Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

انگريزي اسڪول کولڻ لاءِ درخواست


خدمت ۾ جناب ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن ڪراچي.

جناب اعليٰ:

عرض ته اسين ھيٺ صحيح ڪندڙ ڳوٺ بنجھو جوکيو ضلع ملير جا سائين جن کي باادب عرض ٿا پيش ڪريون ته اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ پرائمري اسڪول آھي. انھي ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ ٻين آس پاس وارن ڳوٺن جا ٻار پڙھن ٿا. پر انگريزي اسڪول ڪونھي، جنھن ڪري اسان جا ٻار سيڪنڊري تعليم کان محروم آھن. سرڪار نامدار سيڪنڊري اسڪول لاءِ ھڪ عاليشان عمارت به ٺھرائي ڏني آھي. جنھن ڪري سائين جن نوازش فرمائي اسان جي مرڪزي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول کي اپ گريڊ ڪري لوئر سيڪنڊري اسڪول ڪيو وڃي ته سائين جن جا نھايت شڪر گذار رھنداسين.

ڳوٺاڻن جون صحيحون
تاريخ: 3 مارچ 2015ع.




Back to Index

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more