Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

اسم سنڌي گرامر


اسم

ڪنھن ماڻھوءَ يا ٻئي ڪنھن ساھ واري، جاءِ، شيءِ، ڪم، خاصيت يا حالت جي نالي کي اسم چئبو آھي.

اسم خاص
اھو لفظ جيڪو ڪنھن ماڻھوءَ يا ٻئي جاندار يا بي جان شيءِ يا مڪان جو خاص نالو ھجي، ان کي اسم خاص چئبو آھي.
مثال:
1)   اسان جي ملڪ جو نالو پاڪستان آھي.
2)   سنڌ جو وڏو شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي آھي.
3)   ھندستان ۾ تاج محل آھي.
مٿيان ليڪ ڏنل اسم خاص آھن.

اسم عام
ڪنھن ساھواري، جاءِ يا شيءِ جي عام نالي کي اسم عام چئجي ٿو.
مثال:
1)   اٺ اچي ٿو.
2)   گھوڙو گاھ کائي ٿو.
3)   ڇوڪري ماني پچائي ٿي.
مٿيان ليڪ ڏنل اسم عام آھن.




Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more