دوست ڏانھن خط بيمار جي عيادت لاءِ


ناظم آباد ڪراچي
22 جنوري 2019ع
پيارا دوست يوسف
اسلام عليڪم:

الله تعاليٰ اوھان کي جلدي صحت عطا فرمائي. اوھان جي ديدار جي سڪ آھي. ادا سائين! ڇا لکان، جيئن اوھان جي ناچاقيءَ جو ٻڌم. ڏاڍي پريشاني ٿي. اکين ۾ پاڻي اچي ويو، پر پوءِ پاڻ  سنڀالي الله تعالي جي درٻار ۾ اوھان جي صحت لاءِ دُعا گھريم.

پيارا! پريشان نه ٿجو، انساني زندگي ۾ اھڙا لاھا چاڙھا، بيماريون سيماريون اينديون رھنديون آھن. انشاء الله تعاليٰ اوھان کي جلدي الله تعاليٰ شفا به عطا ڪندو. اوھان جي غير موجودگي جي ڪري ڪلاس ۾ جيڪا، اداسي ڇانيل آھي، ان ۾ وري رونق اچي ويندي ڪلاس جا سڀ ساٿي اوھان کي ڏسڻ لاءِ بي تاب آھن.

مايوس ھرگز نه ٿجو، انشاء الله جلدي صحت ماڻيندو، وري سڀ ڪلاسي گڏجي زندگي گذارينداسين.

ٿورڙو عرض آھي، اُميد ته مايوس نه ڪندا. صحت حاصل ٿيڻ بعد فوراً اچي ھتي غريب خانه تي گذاريندا. سٺو ماحول آھي. اوھان جي ڪمزوري دور ٿي ويندي. اُميد ته عرض قبول پوندو.

اوھان جو دوست
عمر




Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت