Goat Milk Benefits



ٻڪري جي کير بابت مشھور حڪيم ممتاز ملاح چوي ٿو


ٻڪري جو کير گرم تر ۽ ھلڪو آھي آساني سان ھضم ٿي ويندو آھي ٻڪر جي کير جي بو ختم ڪرڻ لاء پاء  کير۾ 2 عدد ننڍا فوٽا ۽ حسب ضرورت مصري  وجھي ٿورو ڪاڙھي رکجي ته خوش ذائقه ٿيندو

 

ٻڪري جو کير پيئڻ سان جسم جي اندروني زخمن لاء تمام مفيد آھي جنھن ۾ 

وات جو پچي پوڻ 

وات جا زخم ،  

ڦڦڙن جا زخم ، 

نڙي گلي جا زخم ، 

مثاني جا زخم ، 

آنڊن جا زخم لاء 

صرف اڪيلو ٻڪري جو کير به استعمال ڪري سگھجي ٿو ان سا گڏ ڪابه دوا زخم واري کائڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو

 

گرمي سبب يا گرم شيون کائڻ سبب دست پيٽ جو سور يا پيٽ کان رت اچڻ جو صورت ۾ پاء ٻڪري جي کير ۾ 2 کان 4 چمچا شربت انجبار ملائي پيئڻ گھرجي

 

وات پچي پوڻ جي صورت ٻڪري جي کير ۾ املداس حسب ضرورت مھٽي گرڙيون ڪجن

 

کنگھ گلي جو سور ۽ ڪاڪڙو لھي پوڻ جي صورت شربت توت سياه پلس ملٺي جيڪو بازار ملي ويندو ٻڪري جي کير ۾ 2 چمچا ملائي پيئڻ گھرجي

 

پيشاب جو جلن ساڙو ۽ بند ٿيل پيشاب کي جاري ڪرڻ لاء گلاس ٻڪري جو کير گلاس پاڻي ۽ 4 چمچ شربت بزوري معتدل ملائي پيئڻ سان ان شاءالله تڪليف فوري دور ٿيندي ۽ گرمي لاء به تمام مفيد آھي



Digital Sindh
Smart People



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت