Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

Question and Answer 2 Shah Abdul Latif Bhittai in Sindhi Language

سوال:      ”شاهـ عبداللطيف رح جي ڪلام پڙهڻ سان، سندس شخصيت جو عڪس اکين آڏو اچيو وڃي“. هن راءِ سان اوهين ڪيتري قدر متفق آهيو؟
يا
”شاهـ صاحب هڪ آفاقي شاعر آهي. سندس ڪلام ۽ فن، سماجي شعور، مشاهدو ۽ تجربا، رايا ۽ نتيجا نهايت تعميري ۽ زندگيءَ بخش آهن“. بحث ڪريو.
جواب:
سنڌي زبان ۾ هڪ نهايت آڳاٽي چوڻي آهي ته ”جيڪي ڪُني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو“ اها چوڻي ان زماني جي آهي، جڏهن عام ماڻهو ٺڪر جي ٿانون ۾ رَڌ پچاءُ ڪندا هئا. انهيءَ چوڻيءَ موجب شاعر وٽ به جيڪي هوندو، تنهن جو عڪس اسان کي سندس ڪلام مان معلوم ٿيندو. سندس شخصيت، سڀاءُ، ذهانت، اعليٰ ادراڪ، شاعريءَ جو فن، مطلب ته سندس هر خوبي ۽ خامي هن جي شاعريءَ مان پيئي لياڪا پائيندي. شاعر جي لغوي خزاني، اصطلاحن ۽ محاورن جي ذخيري، تلميحات جي ڄاڻ، محاڪات جي فن، معاشري جي رسم و رواج کان آگاهي، زبان جي فصاحت، تخيل جي بلند پروازي، تصور جي دلڪشي ۽ دل آويزي، لفظن جي بلاغت سان مطابقت، علم بيان ۽ علم بديع جي پروڙ، خيالن ۾ جدت ۽ ندرت، جذبه نگاريءَ ۾ حدت ۽ حرارت، سوز ۽ گدار جي اظهار جي قوت ۽ وزن ۽ قافين جي پختگي ئي سندس عظمت جي نشاندهي ڪن ٿا. جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل خوبيون، ڪنهن شاعر وٽ ججهي انداز ۾ آهن ته اُهي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي نه رڳو دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وينديون، پر خود شاعر جو عڪس انهن جي اکين آڏو اچي ويندو. هاڻي ڏسڻو آهي ته مٿي ڄاڻايل خوبيون شاهـ صاحب جي ڪلام ۾ ڪيتري قدر موجود آهن.
قومن کي پنهنجي انهن شاعرن تي ناز ۽ فخر هوندو آهي، جن پنهنجي ٻوليءَ کي نون خيالن ۽ نرالن لفظن سان مالا مال ڪيو هوندو آهي. انگريز قوم پنهنجي عظيم شاعر شيڪسپيئر جي انهيءَ ڪري ٿورائتي آهي ته هن انگريز ٻوليءَ کي تمام گهڻا لفظ ۽ محاورا جوڙي ڏنا. ايئن چئجي ته شيڪسپيئر پنهنجي دؤر جي ڊڪشنريءَ کي بالڪل ٻيڻو ڪري ڇڏيو ته هرگز وڌاءُ نه ٿيندو. ساڳيءَ طرح تقريباً ٽي سؤ سال اڳ، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو لفظي سرمايو هو، تنهن ۾ شاهـ صاحب ايڏو اضافو ڪيو، جو شاهـ صاحب کان اڳ گذري ويل شاعرن جي ڪلام کي جاچڻ بعد معلوم ٿيندو ته شاهـ صاحب شيڪسپيئر کان به پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ خدمت ڪئي آهي.
جيستائين شاهـ رحه جي استعمال ڪيل اصطلاحن، چوڻين ۽ محاورن جو واسطو آهي ته شاهـ رحه ٻوليءَ ۾ انهن کي هڪ سهڻي نموني جاءِ ڏني آهي، ٻيو ته انهن محاورن وغيره جو تعداد به حيرت انگيز طور تي وڌيڪ آهي. دراصل لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو ايڏو وڏو ذخيرو شاهـ جي رسالي ۾ موجود آهي، جو ٻئي ڪنهن سنڌي شاعر جي ڪلام ۾ ڪونهي.
اهو ذخيرو شاهـ صاحب وٽ تڏهن موجود ٿيو، جڏهن شاهـ صاحب سيلاني بڻجي، سنڌ کي هڪ سري کان ٻئي سري تائين ۽ هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين، پنهنجي سر گهمي ڦري، سنڌ جي سر زمين کي مطالعي هيٺ آندو. ايئن سڄي سنڌي جي جاگرافي کيس معلوم ٿي ويئي. هڪ طرف ڪوهستان جي ڪڇ ڪنار ۾ رهندڙ کاهوڙين جي اٿڻي ويهڻي ۽ ٻوليءَ مان واقف ٿيو ۽ سندن جفاڪشي، عزم ۽ سعيي جو معترف ٿيو، ته ٻيئ طرف وري سمنڊ جي ساحلن لڳ ويرن ۽ لهرين ۾ وهنجندڙ ڪچا ۽ ڪکاوان گهر به ڏٺائين. نه رڳو سامونڊي ساحلن تي وسندڙ وڻجارا ڏٺائين، پر انهن جي فڪر ۽ فاقي، حال احوال ۽ اوسيئڙي ۽ انتظار جي پڻ ڀلي ڀت پروڙ حاصل ڪيائين. کاهوڙين بابت شاهـ صاحب چوي ٿو:
”جِت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙي کير ..“.

شاهـ صاحب کاهوڙي پاڻ آهي. هو پنهنجي عاشقانه منزل جو اظهار مٿئين بيت ۾ بخوبي ڪري ٿو. کيس خبر آهي ته عارفن جي منزل لاهوت لا مڪان کان به پري اهي. جتي پکيءَ جي پير نٿو لڳي سگهي؛
يعني پکي پر هڻي پهچي نٿو سگهي، عارف اتي به دونهين دکايو ويٺا آهن.
کاهوڙي هئڻ ڪري شاهـ صاحب کي انسانذات جي ڀلائيءَ جي اون آهي. هو هن چند روزه زندگيءَ ۾ سالڪن توڙي عام ماڻهن کي ذڪر ۽ فڪر جي عمل کان غافل ڏسي، پنهنجي اندر ۾ پچي ۽ پڄري ٿو، پوءِ پنهنجي دل جي ڪيفيت هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
”کاهوڙي کجن، پسئو پورهيت ويسرا
ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رڃن منجهه رهن
ڪا مُلِ آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.“
شاهـ صاحب سامونڊي وڻجارن جو، جيءُ جوکي ۾ وجهي، ڏورانهين سفر تي سنڀرڻ ۽ سندن وڻين جا وڇوڙي جي آزار کان ورلاپ ڪرڻ پنهنجي اکئين ڏٺا آهن. شاهـ صاحب اها پيڙا پنهنجي اندر ۾ ايترو ٻالي آهي، جو پاڻ انهيءَ درد جو مظهر بڻجي پيو آهي، تڏهن ته چوي ٿو ته:
”اَلوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي
رهه اڄوڪي راتڙي، لالن! مون لاءِ
وڃ  نه ڦوڙائي، ايڏي سفر سپرين“.
شاهـ صاحب پرائي پٿر پنهنجا سور پٽيا آهن. اهو سمورو درد سندس اندر مان اُڀريو آهي، جيڪو کيس به روئاري ٿو ۽ ٻين کي به ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ڪري ٿو.
شاهـ صاحب ٿر کي ته ڄڻ پنهنجو گهر ڪري ڏٺو آهي. مارئيءَ جي ماڳن جي محبت ۾ مارن مالوندن جا نه رڳو ڀٽون ۽ ڀاڻا ڏٺا اٿس، پر اُتان جي هر شيءِ شاهـ جي ساهه پساهه ۾ سمائجي ويئي آهي. شاهـ صاحب سُر مارئي ۾ جيڪي چيو آهي، سو واقعي مارئيءَ جي زبان ناهي. شاهـ وٽ جيڪو درد هو، سو شايد مارئيءَ وٽ به نه هجي. شاهـ صاحب جڏهن چوي ٿو ته:
”عمر! ٻن جِيو، کوءِ منهنجو سومرا!
جا پر نه پهنوارن جي، مون سين تئين ٿيو
وٺي  مُنهن  ڪِهو،  وڃان وطن سامهين؟“
ڇا هن بيت ۾ لطيف جو عڪس نظر نٿو اچي؟ ساڳيءَ ڳالهه کي لطيف ٻئي نموني ۾ به ادا ٿو ڪري، پر اُتي به مارئيءَ بدران لطيف نظر ٿو اچي:
”سهسين سيبا ڪنجري، لوئي سِين ليڙن
ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان مَنجهه ٿرن
مارو  مان  چون،  ته هئي اسانهين آسري“.
مينهن وسندي ٿر جا نظارا شاهـ صاحب پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ انهن کان نه رڳو متاثر ٿيو، پر انهن تي نقش و نگار ڪڍي، منجهن گُل ڦُل وجهي، آفاق جي وسيع تر ڪينواس کي آڇيائين ته جيئن اهي منظر سمورو عالم پسي، اکيون ٿڌيون ڪري. ايڏي جلوه سازي صرف ڪو ”محاڪات“ جو استاد ئي پيش ڪري سگهي ٿو. ارسطوءَ جي راءِ موجب محاڪات يعني مصوري يا نقش نگاري شعر جو روح آهي. ڪي ٻيا عالم چون ٿا ته تخيل ئي شعر جو روح آهي. حقيقت ۾ محاڪات ۽ تخيل ٻيئي شعر جا اهم ۽ لازمي جزا آهن. شاهـ صاحب جو ڪلام سڄو محاڪات جي رنگ ۾ رتل آهي. سر سارنگ جا رنگ پيش ڪندي هو چوي ٿو ته:
”سارنگ سائِي سِٽ، جهڙي لالي لاک جي
ايئن سين اُٻن انگيا، جيئن سي چُني چٽ،
برسيو  پاسي  ڀِٽ،  ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا“.
ڪڪرن جي لاک جهڙي لالاڻ ۽ انهن تي چُني جهڙا چِٽ يا نقش، جي اُٻن يا ننڍڙين ڪڪرين سان ايئن انگيل هجن، جيئن چني ٺاهڻ کان اڳ ان کي انگبو آهي. هيءَ آهي شاهـ صاحب جي محاڪات جو نمونو، جنهن مان لاکيڻي لطيف جي صورت ۽ ذهانت جو عڪس اسان جي اکين آڏو اچيو وڃي.
شاهـ صاحب جي محاڪات جو ٻيو نمونو سُر سارنگ مان پيش ڪجي ٿو:
”مون جهُڙ ڏٺو اُڀ ۾، ڍوليا لڏ نه لاهه
اچن آب اکين ڪيو، وڄون اتر واءُ،
ڇن  ڇڏي  پٽ  پاءِ،  اَڏ اُتاهين پکڙا.“
اُتر جي هوا تي کنوڻ اکين ۾ آب ڪيو ٿي اچي، تنهن ڪري هيٺاهين کان پکڙا کڻي اتاهين جاءِ تي اڏجن، ڇو ته جهڙ اُڀ ۾ موجود آهي، تنهن ڪري ڇن ۾ لڏ نه لاهجي، هيڏي سڄي منظر نگاري ته هڪ نهايت عظيم شاعر ئي ڪري سگهي ٿو.
شاهـ صاحب جي ڪلام کي پنهنجا توڙي ڌاريا هيڏو جو هنئين سان ٿا هنڊائين، تنهن جو آخر ڪو ته سبب هوندو! اصل ۾ جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن به ڪلام کي فصاحت، بلاغت، جدت ۽ خيالن يج ندرت ئي بامِ عروج تي پهچائي سگهن ٿا. شاهـ حد درجي جو فصيح ۽ بليغ آهي، تڏهن ته سندس لفظ نڙيءَ ۾ نٿا اٽڪن ۽ نه زبان ۾ ٿا وچڙن. ... منجهن ڪوثر ۽ تسنيم واري رواني آهي. هڪ لفظ پٺيان ٻيو لفظ ڄڻ ته ڪنهنا زلي پيچ سان ڳنڍيو اچي. شاهـ صاحب جي بلاغت جو هر هڪ نقاد صدقِ دل سان قائلِ آهي. اڄ تائين ڪنهن به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته شاهـ صاحب پنهنجي ڪنهن بيت ۾ فلاڻي لفظ جي جاءِ تي فلاڻو لفظ ڪم آڻي ها ته بيت وڌيڪ سهڻو لڳي ها. شاهـ صاحب جيتوڻيڪ متقدمين جا خيال پنهنجي بتين ۾ استعمال ڪيا آهن، پر انهن ۾ به ندرت ۽ جدت پيدا ڪئي آهي.
شاهـ صاحب جي ڪلام ۾ ڪمال درجي جي موزونيت آهي. شاهـ جا شارح ۽ محقق چون ٿا ته جنهن شعر ۾ وزن جو سقم آهي، سو ڀل رسالي ۾ داخل هجي، پر شاهـ جو ٿو نٿو سگهي، ڇو ته شاهـ صاحب جي ڪلام جي مقبوليت جو وڏو ڪارڻ ئي سندس ڪلام جو وزن ۽ قافيي جي درستگيءَ ۾ آهي. يعني شاهـ جي ڪلام جا قافيا ۽ وزن سندس ڪلام جي پرک ۽ پروڙ لاءِ ڪسوٽيءَ جو ڪم ڏين ٿا.
سنڌ ۾ شروع کان ئي شاعرن جي کوٽ نه رهي آهي. ايران ۽ عرب جي سر زمين وانگر سنڌ جي سر زمين به شاعريءَ جي واڌ ويجهه لاءِ نهايت موزون آهي. سنڌ ڪيترائي عظيم شاعر پيدا ڪيا آهن، پر شاهـ صاحب شاعرن جو شاهـ آهي. سندس هر بيت بلڪه هر سٽ مان سندس عڪس رونما پيو ٿئي. ضرورت فقط صحيح علم ۽ ادراڪ جي آهي. نقاد ۽ پارکوءَ وٽ جيڪڏهن پيمانا ۽ توراڙا درست آهن ته اهو شاهـ جي ڪلام جي بخوبي ڪري سگهندو.


Back to Index


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more