جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 3
Page # 3
17
فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي جنگ لڳي ته مير صوبدار خان، حيدرآباد جي قلعي ۾ رھيل
ھو. جڏھن کيس انگريزن جي فتح ۽ ميرن جي ھارائڻ جي خبر پئي ته ھن منشي آڏت راءِ کي
مٺائي ۽ قيمتي سوکڙيون ڏئي چارلس نيپئر ڏانھن موڪليو، جيڪو انگريز فوجن جو سالار
ھو. چارلس نيپئر کيس پيغام موڪليو ته ھو حيدرآباد جي ميرن کي شرطن کانسواءِ، پيش
پوڻ لاءِ تيار ڪري. ساڻن سندن مرتبي مطابق سلوڪ ڪيو ويندو. ھوڏانھن، ھوشو پنھنجي
ملڪ جي اھڙن منصوبن جو مخالف رھيو.
ھوشوءَ، مير
صوبدار کي چيو، (پنھنجن کي مارائي سرداري بچائڻ، ديس سان دشمني آھي. عوام جو ساٿ
ڏي ۽ سورمن وانگر وڙھ.) انھن ڳالھائين تي مير صوبدار تپي باھ ٿي ويو ۽ ھوشوءَ کي
سزا جا دڙڪا ڏئي چيائين ته منھنجي اکين کان ٽري وڃ. انگريز ھڪ ھڪ ڪري، سنڌ جي
سردارن کي پڪڙي، سندن ملڪيتن تي قبضا ڪري رھيا ھئا. مياڻي واري جنگ جي چئن ڏينھن
کان پوءِ، 21 فيبروري 1843ع تي انگريز سپاھي، حيدرآباد جي قلعي ۾ گھڙي آيا ۽ ميرن
جي خزاني تي قبضو ڪيائون. فقط پنجن ڏينھن کان پوءِ مير محمود خان ۽ مير صوبدار خان
کي زبردستيءَ قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو ويو.
اھي حالتون ڏسي،
ھوشوءَ جي دل ۾ انگريزن لاءِ نفرت ويتر وڌي وئي، شڪست اچڻي وڃڻي ڳالھ آھي، ڪابه شڪست
دائمي نه ھوندي آھي.) اھو سوچي ھن تلوار کنئي. ڪجھ بھادر ۽ وفادار سپاھي گڏ ڪيائين
۽ ان اميد تي، حيدرآباد ڇڏي مير شير محمد ڏانھن ميرپور خاص روانو ٿي ويو ته ايندڙ
جنگ ۾ انگريزن کي شڪست ٿيندي ۽ سنڌ، ڌارين جي قبضي مان آزاد ٿي ويندي.
مير شير محمد
اڳئي، انگريزن سان مقابلي جو فيصلو ڪري چڪو ھو. کيس ھوشوءَ جھڙن دلير ۽ وفاداري
ساٿين جي ضرورت ھئي. ھوشوءَ ۽ سندن ساٿين جي پھچڻ سان ھن جي قوت ۽ ھمت اڃا وڌي
وئي. مير شير محمد، ڏھين مارچ 1883ع، پنھنجي فوج وٺي حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو.
23
مارچ 1843ع، اھو تاريخي ڏينھن آھي جڏھن سنڌ جي جوڌن، ديس جي آزاديءَ کي بچائڻ لاءِ
انگريزن جي ھٿيار بند فوج سان آخري دوبدو جنگ ڪئي. سندن ذھنن ۾ فقط ھڪ ئي سوچ ھئي،
(آزادي يا موت). 23 مارچ 1843ع تي چارلس نيپئر به پنھنجي فوج وٺي ڦليلي واھ ٽپي آيو
ھو. پھرين ھلڪين چڪرين کان پوءِ سنڌ جي وطن پرست فوج ۽ انگريزن جي غاصب فوج جي وچ
۾ زبردست جنگ ٿي. سنڌي سپاھين وٽ جديد جنگي ھٿيار ڪونه ھئا. دشمن فوج وٽ گھوڙا ۽
جديد ھٿيار ھئا. سنڌي جوانن کي موت جي پرواھ ڪانه ھئي. ھو وڙھندا رھيا، ڪرندا
رھيا، انگريز فوج خطرناڪ ھٿيارن جي زور تي سنڌي فوج کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. سنڌي فوج ڪجھ
دير ھڪ سڪل واھ وٽ پنھنجو دفاع ڪيو. ان مھل ڪجھ وڌيڪ جوان اچي ساڻن مليا ۽ وري
دشمن سان سخت مقابلو شروع ٿي ويو.
ھوش محمد، جيڪو
جنگ جي فن جو ماھر ھو، تنھن مير شير محمد کي صلاح ڏني ته فوج کي پوئتي ھٽائي،
سپاھين کي ھڪ ڏينھن جو آرام ڏجي ۽ نئين سر مورچه بندي ڪجي، ته جيئن ٻئي ڏينھن وڌيڪ
توانائيءَ سان وڙھي سگھجي. کين اھو موقعو نه ملي سگھيو ۽ سنڌي جوڌا وڙھندا رھيا.
ھوشو، سنڌ وطن جي آزاديءَ کي بچائڻ واري جذبي ۾ ايترو ته سرشار ھو، جو ھو دشمن کي للڪاريندو رھيو. ھوشوءَ
سنڌي سپاھين کي سورھيه ٿي سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندو رھيو. ھو گجندو رھيو ته دشمن
کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي حملا ڪريو. انھيءَ جنگ ۾ ھوشوءَ اھو تاريخي نعرو ھنيو، جنھن
کيس انگريزن خلاف جنگ آزاديءَ جو امر ھيرو بڻائي ڇڏيو. سندس نعرو ھو، (مر ويسون مر
ويسون، سنڌ نه ڏيسون.)
Comments
Post a Comment