سوال: اوهين ٻين ٻولين جي عالمن کي ڪيئن تسليم ڪرائيندا
ته شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رح واقعي هڪ عظيم شاعر آهي؟
يا
شاهـ عبداللطيف ڀٽائي رحه لاءِ هڪ رايو آهي ته ”هو هڪ عظيم
شاعر آهي، ۽ سندس ڪلام خواه فن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن جو سماجي شعور، مشاهدو،
تجربا، رايا ۽ سماج جي رهڻي ڪرڻيءَ مان اخذ ڪيل نتيجا نهايت تعميري ۽ زندگي بخش
آهن“ ــ دليلن سان ثابت ڪريو ته اهو رايو
درست آهي.
جواب:
هونئن ته شاعر پنهنجي سماج جو ئي فرد هوندو آهي. هو اسان منجهان ته
هوندو آهي، پر ڪيترين ڳالهين ۾ هو اسان کان مختلف به هوندو آهي. هن جي زبان اسان
جي ٻوليءَ کان ڪجهه ٻئي نموني جي ٿئي ٿي، جيڪا اسين سمجهي ته سگهون ٿا، پر ان ٻوليءَ
۾ ڪجهه چئي نٿا سگهون. هزار ڪوششن جي باوجود اسين سندس ڪم آندل لفظن کي پنهنجي ڪلام
۾، اها عظمت ۽ زيب زينت بخشي نٿا سگهون. اها ٻولي اسان جي احساسات جي پيمانن کي ڇلڪائي
سگهي ٿي، ان جي هڪ هلڪڙي ضرب اسان جي جذبات جي آبگينن کي پاش پاش ڪري سگهي ٿي ۽
اسان جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري، خيالن ۾ طوفان برپا ڪري سگهي ٿي، پر انهيءَ ٻوليءَ
تي اسان جي زبان نٿي وري، اها ٻولي اسان جي دسترس ۾ نه آهي. اها ٻولي ڳالهائيندي
اسين ٻاتا ٿي ٿا پئون، ۽ ايئن اسين مجبور ٿي، اهڙي شاعر جي عظمت جا قائل ٿي پئون ٿا،
۽ ان جي بلند و بالا قامت اڳيان اسان کي پنهنجو قد ڪوتاهه نطر اچي ٿو. اسين سندس
لات کي ڏات ٿا سمجهون ۽ پاڻ کي ان نعمت عظميٰ کان وانجهيل ٿا ڀانيون. هن جو ڳاٽ
سدائين اوچو هوندو آهي ۽ اسين سندس گرد ڦيرڙا پائي، کُڙيون کڻي، هن جي مُنهن ۾
نهاريندا رهون ٿا. هن جا لفظ اسان لاءِ هدايت جو پيغام ۽ هن جو پيغام، اسان لاءِ
الهام جو درجو رکي ٿو.
شاهـ صاحب به اهڙن عظيم شاعرن ۾ صف اول جو شاعر آهي. دنيا عظيم شاعرن
سان ڀري پيئي آهي ۽ هر ٻوليءَ کي قدرت عظيم شاعرن سان نوازيو آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين
جي اها خوش بختي آهي، جو لطيف کي غير متعصب ڌارا نقاد به عظيم شاعرن ۾ سرِ فهرست
سمجهن ٿا.
اسان جا سنڌي عالم جيڪڏهن چون ته شاهـ عبداللطيف رحه دنيا جي شاعرن
جو سرتاج آهي ته اها ڳالهه ايتري وزنائتي نه ٿيندي، ڇو ته لطيف سان اسان جو عشق
جُنون جون حدون لتاڙي چڪو آهي، يا ائين چئون ته لطيف سا اسان جو والهانه عشق شير
مادر وانگر اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسين لطيف سائين جي غير
جانبدارانه تنقيد جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. موجوده دؤر کي سائنسي درجو ڏنو وڃي ٿو،
انهيءَ ڪري لازمي آهي ته اسين لطيف سائينءَ جي ڪلام کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکيون،
جنهن جو معيار بين القوامي ۽ سائنٽيفڪ هجي. دراصل ڏٺو وڃي ته اڄوڪي دؤر ۾ فقط اهو
فڪر ۽ فن پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿو، جنهن کي عالمگير ۽ بين الاقوامي حيثيت
حاصل آهي. انهيءَ ڪري هر حالت ۾ اسان کي پنهنجو زاويئه نگاهه عصرِ جديد جي ترقي
يافته نظرين جي روشنيءَ ۾ ئي پرکڻو پوندو.
علامه آءِ. آءِ قاضي مرحوم جو چوڻ آهي ته:
”قوم پرستيءَ جي غلط معيار قائم ٿي وڃڻ ڪري، هر قوم ۽ هر ملڪ پنهنجي
فن ۽ فڪر کي مڙني کان مٿانهون ڪري مڃائڻ لاءِ ڪوشان آهي، حالانڪه صحيح ذوق حسن جي
تقاضا اها آهي ته حسن ۽ خوبيءَ کي بهرحال ساراهيو وڃي، پوءِ چاهي اها ڪٿي به هجي، ڪنهن
وٽ به هجي“.
فن تنقيد جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن به شاعر جي ڪلام کي پرکڻ لاءِ بين
القواميءَ طور تسليم ڪيل تراوڙن ۽ پيمانن کي اختيار ڪيو وڃي. اُهي تراوڙا ۽ پيمانا
آهن دنيا جي ترقيءَ يافته قومن جا تجويز ۽ تسلم ڪيل غير جانبدارانه معيار، جن تي
شاهـ صاحب جي ڪلام کي جاچڻ جي ضرورت آهي.
”ڪارلائل“ کي دنيا ۾ هڪ مسلمه نقاد جي حيثيت حاصل آهي، ڪارلائل جا
شعر بابت مقرر ڪيل ماڻ اڄ تائين ڪنهن به رد نه ڪيا آهن. شعر بابت ڪارلائل جو چوڻ
آهي، ته صحيح معنيٰ ۾ شعر فقط اهو ڪلام سڏائي سگهي ٿو، جنهن ۾ غنائيت، موسيقيت ۽
ترنم هجي. يعني شعر ان کي چئبو، جو ڳائي سگهجي. ان ۾ جيڪڏهن ڪا ٿوري گهڻي تبديلي ڪجي
ته موسيقيت ترنم وڃائي ويهي. مطلب ته ان ۾
ڪنهن تحريف يا تبديليءَ جي ڪا گنجائش نه هجي.
علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم جو چوڻ آهي ته
”شعر لاءِ هڪ عالمگير اصول آهي ته ان ۾ ڪنهن به خيال جي اظهار لاءِ،
زياده کان زياده وسعت اختيار ڪيل هجي. شاهـ صاحب جي ڪلام جي عظمت جي هڪ ثابتي هيءَ
آهي ته ڪارلائل جي مقرر ڪيل معيار تي، دنيا جا وڏا وڏا شاعر به پورا نٿا پون،
مثلاً شيڪسپيئر، ملٽن، گوئٽي توڙي ڊانٽي جهڙا شهرت يافته شاعر به انهيءَ معيار
مطابق شعر چئي نه سگهيا آهن. انهن جي مقابلي ۾ شاهـ جي سڄي رسالي جي سٽاءَ ملڪي
موسيقيءَ موجب آهي ۽ سندس سمورو ڪلام نه رڳو ڳائڻ جي قابل آهي، پر صدين کان ڳايو
پيو وڃي“.
ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن ڪوشش ڪئي آهي ته شاهـ صاحب جي ڪلام ۾ ڪم آيل
لفظن ۾ ٿوري گهڻي ڦير گهير ڪري ڏسجي، پر اها تحريف يا تبديلي ڪنهن به بيت يا
وائيءَ کي وڌيڪ مؤثر ۽ فصيح بڻائي نه سگهي آهي.
ڪنهن به شاعر جي عظمت جو اعتراف تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ڏسجي ته ان
انسان ذات کي پنهنجي ڏات سان ڪيئن ۽ ڪيترو نوازيو آهي. شاهـ صاحب لاءِ اسين صرف
ايترو چئي سگهون ٿا ته سندس ڪلام تقريباً ٽن صدين کان سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر پڙهيو
۽ ڳايو وڃي ٿو. مگر جيئن پوءِ تيئن سندس ڪلام جي چاهيندڙن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي.
۽ جهڙي طرح قرآن مجيد جون معنائون وت گذرڻ سان وڌيڪ واضح ٿينديون وينديون!ـ تهڙيءَ
طرح شاهـ صاحب جي رسالي جي معنيٰ جا راز به جيئن پوءِ تيئن آشڪار ٿيندا پيا وڃن.
شاهـ صاحب جي ڏات نه رڳو سنڌ واسين کي نوازيو آهي، پر سندس ڪلام جا ٻين ٻولين ۾ به
ترجما ٿيا آهن. خصوصاً انگريزي زبان ۾ شاهـ جي ڪلام تي ڪافي جڪم ٿيو آهي. جهڙيءَ
طرح فطرت جا گونا گون رنگ آهن، تهڙيءَ طرح شاهـ صاحب جي ڪلام ۾ به اڪيچار رنگ آهن،
۽ اهي اهڙا رنگ آهن، جي ٻئي ڪنهن شاعر جي ڪلام کي نصيب نه ٿيا آهن.
شاهـ صاحب جي ڪلام جي عظمت جو اقرار نه رڳو پڙهندڙ ٿا ڪن، پر خود
شاهـ صاحب پاڻ به چوي ٿو ته:
”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“
Comments
Post a Comment