دوست ڏانھن خط، ڪراچي گھمائڻ لاءِ کيس دعوت ڏيڻ
گلشن اقبال ڪراچي
30
جون 2019ع
پيارا دوست سليم خان
اسلام عليڪم:
اوھان جو خط مليو، پڙھي ڏاڍي خوشي ٿي.
اميد ته آئندي به اھڙي نوازش کان نه وساريندا. جيئن ته اوھان جي وئڪيشن شروع ٿي
چڪي آھي. اوھان وٽ سکر ۾ بلا جي گرمي ھوندي. ھتي ڪراچيءَ ۾ موسم وڻندڙ آھي. جي
اوھان ڪراچي ايندا ته مون کي خوشي ٿيندي.
سمجھان ٿو ته ڪراچي کي ڏٺي اوھان کي ڪافي عرصو ٿي چڪو آھي.
ھاڻي ڪراچي ۾ تمام گھڻي تبديلي ٿي چڪي آھي. ڪراچي ۾ بيشمار گھمڻ جھڙيون جايون ٺاھيون ويون آھن. جيڪي ڏسي اوھان کي حيرت وٺي ويندي ۽ گھڻو مزو ايندو، ڏٺي به ڏينھن ٿي ويا آھن. جنھن ڪري موڪل ۾ ھتي اچي اسان سان گڏ گذاريندا. اُميد ته اوھان منھنجي دعوت قبول ڪندا سڀني دوستن کي سلام چوندا.

اوھان جو
پيارو دوست
بلاول
Back to Index
Comments
Post a Comment