انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 8
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 8
ذھن ۾ جيستائين
ڪائنات جو ڪوبه جامع يا ضابطي ۽ رابطي وارو تصور نه ھجي، ڪوبه صحيح انساني نظام
نٿو بڻجي سگھي. ماديت حقيقت جو صرف ھڪ رخ آھي. بلاشڪ سائنس مادي دنيا ۾ جيڪي به انڪشاف
ڪيا آھن، اھي سڀ صحيح آھن، پر زندگي صرف مادي تائين ختم نٿي ٿئي. ماديت بيشڪ حقيقت
جي ھڪڙي پھلوءَ جو صحيح ترجمان آھي پر حقيقت جو ھڪڙو ٻيو رخ به آھي جيڪو مادي کان
ماوريٰ ۽ بالاتر آھي جنھن کي آخرت (مستقبل) چيو ويو آھي. زندگيءَ جي صرف ھڪڙي پھلوءَ
جي رونمائي ڪري ٿو پر زندگيءَ جو صحيح ۽ مڪمل تصور رَبَّنَا آتِنَا فِي
الدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِي الآخِرَةِ حَسَنَةً آھي ۽ اھو ئي تصور آھي جيڪو زندگيءَ جي سموري
مادي ۽ مادي کان مٿي ڪائنات تي حامي ٿي سگھي ٿو.
لآ اِلٰہَ اِلَّا
اللہُ سموري قرآني تعليمات جو بنياد آھي.
لآ اِلٰہَ اِلَّا
اللہُ جي معنيٰ ھي آھي ته وجود ھڪ ئي آھي. ڪائنات انھيءَ ھڪ وجود کان صادر ٿي آھي
مادو ۽ روح ٻه الڳ حقيقتون ناھن. ڪثافت جڏھن لطافت ۾ تبديل ٿئي ٿي ته اھا روح آھي.
اصل ۾ اھي حقيقت جون ٻه منزلون آھن. اھلِ مغرب وارن جي نزديڪ ڪائنات ھڪ مادي مان
نڪتل يا صادر ٿيل آھي. سندن اھا ڳالھ صحيح آھي پر مادو جيڪو وحدت الجموع آھي، سا آخري
حقيقت ھرگز به نه آھي. مادو ڪنھن ٻئي برتر ۽ اعليٰ وجود جو پرتو آھي ۽ ان جو وجود
جو مرڪز ھڪ ٻي ذات آھي جيڪا خود زندگي آھي ۽ زندگيءَ جو سھارو پڻ آھي. اھا ذات
الْحَیُّ الْقَیُّومُ آھي ۽ اھو آھي قرآن شريف (اسلام) جو نظام زندگي جو فلسفو.
يعني وجود لامتنامي ۽ نه مٽجندڙ آھي ۽ انھيءَ وجود جو ڪوبه ذرو فنا نٿو ٿئي. ٻين
لفظن ۾ زندگيءَ جو ھر لمحو ڦير گھير ۾ آھي ليڪن انھيءَ جو سلسلو اڻ ٽٽ آھي. قرآني
(اسلامي) تصور حيات مطابق انسان صرف طبعي جسم يا گوشت ۽ ھڏن جي ڍانچي جو نالو
ناھي، جسم کان علاوھ ھڪ ٻي شيءِ به آھي جيڪا ڳالھائي ٿي، سوچي ٿي ۽ عضون کان ڪم
وٺي ٿي. جنھن کي انساني ذات (Personality) نفس (Self) ،
انا، خودي يا روح چوندا آھن. قرآن شريف ان کي روحِ خداوندي سان تعبير ڏنو آھي.
فرمان الاھي ته:
وَنَفَخَ فِيهِ مِن رُّوحِهِ ۖ (38/72)
معنيٰ (جڏھن انسان
۾ (قوت، توانائي، شعور، خودي) جو رُوح ڦوڪيان). ھڪ ٻي ھنڌ قرآن شريف انساني خودي
يا ذات کي (امير ربي) قرار ڏنو آھي.
الرُّوحُ مِنْ أَمْرِ رَبِّي (القرآن).
يعني (روح (خودي)
خدا جي امر منجھان آھن).
اسلامي تصورِ حيات
موجب انساني حياتيءَ جا ترڪيبي جزا ٻه آھن، جسم طبعي قانونِ ارتقا جي پيداوار آھي
۽ روح (ذات، خودي) امرِ ربي آھي. جسم جي پيدائش مٽيءَ جي جوھر مان ٿي آھي ۽ روح
خدائي صفات جو ڪرشمو آھي ۽ انھن ٻنھي جي موزون ميلاپ سان انساني زندگي شروع ٿئي
ٿي. قرآن شريف جنھن ڳالھ تي زور ڏئي ٿو، اھو آھي اخلاقن جي ارتقا، انسان جي ارتقا
۽ ڪائنات جي ارتقا، اسلامي فلسفهءِ حيات موجب انسان ھن دنيا ۾ ڪرم جو ٻج پوکڻ آيو آھي.
فرمانِ پيغمبري آھي ته:
"الدنيا
مزرعة الآخرة"
يعني (دنيا (مال) آخدته
(مستقبل) جي کيتي آھي).
قرآن شريف پنھنجي
مڃيندڙن کي لاطبقاتي پورھيت انسان دوست توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ استحصالي ۽
جابر قوتن جي خلاف ھڪ اعليٰ ۽ بلند نصب العين (الله) خاطر جدوجھد ڪرڻ جو درس ڏئي
ٿو.
Comments
Post a Comment