تندرستي وڏي نعمت آهي


الله تعاليٰ انسان کي جن نعمتن سان نوازيو آهي، انهن مان تندرستي هڪ وڏي نعمت آهي. تندرستي جي معنيٰ آهي جسم جو چڱو ڀلو هئڻ. انسان جو بدن هر قسم جي بيماري کان آجو ۽ آزاد هجي ان کي تندرستي چئبو آهي.

انسان لاءِ تندرستي نهايت ضروري آهي. تندرستي جي ڪري انسان دنيا ۾ سٺي زندگي بسر ڪري سگهي ٿو، آرام سان گهمي ڦري سگهي ٿو ۽ محنت ڪري ڪمائي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن صحت سالم نه آهي ته پوءِ انسان جو هن دنيا ۾ جيئڻ جنجال آهي. هو هر سک ۽ آرام کان محروم رهي ٿو ۽ هميشه کيس ٻين جو محتاج رهڻو پوي ٿو.

جيئن چوندا آهن ته:

جيءُ خوش ته جهان خوش.

تندرستي هڪ بي بها نعمت آهي، ان ڪري پنهنجي صحت جو هر وقت خيال رکڻ گهرجي. تندرستيءَ جو دارومدار هيٺين ڳالهين تي آهي، هوا، پاڻي، کاڌو، آرام، ورزش ۽ صفائي.

ڪوشش ڪري صاف سٿري هوا ۾ رهجي، پاڻي به صاف استعمال ڪجي. کاڌو اهڙو مڪمل هئڻ گهرجي، جنهن ۾ وٽامن جو هئڻ ضروري آهي. آرام ۽ ننڊ انسان جي صحت لاءِ ضروري آهي. ننڊ پوري پني ڪجي نه ٿوري ۽ نه ئي گهڻي ڪجي. صحت برقرار رکڻ لاءِ ورزش به ضروري آهي.

بدني ورزش جا گهڻائي قسم آهن. ڪن ماڻهن جو ڌنڌو ئي ورزش هوندو آهي، جيئن هاري ۽ مزور وغيره. باقي دماغي ڪم ڪندڙن لاءِ ورزش ضروري آهي. اگر انهن کان ٻي ورزش نه ٿي ٿئي ته شام جو چار پنج ڪلوميٽر روزانو تڪڙو تڪڙو هلن. صحت لاءِ صفائي به ضروري آهي. صفائي ڪرڻ سان ڪيترن بيمارين کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

دولت سان راحت ۽ آرام جو سامان ملي سگهي ٿو، پر تندرستيءَ جهڙي نعمت حاصل ڪري نٿي سگهجي. هي اها بي بها نعمت آهي جا ڏوڪڙن سان حاصل ڪري نٿي سگهجي. خوش نصيب آهي اهو انسان جيڪو صحتمند ۽ تندرست آهي.

Comments

Post a Comment

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more