انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 10
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 10
تنھنڪري قومن جي
وجود کي تسليم نه ڪرڻ ڪفر آھي، سڀئي قومون پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ھڪ مستقل وجود
رکن ٿيون ۽ انسانيت سڀني قومن کي پنھنجي گھيري ۾ آڻيو بيٺي آھي. قرآني (اسلامي)
فلسفي موجب سٺو فرد اھو آھي جيڪا قومن سان تضاد نه پر لاڳاپو رکندي ھجي ۽ سٺي قوم
اھا آھي جيڪا سموري انساني برادري لاءِ نيڪ جز جو درجو رکندي ھجي.
قرآن شريف جي
زندگيءَ جي مستقل ۽ مسلسل ھجڻ يعني تسلسلِ حيات جي ھن نظرئي، عقيدي ۽ ايمان کي
سوشلسٽ معيشت جي بنيادي اساس جي حيثيت ڏيئي سوشلسٽ (لاطبقاتي توحيدي) انقلابي فڪر
۽ فلسفي موجب پاڪيزھ اجتمائي نظام زندگي (صلواه) مشڪل ڪرڻ سان ھڪڙو انقلابي، تعميري، مثبت ۽
ترقي پسند عالمگير انسان دوست نظام قائم ٿي ويندو. ھڪڙو ڀلو ۽ سگھارو سھارو جڙي
ويندو. اھڙو ڀلو، سرھو، سچو، انصاف، سک ۽ سلامتيءَ تي اڏيل ماحول ۽ قوم و انسان
دوست معاشرو جڙي ويندو جنھن ۾ ڪوبه انسان ڪنھن ٻئي انسان جو محتاج ۽ ڳيجھو نه ھوندو
۽ نه ڪو وري ڪنھنجو گولو ۽ غلام ھوندو ۽ نه ڪنھنجو ڪمي ۽ ڪاسبي ھوندو پر ھر فرد آزاد،
خودمختيار، ذميوار، فرض شناس ۾ حق گُو ھوندو. ڪير به ڪنھنجو محڪوم ۽ مجبور نه ھوندو
پر ھرڪو ھڪٻئي تي ساھ ڏيندڙ، ھڪٻئي سان ڀائراڻو ۽ قربائتو ورتاء ۽ سلوڪ ڪندڙ ھوندو
جو نفرتون، ڪلفتون، عداوتون، وير، عناد، ساڙ ۽ ڪينو پر ڪري اڏامي ويندا ۽ محبتون،
پيار، عزتون، سَد، سلامتيون ٻاجھ جا ٻيڙا ڀري اچي انسان ۽ انسان جي عظيم مقصد انسانيت
جي معراج جا ڪردار جوڙينديون. قرآن مقدس (اسلام) جي ھن ايمان پرور عقيدي کي سوشلسٽ
معيشيت جي نظرياتي اساس تسليم ڪرڻ سان ئي بيماريون، بدڪاريون، تباھيون، برباديون،
ناڪاميون ۽ تخريبڪاريون ڪتابن ۾ قصا ۽ ڪھاڻيون بڻجي وينديون ۽ سڄو سنسار، اڇو،
اجرو، صاف شفاف ھر قسم جي استحصال ۽ ڦرلٽ کان پاڪ ۽ چانڊاڻ جيان چمڪي پوندو ۽ صدين
کان ستايل انسانذات ھن ڌرتيءَ تي پنھنجي وڃايل جنت ٻيھر حاصل ڪري وٺندي.
Comments
Post a Comment