انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 9
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 9
قرآن شريف جو
فرمان آھي ته انسان جو فرض آھي ته ڌرتيءَ مان فساد جي خاتمي لاءِ استحصالي، جابر،
ظالم ۽ طاغوتي قوتن خلاف دل و مان سان جدوجھد ڪري ۽ ان جو نتيجو الله پاڪ تي ڇڏي
ڏي. جدوجھد ڪندي ڪھڙيون به مشڪلاتون اڳيان اچن ته ھمت ھارڻو نه آھي پر پوري دليري،
ايمانداري ۽ خلوص سان انھن کي منھن ڏيڻو آھي. ائين ڪرڻ سان ڪاميابي يقيناً سندس
قدم چمندي. خوابِ خرگوش ۾ ستلن کي قدرت وٽان آزادي، انصاف، امن، سلامتي ۽ ترقيءَ
جون سوغاتون ملڻيون ئي ناھن، قدرت جو ھٿ انھن کي ٿو رسي جيڪي سچي دل ۽ نيت سان سيو
ڪن ٿا. فرمان الاھي ته:
(اسين
ڪنھن قوم جي تقدير نه بدلائيندا آھيون، جيستائين اھا قوم پاڻ پنھنجي تقدير بدلائڻ
لاءِ جدوجھد نٿي ڪري). (القرآن)
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي
ته في الوقت اشتراڪيت (Communism) مادي زندگيءَ جي تنظيم جو ڪمال آھي. سوشلزم
زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جو ھڪ رياضي نظام آھي. انساني زندگيءَ ۾ ھي مزل ضروري آھي.
سوشلزم انساني زندگيءَ جو ترقيءَ جي طرف ھڪ بيحد اھم قدم آھي. پر جيستائين فلفسفهءِ
ماديت جي بجاءِ قرآن شريف جي ارتقا و تسلسل حيات جي عقيدي کي سوشلسٽ معيشيت جي
نظرياتي اساس تسليم نه ڪيو ويندو تيستائين انسانيت انفرادي ۽ اجمائي لحاظ کان
پنھنجي مادي ۽ روحاني ارتقا کي جاري نه رکي سگھندو. قرآن شريف جي ڪيترن ئي سورتن ۾
جا بجا سرمايو ڪٺي ڪرڻ جي لاءِ سخت عذاب جو وعدو ڪيل آھي ۽ مال (دولت) تقسيم ڪرڻ ۽
ماڻھن جي پرگھور لھڻ جي تنبيھ ڪيل آھي. سورة ھمزه، تکاثر، لھب، ماعون، ضحيٰ، اليل،
بلد، فجر ۽ نبيھ سورتون وغيرھ ان جو زنده مثال آھن. قرآن (اسلام) جنھن انٽرنيشنل
انقلاب جي دعوت ڏئي ٿو. اھڙي قسم جي انقلابي اجتماعيت سوشلزم کانسواءِ منظم ٿي نٿي
سگھي. قرآن شريف جي فڪر موجب انسانن جو فردن، جماعتن ۽ قومن ۾ ورھائجڻ انساني وحدت
جي خلاف نه آھي. قرآن ان فطري ورھاست کي مٽائڻ واري عمل کي غير فطري عمل قرار ڏئي
ٿو ڇاڪاڻ ته فد ھڪ مستقل ايڪو آھي، جماعت به ھڪ ايڪو آھي جيڪا فردن تي مشتمل آھي،
ساڳيءَ ريت ھڪ قوم پنھنجي جاءِ تي ھڪ مستقل وجود رکي ٿي. جيڪي رجعت پرست ۽ عقل و فڪر
جا دشمن چون ٿا ته قرآن قومن جي علحيده وجود کي تسليم نٿو ڪري، اھي جھالت ۽
اونداھين جي دلدل ۾ ڦاٿل آھن. ڇاڪاڻ ته (قوم) خود عربي ۽ قرآن جو لفظ آھي ۽ پيغمبر
اسلام کان علاوه اڳين پيغمبرن پڻ قرآن شريف ۾ پنھنجي قومن کي (قوم) (اي منھنجي
قوم) جي لفظن سان سڏيو آھي. حضرت نوح عليه السلام جي قوم متعلق فرمان آھي ته:
لَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ فَقَالَ يَا
قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ
(23/ 23، 7 / 59)
يعني: اسان نوح
عليه السلام کي ان قوم جي طرف موڪليو، ان چيو ته اي منھنجي قوم، صرف الله جي
(قانون جي) اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪيو توھان لاءِ ان کانسواءِ ڪوبه اِلاھي ڪونھي).
اھڙيءَ طرح حضرت
ھود عليه السلام (7 /63، 11 /50)، حضرت صالح عليه السلام (7 /73، 11 /84)، حضرت
شعيب عليه السلام (7 /85، 11 /84) مٿين نمبرن ڏنل سورتن ۽ آيتن ۾ پنھنجي قوم کي (اي
منھنجي قوم) جي لفظن سان سڏين ٿا قرآن شريف ٻڌائي ٿو ته اسرائيلين جو قائد حضرت
موسيٰ عليه السلام پڻ اھو اڳواڻ ھو جنھن قومي زندگيءَ جي وجود لاءِ گھربل ضروري
عنصر مھيا ڪيا.
ان کان علاوه
پيغمبر اسلام حضور ؐ جن پاڻ قرآن ۾ ھينئن چون ٿا ته:
يَا
لَيْتَ قَوْمِي يَعْلَمُونَ
يعني:
(اي ڪاش! منھنجي قوم (منھنجي ھدايت) ٻڌي ھا!) (القرآن).
قرآن شريف ڪٽنب،
قبيلن ۽ قومن کي فردن جي شناخت قرار ڏي ٿو. فرمان آھي ته (اسين توھان کي ڪٽنب،
قبيلن ۽ قومن ۾ تقسيم ڪيو ته جيئن اوھان ھڪٻئي کي سڃاڻي سگھو.)
Comments
Post a Comment