زندگيءَ جو دارومدار ٻوٽن تي ڇو ۽ ڪيئن آھي؟

زندگيءَ جو دارومدار ٻوٽن تي ڇو ۽ ڪيئن آھي؟
زمين تي موجود سڀ ساھ وارا ٻوٽن تي دارو مدار  رکن ٿا ڇو ته روشنائي ترڪيب جو جاندارن جي زندگيءَ ۾  اھم ڪردار آھي ان مان کاڌو ۽ ساھ کڻڻ لاءِ  آڪسيجن حاصل ٿئي ٿي روشنائي ترڪيب جو عمل ئي واحد عمل آھي جنھن جي مدد سان آبهوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ حاصل ڪري زندگيءَ لاءِ اھم ماليڪيول يا مرڪب به حاصل ڪيا ويندا آھن. تنھن ڪري ٻوٽا سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح کاڌو تيار نه ڪري سگھندڙ جاندارن لاءِ کاڌو فراھم ڪرڻ جو ذريعو آھن. انھيءَ ڪري ٻوٽن  کي ماحولياتي سرشتي ۾ کاڌو پيدا ڪندڙ (Producers) چئبو آھي.

ٻوٽا روشنائي ترڪيب وسيلي آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو چڪر فضا ۾ جاري رکن ٿا. روشنائي ترڪيب دوران ٻوٽا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ استعمال ڪن ٿا جنھن جي ڪري ماحول ۾ گرميءَ جي تپش گھٽبي آھي ۽ ماحول ٿڌو رھي ٿو. روشنائي ترڪيب جي عمل ۾ ٻوٽا آڪسيجن نيڪال ڪن ٿا ۽ جانور وري آڪسيجن  کي کاڌي جي ڀڃ ڊاھ لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٻيھر فضا ۾ نيڪال ڪن ٿا.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت