ڪرڪيٽ وانگي هاڪي به هاڻوڪي دور جي هڪ
مقبول راند آهي. جيڪا سڌي ميدان تي کيڏي سگهجي ٿي. راند جو گرائونڊ سو فوٽ ڊگهو ۽ هڪ سو ويهه فوٽ چوڙو هوندو آهي. ميدان جي ٻنهي
پاسي آخرين حصي تي ٻه گول پوسٽ بنايا وڃن ٿا. جنهن جي پٺيان هڪ ڄار لڳل هوندو آهي.
گول پوسٽ جي اڳيان هڪ دائرو هوندو آهي، جنهن کي (ڊي) چئبو آهي.
راند جي شروعات ۾ هي فيصلو ڪيو ويندو ته
ڪهڙي ٽيم ميدان جي هاف (اڌ) جي حصيدار هوندي. جنهن به ٽيم کي نصف ميدان ملندو آهي هن
جي گول پوسٽ تي سندس گول ڪيپر بيهندو آهي. گول ڪيپر کان سواءِ هر هڪ ٽيم جا ڏهه ڏهه
رانديگر ميدان ۾ لهندا آهن. فيصلي لاءِ ٻه ريفري به مقرر ڪيا ويندا آهن. اهي راند
جي دوران متحرڪ رهي ڪري رانديگرن جي غلطين جو جائزو وٺندا آهن ۽ ڪنهن به ٽيم جي ڪنهن
به غلطي جو فيصلو ڪندا آهن.
راند جو مرڪزي پهلو هي هوندو آهي ته هر ٽيم
مخالف ٽيم جي گول پوسٽ تائين پهچي گيند کي گول پوسٽ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
ڪاميابيءَ جي صورت ۾ هوءَ هڪ گول ڪرڻ جي دعويدار بڻجي ويندي آهي. گول هجڻ يا نه هجڻ
جو فيصلو ريفري ڪندو آهي. جيڪا ٽيم گهڻا گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي آهي، اها ڪامياب
قرار ڏني ويندي آهي.
هاڪي راند جي شروعات هن ريت ٿيندي آهي.
ٻنهي ٽيمن جي فارورڊ هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيهي پنهنجي پنهنجي اسٽڪ کي پاڻ ۾ ٽڪرائيندا
آهن هن عمل کي (بلي) چيو ويندو آهي. اها ٽي ڀيرا ڪندا آهن، پوءِ بال جي پٺيان ڀڄ
ڊوڙ شروع ٿي ويندي آهي.
موجوده دور ۾ هاڪي کي دنيا ۾ وڏي
مقبوليت مليل آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به هن کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.
So good
ReplyDeleteThank you
DeleteHaki me ketra randigar hunda ahin
Delete