انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 4
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 4
تاريخ جي انھن
عظيم سچاين ۽ حقيقتن کان علاوھ اڄ جيڪڏھن ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ھن دُنيا تي ئي
ھڪ نظر ڪجي ته معلوم ٿي ويندو ته اڄوڪي دنيا ھڪ جھنگ جو منظر پيش ڪري رھي آھي. ماده
پرست بي خدا تھذيبن ۽ مذھبي رجعت پرست مُلن، پنڊتن ۽ پروھتن اڄ جي انسان ۽ انسانيت
کي رڻ واھي ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ عجيب سمان آھي جتي ڪنھن کي به ڪنھن تي اعتماد ناھي
رھيو. ڪير به ڪنھن مان مطمئن ڪونھي. رشتا ناتا اعتبار وڃائي ويٺا آھن. زندگيون
ويساھ وڃائي ويٺيون آھن. ماڻھن مان ماڻھپي وارا اعليٰ اخلاقي قدر خبر ناھي الائي ته
ڪاڏي پَر ڪري اڏامي ويا آھن جو انھن جو ادب، اخلاص، اخلاق ۽ رواداريءَ جا ھٽ ئي
بند ڪري ڇڏيا آھن ھر طرف بدي ۽ برائيءَ جي بازار گرم آھي. ڪير به ڪنھنجو ڪونھي
رھيو. مفاد پرستيون ۽ خود غرضيون انسان کي گھيري ويون آھن. ماده پرست بي خدا
تھذيبن ۽ نام نھاد مذھبي رجعت پرست ملڙن ۽ مذھبي پنڊتن جي پوئيواري ڪندي اڄوڪو
انسان اوجھڙن ۽ اونداھين ۾ اولبو ۽ اٽڪندو الاءِ ته ڪھڙن گھيڙن ۾ گھوماٽجي، ھڙئي
ھڙون ھاري، غلفت ۽ آوارگين ۾ اوجھري واٽون وڃائي ويٺو آھي. سندس نيڻن ۾ نھوستن جي
ننڊ لھي آئي آھي ۽ ناڀون کوڙي ويھي رھي آھي جنھن ڪري سندس ترقي ۽ روشني جو قافلو
رڻن ۽ رڃن ۾ رُلي ويو آھي. مذھبي پروھتن ۽ پنڊتن انساني زندگيءَ کي بي جان ۽ بي
روح رتين، رسمن ۽ نام نھاد شريعتن جي چڪرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي جن وٽ زندگيءَ ج وڪوبه
اھڙو جامع ۽ مربوط فلسفو ناھي جيڪو ستل روحن کي جاڳائي سگھي. جڏھن جو فلسفهءِ
مادتي ان لحاظ کان اڻپورو آھي جو ان فلسفي موجب انسان حيوانن جي ئي ھڪڙي وڌيل
ويجھيل شاخ آھي. ھن جي زندگي بس طبعي زندگي آھي. ھُو طبعي قانون جي ماتحت زندھ رھي
ٿو ۽ انھيءَ ئي قانون ھيٺ ھڪ ڏينھن سندس جسم جي مشينري بند ٿي وڃي ٿي. ان کي موت
چوندا آھن ۽ موت سان ان فرد جو وجود ھميشه لاءِ ختم ۽ ڀسم ٿي وڃي ٿو ظاھر آھي ته زندگيءَ
جي ھن تصور يا فلسفي موجب انسان جون سڀئي خواھشون حيواني سطح زندگيءَ جون خواھشون آھن
۽ ان اعتبار سان عالمگير مستقل انساني قدرن جو ڪوبه وجود ڪونھي. ھر سماج جا پنھنجا
پنھنجا قائدا قانون آھن پر مستقل عالمگير انساني قدر ڪونه آھن. جنھن ڪري تصادم
لازمي ٿي پوي ٿو ڇاڪاڻ ته ھن قسم جي تصور حيات جو رُو سان سماج وٽ ڪنھن به قسم جا
مستقل انساني (اخلاقي) قدر يا اصول نه ھوند آھن. سماج جھڙي قسم جا به قانون ۽
ضابطا مناسب سمجھندي آھي، ٺاھيندي آھي ۽ انھن ۾ تغير ۽ تبديلي به ڪري سگھندي آھي.
اھڙن سماجي قانونن جي اتباع جو سبب صرف اھو ھوندو آھي ته انھن جي خلاف ورزين سان
عدالت کان سزا ملندي ۽ اھو انسان سماج جي نظرن ۾ ڪِري وندو تنھن ڪري جيڪڏھن ڪو فرد
اھڙو انتظام ڪري وٺي جو انھن سماجي قانونن جي خلاف ورزي به ڪري ۽ عدالتن جي گرفت ۾
به نه اچي ته پوءِ اھڙن قانونن جي پابندي ڪرڻ جي به ضرورت نه آھي. اھڙي ماده پرست
۽ بي خدا تھذيب ۾ ڪردار يا اخلاق جي بلندي جو معيار صرف اھو ھوندو آھي ته انسان
ذاتي مفادن کي ملڪي ۽ قومي مفادن تي ترجيح نه ڏي. اھڙي معاشري ۾ قومي غداري قانوني
جرم ۾ معاشري جي نظر ۾ حقارت جھڙي ڳالھ ھوندي آھي پر جيڪڏھن اھڙي ڪنھن معاشري يا
ملڪ ۾ قانوني نظام ڪمزور ٿي وڃي ۽ ذاتي مفادن ۾ حرص و تھذيب جو جذبو ايترو عام ٿي
وڃي ٿو جو سڄو سارو ملڪ ۽ قوم انھيءَ ٻوڏ جي وھڪري ۾ وھي وڃي ته پوءِ نه ڪا اھڙي
طاقت باقي رھي ٿي جيڪا معاشري جي فردن کي انھيءَ ڦرلٽ کان باز رکي سگھي ۽ نه ڪو
اھڙو جذبو باقي بچي ٿو جنھن سان انھن جي اندر ڪردار ۽ اخلاق جي جذبي کي بيدار ڪري
سگھجي.
Comments
Post a Comment