحب
چوي ٿو ته:
”گجر گهڻا گهائيا، پاڻان ليس گهاءُ،
مينڌري مُلاءُ، لڳس ڪان
ڪپار ۾“.
انهيءَ ساڳيءَ مومل سان جڏهن راڻو رسي ٿو ۽ نٿو پرچي، تڏهن چکيا چڙهڻ
جو سعيو ڪري ٿي. راڻيءَ کي جڏهن اها سُڌ پوي ٿي، تڏهن ڪرهل ڪاهي اچي ٿو کيس ڏاگهه
چڙهڻ کان منع ڪري، پر هاڻي مومل اڳيان ”عزت ۽ آن“ جو سوال ٿو اُڀري. هو پنهنجي
معاشري کي لڄائڻ نٿي گُهري، ۽ راڻي کي چوي ٿي ته مينڌرا ماڻهو مهڻا ڏيندا ته سر جي
سانگي مومل کي پنهنجي ”آن“ کان هٽائي ڇڏيو. ائين ڏاگهه چڙهي، سر قربان ڪيائين،
معاشري جي انهيءَ خاص وصف، عزت تي جان ڏيڻ ئي شاهـ صاحب کي مجبور ڪيو ته هو ”مومل“
جي ڪردار کي پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ جاءِ ڏئي.
ڏٺو وڃي ته شاهـ جو سڄو رسالو سنڌي سماج جي رسمن ۽ رواجن جو هڪ ڀنڊار
۽ اُپٽار آهي. رسالو اسان جي معاشري جو عڪس آهي ۽ اهو عڪس اسان رسالي ۾ جهاتي پائي
هر وقت ڏسي سگهون ٿا.
Comments
Post a Comment