صفت سنڌي گرامر
صفت
|
جيڪي لفظ اسم جو گڻ، اوگڻ، انداز، رنگ،
لاڳاپو، قد ۽ مقدار ڏيکارين ٿا، تن کي صفت چئبو آھي.
مثال:
1) کير مٺو آھي
2) ليمون کٽو آھي.
3) انور اسڪول ۾ پھريون نمبر آيو.
مٿيان ليڪ
ڏنل لفظ صفت آھن.
صفت جا ڪي ٻيا لفظ:
ھوشيار،
سھڻو، ڪوجھو، ڪنو، ٿلھو، ڊگھو، تازو، ٺاھوڪو، ٿڌو، ڪوسو، موڳو، گدلو، ڪارو، اڇو،
سچو، ڪچو، چالاڪ، وڏو، ٿورو، گھڻو، سرس، سمورو، متارو، سياڻو، اياڻو، سالم، صاف،
بيڪار، ڳاڙھو، پيلو، سنھو، پھريون، ٻيون، ٽيون وغيرھ.
Comments
Post a Comment